• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن

جواد رضا

سينيئر رڪن
25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن

صاعقه ناز


مال ۽ جان جي طلب آهي نه زر ۽ دنيا جي
مون کي طلب آهي ته صرف امن ۽ محبت جي
دستڪ جي نتيجي ۾ بند در جو کلڻ هڪ فطري عمل آهي، ڪنهن جي ڌرتي جيڪڏهن مسلسل دستڪ ٿيندي رهي ته اهو در ضرور کلندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا صدا، ڪو ويچار يا ڪو نظريو دستڪ ڏئي ته هن تي قوم کي لبيڪ چوڻ گهرجي ته اها ئي زندهه قومن جي نشاني آهي ته هو پنهنجي ذهنن کي، پنهنجي ويچار کي مثبت واٽ تي هلائيندا رهندا. اڄ پاڪستاني قوم جي ذهنن تي جيڪي ويچار ۽ نظريا دستڪ ڏئي رهيا آهن هي سچ تي مبني انقلاب جي دستڪ آهي. اڄ جيڪو ماڻهو انقلاب جو نويد کان هر عمل جسمن کي روح بخشي رهيو آهي، هو قوم جو عظيم پٽ، سنڌ ڌرتي جو بهادر پٽ ۽ وطن جو جانباز سپاهي آهي، جنهن جو نالو الطاف حسين آهي. بي شڪ قومن ۾ وڏي مشڪل سان اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جنهن کي قوم مسيحا ۽ مصلح قوم جو لقب ڏيندي آهي ۽ تاريخ هن جي زندگيءَ جي هر لمحي کي پنهنجي سنهري ورقن تي فڪر سان تحرير ڪندي آهي. دنيا جي انهن نالن ۾ هڪ نالو الطاف حسين جو پڻ آهي، جنهن جي زندگيءَ جهد مسلسل جو عنوان بڻجي چڪي آهي. اڄ ڀاءُ الطاف حسين قوم کي نجات ڏياريندڙ آهي، جنهن پنهنجي قوم جي بقا ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي دل ۽ گهر جا در هر هڪ لاءِ کولي ڇڏيا آهن. اوهان سڄي قوم کي هڪ ڪري ڪم ڪيو آهي، جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، قائد تحريڪ جن صوفيا اڪرام جي تعليم ۽ امن جي پيغام کي عام ڪيو آهي ۽ ملڪ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف سدائين آواز حق بلند ڪيو آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو وري هن سازشن جي خاتمي لاءِ ڀاءُ الطاف سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر قوم جي مظلومن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪرڻ لاءِ 25 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ هڪ عظيم الشان جلسي جو اهتمام ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله دنيا ڏسندي ته هي جلسو سڀني سازشن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو ۽ ان ڏينهن سنڌ واسي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ثابت ڪندا ته هو سازشي عنصرن جي منصوبن کي ناڪام ڪري سگهن ٿا. سنڌ واسين ملڪ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حق پرستائي تعليم ۽ انسان دوستيءَ جي فلسفي، امن ۽ ڀائيچاري کي واڌارو ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي امن، پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتي امن پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ واسي ملڪ جي سڀني قومن جو احترام ڪندا آهن ۽ اهو ئي اهو عمل آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ امن، ڀائيچاري، اخوت ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ حاصل ٿي سگهي ٿو. 25 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه جي جلسي ۾ سنڌ واسي اهو پيغام ڏيندا ته سنڌ ڌرتي شاهه لطيف، لعل شهباز قلندر ۽ سچل سرمست جي ڌرتي آهي ۽ هي ڌرتي پيار، امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي ۽ هتان هر قوميت سان تعلق رکندڙ ماڻهو پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهڻ چاهيندا آهن. ڀٽ شاهه جو جلسو ملڪ ۽ قوم جي هر ماڻهن جي وچ ۾ محبتن ۽ اخوت کي واڌارو ڏيندو، هي جلسو ملڪ ۽ قوم جي هر ماڻهوءَ کي پاڻ ۾ اتحاد، يڪجهتي، برداشت ۽ مروت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري هي ثابت ڪندي ته اسين ملڪ کان نفرت ۽ جهيڙي کي ختم ڪرڻ وارا محب وطن پاڪستاني آهيون ۽ اسين پيار، محبت ۽ اتحاد چاهيندا آهيون.

روزاني عوامي آواز تان ورتل
 
جواب: 25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن

ادا عمران الله خئير ڪري، باقي الطاف جي تاريخ ۽ سندس عمل ۽ پارٽيءَ جو رويو ته اڄ تائين سنڌ دشمن رهيو آهي ۔۔۔ هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا کائڻ جا ٻيا جي مصداق ڳالهه سنڌ جي ڪري سنڌين جي پٺيءَ ۾ تير هلائڻ واري روش ته ڏسڻ ۾ آئي آهي پر اڄ تائين سنڌي ۽ سنڌيت جي مد ۾ ڪا پيش رفت يا ڪو سچو رويو نظر نه آيو آهي ۔۔۔

چڙهندڙ سج جا پوڄاري ڀلا ڪٿي ٿا سورن ماري سنڌ ويچاريءَ جو درمان ٿين ۔۔۔ سنڌ کي ڪو بچائي سگهي ٿو ته خود سنڌي ۽ جي سنڌ کي ڪو نقصان پهچائي رهيو آهي ته خود سنڌي ۔۔۔ ڏسجي ته اها روش ڪيستائين هلي ٿي ۔۔۔

باقي واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ وارا اٻوجهه ماڻهن کي ڦرڻ جا نت نوان تجربا ڪري رهيا آهن ۔۔۔ الله خئير ڪندو ۔۔

سوچ جو مقام آهي ۔
 
جواب: 25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن

خبر ناهي شاه لطيف جي نگريء ۾ جلسو ڪرڻ سان ڪو سنڌي ٿيندو يا نه ؟؟؟؟

پر ڪالهوڪي تقرير مان اهو واضح هيو ته هي سنڌي ٿيڻ ئي نه ٿا چاهين۔ جيڪڏهن اوهان سندس (الطاف حسين جي ) تقرير ٻڌو ته هن هڪ جملو شروع ۾ ئي چيو هو ته مهاجر ۽ سنڌي ويجهو ٿي رهيا آهن۔

ڇا 60 سالن کان رهندڙ ماڻهو يا اهو جيڪو هتي پيدا ٿئي اهو مهاجر آهي ؟؟؟؟ جي نه ته پوء هو ڇو سنڌي نه ٿا سڏائن ؟؟؟ هو ڇو سنڌي نه ٿا سکن؟؟؟ صرف اجرڪ ڳچيء ۾ ويڙهي يا سنڌي ٽوپي پائڻ سان يا جاگيردارن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سان نه ئي ڪو سنڌي ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن جون دليون کٽي سگهي ٿو۔

جاگيردارن ۽ وڏيرن جو ظلم پنهنجي جاء تي پر شهرن ۾ به جاگيرداري پيا ڪن پر ان جو طريقو پنهنجو آهي۔ هاڻي صرف ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجه نه ٿو ٿي سگهي ۔ سنڌي ٿيڻ لاء سنڌي ٻولي سکڻي پوندي ۽ سنڌي ٿي رهڻو پوندو نه ڪي مهاجر۔
 
جواب: 25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن

ادا ان جلسي جو مقصد سنڌ جي اندرئين علائقن ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ‌ کان علاوهه ڪجهه به نه آهي، جهڙي طرح سنڌي اڳواڻن پوئين ٻن سالن ۾ ڪراچي ۾ لڳاتار ڪامياب جلسا ڪيا آهن (2009 نومبر ۾ سنڌين جا 3 جلسا ان جو مثال آهن) ان کان پوءِ شايد مهاجر اڳواڻن به اهو سوچيو ته ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص ۽ ٽنڊو الهيار ته اونئين سندن مرڪز ٿي چڪا آهن باقي رهيا سنڌ جا ڪجهه ڳاڻيٽي جيترا شهر، انهن ۾ وڃي پنهنجو اثر وڌائجي۔۔ بس ان لاءِ انهن کي ٻيو ڇا کپي فقط چند جلسا ڪرائيندا، پنهنجي رڪنيت وڌائيندا، جڏهن ته انهن جا يونٽ سنڌ جي شهر شهر ۾‌کليل آهن ۽ اهي سمورا يونٽ فعال پڻ‌ آهن، جيڪڏهن ڪي قومپرست انهيءَ‌ تي اعتراض ڪن ٿا ته انهن کي پئسا کارائي ماٺ ڪرايو وڃي ٿو۔۔۔
 
Back
Top