چوندا آهن ته فنڪارن ، رانديگرن ، اديبن ۽ شاعرن جي لاء نه ته ڪي ٻوليء جون پابنديون هونديون آهن ۽ نه ئي وري ڪي سرحدن جون پابنديون هونديون آهن۔ اڄ شايد مان فورم جي قائدن کان هٽي ڪري هي ڌاڳو پيو موڪليان ، ڇو ته اڄ پنهنجي وقت جي اردوء جي تمام خوبصورت ۽ تمام وڏي شاعره پروين شاڪر ۽ ساڳي وقت اردو ۽ پنجابي ٻوليء جي تمام وڏي شاعر منير نيازيء جي به ورسي آهي۔
پروين شاڪر:
پروين شاڪر 24 نومبر 1952 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي۔ ڪراچي يونيورسٽيء مان 1972ع ۾ ايم اي انگريزي ۾ ايم اي لسانيات ۾ 1980 ع ۾ ڪيائين۔ 1982ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سڄي پاڪستان ۾ بي پوزيشن حاصل ڪيائين ۽ ڪسٽمز ۾ آفيسر مقرر ٿي۔
هن جي طبيعت ۾ غرور شروع کان ئي هيو جنهن جو سبب تمام گهڻي ذهانت، خوبصورتي ۽ اعلى شاعري هئا۔ سندس وڇوڙي واري شاعريء جي پويان سندس محبوب جو کيس دوکو ڏيڻ ۽ وري سندس مڙس کان طلاق پڻ هيا۔ شاعري ننڍي عمر کان ئي شاعري لکڻ شروع ڪئي۔ سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ” خوشبو “ 1976 ۾ ڇپيو جيڪو تمام گهڻو شهرت جو سبب بڻيو۔ ان کانپوء ”انڪار“ ، خودڪلامي ، غوشه چشم ۽ پوء ڪيترائي ڪتاب ڇپيا۔ سندس شاعري رومانوي قسم جي رهي جنهن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مشهور ٿي۔ 26 ڊسمبر 1994 تي اسلام آباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس وفات ٿي۔
پروين شاڪر جو غزل مهدي حسن جي آواز م
منير نيازي:
منير نيازي 19 اپريل 1928 ۾ خانپور هندستان م پيدا ٿيو ۔ ورهاڱي کانپوء پاڪستان جي شهر ساهيوال ۾ اچي رهيو۔ سندس سڃاڻ اردو ۽ پنجابيء جي وڏي شاعر طور آهي۔ منير نيازي ريڊيو، ٽي وي ۽ فلمن لاء لا تعداد گيت لکيا۔
سندس ڇپيل شاعري جي اردو مجموعن ۾ تيز هوا اور تنها فول ، جنگل ۾ ڌنڪ ، دشمنون ڪي درميان شام ۽ ماھِ منير گهڻو مشهور آهن۔ پنجابي مجموعن ۾ سفر دي رات ، چار چپ چيزان ۽ رسته دسڻ والي تاري گهڻو مشهور آهن۔
26 ڊسمبر 2006 ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائين
منير نيازيء جي شاعري ناهيد اختر جي آواز ۾ ڳايل

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: