پروين شاڪر ۽ منير نيازي جي ورسي

'مختلف موضوع' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چوندا آهن ته فنڪارن ، رانديگرن ، اديبن ۽ شاعرن جي لاء نه ته ڪي ٻوليء جون پابنديون هونديون آهن ۽ نه ئي وري ڪي سرحدن جون پابنديون هونديون آهن۔ اڄ شايد مان فورم جي قائدن کان هٽي ڪري هي ڌاڳو پيو موڪليان ، ڇو ته اڄ پنهنجي وقت جي اردوء جي تمام خوبصورت ۽ تمام وڏي شاعره پروين شاڪر ۽ ساڳي وقت اردو ۽ پنجابي ٻوليء جي تمام وڏي شاعر منير نيازيء جي به ورسي آهي۔

    پروين شاڪر:

    پروين شاڪر 24 نومبر 1952 ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿي۔ ڪراچي يونيورسٽيء مان 1972ع ۾ ايم اي انگريزي ۾ ايم اي لسانيات ۾ 1980 ع ۾ ڪيائين۔ 1982ع ۾ سي ايس ايس جي امتحان ۾ سڄي پاڪستان ۾ بي پوزيشن حاصل ڪيائين ۽ ڪسٽمز ۾ آفيسر مقرر ٿي۔

    هن جي طبيعت ۾ غرور شروع کان ئي هيو جنهن جو سبب تمام گهڻي ذهانت، خوبصورتي ۽ اعلى شاعري هئا۔ سندس وڇوڙي واري شاعريء جي پويان سندس محبوب جو کيس دوکو ڏيڻ ۽ وري سندس مڙس کان طلاق پڻ هيا۔ شاعري ننڍي عمر کان ئي شاعري لکڻ شروع ڪئي۔ سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ” خوشبو “ 1976 ۾ ڇپيو جيڪو تمام گهڻو شهرت جو سبب بڻيو۔ ان کانپوء ”انڪار“ ، خودڪلامي ، غوشه چشم ۽ پوء ڪيترائي ڪتاب ڇپيا۔ سندس شاعري رومانوي قسم جي رهي جنهن سبب نوجوانن ۾ گهڻو مشهور ٿي۔ 26 ڊسمبر 1994 تي اسلام آباد ۾ هڪ روڊ حادثي ۾ سندس وفات ٿي۔


    [​IMG]

    [​IMG]



    پروين شاڪر جو غزل مهدي حسن جي آواز م



    منير نيازي:

    منير نيازي 19 اپريل 1928 ۾ خانپور هندستان م پيدا ٿيو ۔ ورهاڱي کانپوء پاڪستان جي شهر ساهيوال ۾ اچي رهيو۔ سندس سڃاڻ اردو ۽ پنجابيء جي وڏي شاعر طور آهي۔ منير نيازي ريڊيو، ٽي وي ۽ فلمن لاء لا تعداد گيت لکيا۔

    سندس ڇپيل شاعري جي اردو مجموعن ۾ تيز هوا اور تنها فول ، جنگل ۾ ڌنڪ ، دشمنون ڪي درميان شام ۽ ماھِ منير گهڻو مشهور آهن۔ پنجابي مجموعن ۾ سفر دي رات ، چار چپ چيزان ۽ رسته دسڻ والي تاري گهڻو مشهور آهن۔

    26 ڊسمبر 2006 ۾ لاهور ۾ وفات ڪيائين


    [​IMG]

    [​IMG]

    منير نيازيء جي شاعري ناهيد اختر جي آواز ۾ ڳايل



     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏26 ڊسمبر 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پروين شاڪر ۽ منير نيازيء جي ورسي

    ادا اها سٺي ڳالھ آهي۔۔۔اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔اهڙي ڪوشش وقت سر ڪندا رهو ته جيئن اسانکي خبر پئي۔۔۔۔شيئر ڪرن جي مهرباني
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    ادا مان به پروين شاڪر جو وڏو فين آهيان
    هن جي شاعريء ۾ اهڙو مٺاڄ آهي جو پڙهندڙ يان ٻڌنڌڙ
    کي پاڻ ڏي موهي ٿو وجهي۔۔۔۔

    پروين شاڪر نوجوان نسل جي پسنديده شاعره آهي
    ڪيڏو نه خوب چيو اٿئين

    کيلون گي پيا ۾ پيار ڪي بازي،
    جيتون تو، تو ميرا هارون تو مين تيري

    ادا تمام سٺي ڄاڻ ڏني اٿو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پروين شاڪر ۽ منير نيازيء جي ورسي

    ادا عاشق اوهان جي مهرباني

    اتفاق آهي جو هنن ٻنهي وڏين شخصيتن جي ورسي به ساڳي ڏينهن تي آهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    پروين شاڪر جي شاعري واقعي اڻ مٽ ۽ منير نيازي به تمام وڏو شاعر

    ادا عرس مهرباني جو اڄ ڪله سنڌ سلامت کي سٺو ٽائيم پيو ڏين۔ لکي ٿو جيسين ادو طاهر واپس اچي تيسين ڇايو پيو هوندين۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    پروين شاڪر منهنجي به پسند جي شاعره آهي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    مهرباني

