اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوچيم پي ته محترمه جي ورسيء تي ڪجه ونڊ ڪندس ، پر جڏهن لکڻ شروع ٿو ڪيان ته لفظ ساٿ ڪونه ٿا ڏين۔ محترمه کي پهريون دفعو ان وقت ڏٺو هوم ۽ ٻڌو هوم جڏهن فقير اقبال هيسباڻي جي شهادت تي 1986 يا 87 ۾ خيرپور کان سندس ڳوٺ تائين روڊ جو سفر ڪيو هئائين۔ روڊ جي ٻنهي پاسي صرف ماڻهو ئي ماڻهو هئا۔ مان ان وقت ستين ڪلاس ۾ پڙهندوهوس۔

    اڄ لکڻ چاهيان پيو پر لکي نه سگهيس۔ آڪاش انصاريء جي شاعريء سان کيس ڀيٽا پيو پيش ڪيا۔

    [​IMG]

    http://www.youtube.com/watch?v=J04HrNrvv3c
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين وساڻ صاحب

    تاريخ شاهد آهي ته محترمه جهڙيون هستيون ڪروڙن ۾ هڪ اڌ ئي پيدا ٿينديون آهن

    اسان کي محترمه جي شهادت تي ڏاڍو ڏک رنج ۽ غم آهي

    مون کي اهي لفظ ئي نه ٿا ملن جو مان محترمه کي ڀيٽا ڏئي سگهان

    محترمه جي ورسي جي حوالي سان توهان سٺو ٿريڊ اسٽارٽ ڪيو آهي

    مهرباني

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    [justify]ادا وساڻ، آ ان نڀاڳي ڏينهن تي ڀيڻ جي اها آخري تقرير جيڪا راولپنڊي ۾ ڪئي هيائين سا براهه راست ڏسي رهيو هيس، پر ڏسندي ڏسندي ڀيڻ اسانکان موڪلائي وئي ۽ ائين لڳو ڄڻ ڪو هيرو هٿن مان ڪري پيو هجي، ائين لڳو ڄڻ ته سنڌ جو مستقبل تاريڪ ٿي ويو هجي، ائين لڳو ڄڻ ڪا ما ابهم ٻچڙن کي ٿڃ پيئاريندي الوداع چيو هجي، ائين لڳو ڄڻ ته اسانجون راهو گم ٿي ويون آهن ۔۔۔

    ۽ منهنجا دوست وساڻ
    اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، نڙي ۾ هڪ عجيب سور پئدا ٿيو جنهنجو ذائقو اڄ تائين تازو آهي ۔۔۔

    دوست وساڻ! اسان سڀني جي سامهون اهي منظر آهن ۽ ڀيڻ جي تصوير آهي ۽ قاتل موجود آهن ۔۔۔ انکان وڌيڪ بيچيني ڪهڙي ٿيندي ۔۔۔ سنڌ اها ئي سورن ۾ ۔۔۔ سنڌ اها ئي واڳن جي وات ۾ ۔۔۔ سنڌ اها ئي يتيم ۔۔۔

    اسانجي حالت ان بيمار جيئان آهي، جنهن جي بيماري جو علاج ته موجود هجي پر پهچ کان پري ۔۔۔

    اندر جي اڻ تڻ آهي جا وڃي ٿي وڌندي ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔

    ڇا چئي ڇا چوان ۔۔۔

    رب العالمين ڀيڻ کي جنت الفردوس ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين
    [/justify]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا ڦلپوٽه مهرباني

    شهيد محترمه جو وڇوڙو هڪ وڏو خال آهي ۔ اهڙين شخصيتن کانسواء پارٽيون ملڪ ڪيئن هلندا۔ هاڻي ته بس شاه لطيف جي هن بيت وارو ڪم آهي

    ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو

    دعا آهي ته رب پاڪ محترمه کي جنت نصيب ڪري ۔۔۔۔۔ آمين
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين نثار مهرباني

    مان به ان ڏينهن پنهنجي ڳوٺ خيرپور ۾ هئس ۽ اها تقرير براه راست ڏسي رهيو هوس۔ تقرير ختم ٿيڻ کانپوء مان جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته ڪجه دير کان پوء اها منحوس خبر فون تي ملي ۽‌بس پوء ڳوڙها هئا ۽ مايوسي هئي۔

    وَڍِيءَ سي واڍوڙِيا، رَتُ نه ڏِٺو جن؛
    موتُ قَبوليو تن، ڏِٺو جن ڏُکِيءَ کي

    سنڌ ٻري رهي هئي، گلشن اجڙي چڪو هو ، ڇپر ۽ ڇانو هٽي چڪي هئي ۽ اميدون دم ٽوڙي چڪيون هيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دعا آهي ته رب پاڪ ڀيڻ شهيد بينظير کي بهشت ۾ جايون عطا ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ادا شهيد راڻيء جو خال ڪڏهن به ڀهرجي نه سگهندو

    سنڌ دشمن قوتن اسان سڀني کي يتيم ڪري ڇڏيو

    ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ جو مستقبل تاريڪ ٿي ويو هجي،

    ادا الله کيس جنت م جاء ڏئيس۔۔
     
  7. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين محترمه کي سلام

    اوهان واه جي ڀيٽا ڏني آهي شهيد کي۔ سائين زبردست
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين سليمان وساڻ صاحب تمام بهترين ڪوشش۔۔۔سان اوهان محترمه کي پيٽا پيش ڪئي آهي۔۔۔ مان محترمه کي 2007 ۾مدئجي روڊ تي ڏٺو،، محترمه مدئجي ۽ سکر روڊ تي 10 منٽ پڻ ڳالهايو۔۔۔جن مان ڪجھ لفظ ته وسري ويا آهن،،،،،باقي هي لفظ ياد آهن (مجهي بلاول اور بختاور آصفه ٽينو بچون ني کها کي امي هماري ساٿ عيد کرو، مگر مين ني ان کو کهان کي ۾ اپني سنڌ کي بهائيون کي ساٿ عيد کرون گي) ان وقت مون ايڏي رش هجڻ جي باوجود به مان رش کي ڪراس ڪري وڃي محترمه جي گاڏي جي ڀرسان بيهي محترمه جي تقرير ٻُڌي۔۔۔۔۽ پهريون دفعو۔​
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    يار عرس اوهان جي ڳاله صحيح آهي

    هن وقت ته پاڻ کي يتيم ئي ٿا سمجهون۔ سنڌ ٻڏي رهي آهي پر هنن يارن کي پرواه ئي ناهي۔ محترمه جي صرف اميد ۽ آسرو اسان لاء گهڻو ڪجه هئي
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڀاء عاشق مهرباني

    يار محترمه کي ته گهڻو ئي ٻڌوسين ۽ ڏٺوسين۔ ڇا سندس ڳالهائڻ ۾ سحر هوندو هو جو ماڻهو ٻڌندو ئي رهي ؟ ڇا ته سندس ڄاڻ هوندي هئي ۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان خوش نصيب آهيو جو اوهان به محترمه کي سامهون ڏٺو ۽ ٻڌو
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اسان جي مئاسين سفر ۾ او ساٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سائين مهرباني

    محترمه کي اسان ڪهڙي ڀيٽا ڏئي سگهنداسون ۔۔۔هن ته اسان لاء جان جو نطرانو ڏئي ڇڏيو۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو