جواد رضا
سينيئر رڪن
25 ڊسمبر 2010ع ٻڌيءَ جو ڏينهن
صاعقه ناز
روزاني عوامي آواز تان ورتل
صاعقه ناز
مال ۽ جان جي طلب آهي نه زر ۽ دنيا جي
مون کي طلب آهي ته صرف امن ۽ محبت جي
دستڪ جي نتيجي ۾ بند در جو کلڻ هڪ فطري عمل آهي، ڪنهن جي ڌرتي جيڪڏهن مسلسل دستڪ ٿيندي رهي ته اهو در ضرور کلندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪا صدا، ڪو ويچار يا ڪو نظريو دستڪ ڏئي ته هن تي قوم کي لبيڪ چوڻ گهرجي ته اها ئي زندهه قومن جي نشاني آهي ته هو پنهنجي ذهنن کي، پنهنجي ويچار کي مثبت واٽ تي هلائيندا رهندا. اڄ پاڪستاني قوم جي ذهنن تي جيڪي ويچار ۽ نظريا دستڪ ڏئي رهيا آهن هي سچ تي مبني انقلاب جي دستڪ آهي. اڄ جيڪو ماڻهو انقلاب جو نويد کان هر عمل جسمن کي روح بخشي رهيو آهي، هو قوم جو عظيم پٽ، سنڌ ڌرتي جو بهادر پٽ ۽ وطن جو جانباز سپاهي آهي، جنهن جو نالو الطاف حسين آهي. بي شڪ قومن ۾ وڏي مشڪل سان اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا آهن، جنهن کي قوم مسيحا ۽ مصلح قوم جو لقب ڏيندي آهي ۽ تاريخ هن جي زندگيءَ جي هر لمحي کي پنهنجي سنهري ورقن تي فڪر سان تحرير ڪندي آهي. دنيا جي انهن نالن ۾ هڪ نالو الطاف حسين جو پڻ آهي، جنهن جي زندگيءَ جهد مسلسل جو عنوان بڻجي چڪي آهي. اڄ ڀاءُ الطاف حسين قوم کي نجات ڏياريندڙ آهي، جنهن پنهنجي قوم جي بقا ۽ سلامتي لاءِ پنهنجي دل ۽ گهر جا در هر هڪ لاءِ کولي ڇڏيا آهن. اوهان سڄي قوم کي هڪ ڪري ڪم ڪيو آهي، جنهن جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، قائد تحريڪ جن صوفيا اڪرام جي تعليم ۽ امن جي پيغام کي عام ڪيو آهي ۽ ملڪ جي خلاف ٿيندڙ سازشن جي خلاف سدائين آواز حق بلند ڪيو آهي ۽ اڄ هڪ ڀيرو وري هن سازشن جي خاتمي لاءِ ڀاءُ الطاف سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر قوم جي مظلومن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏ ڪرڻ لاءِ 25 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه ۾ هڪ عظيم الشان جلسي جو اهتمام ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله دنيا ڏسندي ته هي جلسو سڀني سازشن جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو ۽ ان ڏينهن سنڌ واسي اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪري ثابت ڪندا ته هو سازشي عنصرن جي منصوبن کي ناڪام ڪري سگهن ٿا. سنڌ واسين ملڪ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي حق پرستائي تعليم ۽ انسان دوستيءَ جي فلسفي، امن ۽ ڀائيچاري کي واڌارو ڏيڻ جو عزم ڪيو آهي. سنڌ ڌرتي امن، پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ڌرتي امن پيار ۽ محبت جي ڌرتي آهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ واسي ملڪ جي سڀني قومن جو احترام ڪندا آهن ۽ اهو ئي اهو عمل آهي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ امن، ڀائيچاري، اخوت ۽ قومي يڪجهتي کي فروغ حاصل ٿي سگهي ٿو. 25 ڊسمبر تي ڀٽ شاهه جي جلسي ۾ سنڌ واسي اهو پيغام ڏيندا ته سنڌ ڌرتي شاهه لطيف، لعل شهباز قلندر ۽ سچل سرمست جي ڌرتي آهي ۽ هي ڌرتي پيار، امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي ۽ هتان هر قوميت سان تعلق رکندڙ ماڻهو پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري سان گڏ رهڻ چاهيندا آهن. ڀٽ شاهه جو جلسو ملڪ ۽ قوم جي هر ماڻهن جي وچ ۾ محبتن ۽ اخوت کي واڌارو ڏيندو، هي جلسو ملڪ ۽ قوم جي هر ماڻهوءَ کي پاڻ ۾ اتحاد، يڪجهتي، برداشت ۽ مروت کي فروغ ڏيڻ لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو وري هي ثابت ڪندي ته اسين ملڪ کان نفرت ۽ جهيڙي کي ختم ڪرڻ وارا محب وطن پاڪستاني آهيون ۽ اسين پيار، محبت ۽ اتحاد چاهيندا آهيون.مون کي طلب آهي ته صرف امن ۽ محبت جي
روزاني عوامي آواز تان ورتل