• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باجوڙ ايجنسي ۾ عورت بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 44 ڄڻا مارجي ويا،72 زخمي

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
باجوڙ ايجنسي جي هيڊ ڪوارٽر خار ۾ سول ڪالوني چيڪ پوسٽ ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٽن ليويز اهلڪارن سميت 44 ماڻهو مارجي ويا ۽ 72 ڄڻا زخمي ٿي پيا، آپگهاتي بمبار ناري گرنيڊ حملي کانپوءِ پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو. باجوڙ ايجنسي جي عملدارن موجب خار ۾ دهشتگردي کان متاٿر ٿيل خاندان ورلڊ فوڊ پروگرام جي آفيس سامهون راشن وٺڻ لاءِ قطار ۾ بيٺل هئا ته انهي دوران هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ميڊيا رپورٽ موجب 23 سالن جي ناري چيڪ پوسٽ تي مامور ليويز جي اهلڪارن تي هينڊ گرنيڊز سان حملو ڪيو بعد ۾پاڻ کي زوردار ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ورلڊ فوڊ پروگرام جي آفيس ٻاهران موجود 44 ماڻهو مارجي ويا ۽ 72 ڄڻا زخمي پيا، زخمين کي خار ۽ تيمرگره اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سخت زخمي ٿيلن کي پشاور جي مختلف اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو، هڪ سرڪاري اهلڪار موجب آپگهاتي بمبار عورت جو لاش ٽڪر ٽڪر ٿي ويو، مقامي انتظاميه جي اهلڪارن لاش جا ٽڪر گڏ ڪري قبضي ۾ ورتا، ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، ڪجهه زخمين جي اسپتالن ۾ حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي، جنهن سبب وڌيڪ زخمي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. هڪ اهلڪار موجب ڪالهه سلارزئي قبيلي ۾ دهشتگردي کان متاثر ٿيل ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ جو ڏينهن مقرر ڪيل هو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين سان سندن ارادا ڪامياب نه ٿيندا، ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي، وزيراعظم واقعي جي فوري طور تي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ زخمين کي هر ممڪن طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ پڻ باجوڙ ڌماڪي جي مذمت ڪندي خيبر پختونخواهه حڪومت کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ، اسپيڪر قومي اسيمبلي فهميده مرزا، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، وفاقي وزير دفاع چوڌري احمد مختار، نواز شريف، مولانا فضل الرحمان، الطاف حسين، عمران خان، سيد منور حسن، چوڌري سجاعت حسين، سليم سيف الله ۽ ٻين اڳواڻن واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.


روزانه عبرت جي ٿورن سان
 
جواب: باجوڙ ايجنسي ۾ عورت بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 44 ڄڻا مارجي ويا،72 زخمي

ادا اسانجي ملڪ مان الائي ڪڏهن هي خودڪش حملا ختم ٿيندا

ء اسان جو عوام سک جو ساهه کڻندو

بس دعا ئي ڪري سگهجي ٿي
 
جواب: باجوڙ ايجنسي ۾ عورت بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 44 ڄڻا مارجي ويا،72 زخمي

الله سڀني کي پنهنجي پناھ ۾ رکي۔۔۔باقي ڳالھ ڏينهون ڏينهن ڳاٽي کان ڇڙهندي ٿي وڃي۔
 
جواب: باجوڙ ايجنسي ۾ عورت بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 44 ڄڻا مارجي ويا،72 زخمي

ٻارن کان پوءِ هاڻي عورتن کي انهن طالبانين پنهنجي مقاصد لاءِ‌ استعمال ڪرڻ‌شروع ڪيو آهي۔۔۔​
 
جواب: باجوڙ ايجنسي ۾ عورت بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، 44 ڄڻا مارجي ويا،72 زخمي

بس ادا الله سائين رحم ڪندو .
 
Back
Top