    اڄ وري پروين شاڪر جي ورسي آهي ۽ سندس شاعري پڙهڻ تي دل ڪري رهي آهي۔
     
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    هڪ بهترين شاعره جيڪا نوجون نسل ۾ اڄ به مقبول آهي

     
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    جواب: شاعريء جا ٻه وڏا نالا ۽ انهن جي اڄوڪي ڏينهن تي ورسي

    ادا تمام سٺي ڪاوش آهي مهرباني۔
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پروين شاڪر جي ياد

    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. وهاب جروار

    وهاب جروار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    154
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدر آباد
    ڪو به ڪو ڦهل گئي بات شناسائي ڪي
    اس ني خوشبو ڪي طرح ميري پذيرائي ڪي
    ڪيسي ڪهون ڪه اس ني ڇوڙِ ديا هي مجهه ڪو
    بات تو سچ هي مگر بات هي رسوائي ڪي۔
    وه جهان ڀي گيا لوٽا تو ميري پاس هي آيا
    بس يهي بات اڇي هي ميري هرجائي ڪي۔
    اس ني جلتي هوئي پيشاني په هاٿ رکا۔
    روح تڪ اتر گئي تاثير مسيحائي ڪي۔
    پروين شاڪر
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پروين شاڪر: عورتن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجمان شاعره

    [​IMG]
    عورتن جي جذبن ۽ احساسن جي ترجمان شاعره پروين شاڪر جي وڇوڙي کي اڄ 17 سال مڪمل ٿي ويا آهن. اڄ به شاعريءُ جو شوق رکندڙ طبقو پروين شاڪر کي وڏي چاهه سان پڙهي ٿو، هن جا مشهور شاعريءَ جا ڪتاب خوشبوءِ، خود ڪلامي، ماههِ تمام ۽ صدِ برگ اڄ به نوجوان طبقو هڪ ٻئي کي تحفي ۾ ڏئي رهيو آهي. ڪومل جذبن جي ڪومل شاعره پروين شاڪر کي زندگيءَ جي هر آسائش مليل هئڻ جي باوجود هن ڏُکن ڀري زندگي گذاري، سندس دل چِڪنا چور ٿي چڪي هئي، هن اندر جو احوال پنهنجي شاعريءَ ذريعي عوام آڏو آندو، ٿورڙي عرصي ۾ وڌيڪ عزت، شهرت ۽ دولت ماڻيندڙ شاعره پروين شاڪر ماهرِ تعليم هجڻ سان گڏوگڏ بيوروڪريٽ پڻ هئي. ريشمي زلفن واري، خوبصورت لفظن واري خوبصورت شاعره پروين شاڪر جي زندگي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايل هئي. هن کي ذاتي زندگيءَ ۾ مايوسيون مليون.

    بَها بَها ڪي يه آنسُو ، بِکر چُڪي هُون بهت،

    سِمٽ ڪي ذات مين اپني اب مُسڪرانا چاهتي هُون.

    پروين شاڪر 24 نومبر 1952ع ۾ ڪراچيءَ ۾ اک کولي ۽ ڪراچيءَ مان ئي هن ايم اي انگلش ڪئي، پڙهائيءَ دوران هن ڪيترين ئي ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪري ورتي، 1981ع ۾ هن سي ايس ايس جو امتحان ڏنو ۽ ٻي پوزيشن ماڻي ورتي ۽ ڪسٽم واري کاتي ۾ ملازمت ملي ويس ۽ آخر تائين ان سان لاڳاپيل رهي، هن پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪئي هئي پر اها گهڻو وقت هلي نه سگهي ۽ طلاق تائين پهتي، هن کي هڪ پٽ مراد علي آهي، جنهن سان تمام گهڻي محبت ڪندي هئي، ڇو ته هڪ ئي پٽ هئڻ ڪري لاڏلو هئس. هن پنهنجي پٽ کي وڏي عهدي تي ڏسڻ چاهيو پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو ۽ پنهنجي پٽ جون خوشيون ڏسي نه سگهي. پروين شاڪر 26 ڊسمبر 1996ع تي معمول موجب اسلام آباد ۾ مقرر ڪسٽم کاتي ۾ ڊپٽي ڪسٽمز جي عهدي تي مقرر هئي، ان وقت صبح جو هوءَ پنهنجي آفيس وڃي رهي هئي، ته اوچتو تيز رفتار بس هن جي ڪار سان ٽڪرائجي وئي، هن جو ڊرائيور ان وقت فوت ٿي ويو هو ۽ پاڻ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. هن کي ڪيترائي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾ انٽرنيشنل ايوارڊ، ادب ۾ صدارتي ايوارڊ، آدم جي، فيض احمد فيض ۽ ٻيا به ڪيترائي ايوارڊ مليا. هن جا هونئن ته شاعريءَ جا سڀ ڪتاب مشهور آهن، پر سندس شاعريءَ جو مجموعو ”خوشبوءِ“ اڄ به تمام گهڻو مقبول آهي، جنهن پوري ملڪ ۾ خوشبوءَ پکيڙي ڇڏي.

    مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    خوبصورت جذبن جي شاعرا جنهنجي شاعري کي اڄ به گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو