• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀيڻ بينظير کي سرخ سلام

نثارابڙو

نائب منتظم
[]دوستو، اڄ 27 ڊسمبر، سنڌ جي راڻي بينظير جي شهادت جو ڏينهن آهي، سوچيم ڇون سنڌ جي ڀيڻ کي سلام ڪجي ۽ انجي ڏک ۾ اندر جي باهه ڪڍجي ۔۔۔؟ حاضر آهي ڀيٽآ ۔۔۔ نثار ابڙو
************************[/
]​

شهيد راڻي کي سرخ سلام​

شهيد راڻي سنڌ جي تاريخ جي سورمي آهي ۽ اسين سنڌ جي راڻيءَ جي شهادت تي نه فقط غمگين آهيون بلڪه فڪرمند به آهيون ته ايتريون وڏيون شخصيتون ڪي سالن ۾ نه پر صدين ۾ پئدا ٿينديون آهن ۔۔۔ ۽ اسان سنڌي ماڻهون اهڙيون شخصيتون مارائي ويٺا واڳونءَ وارا ڳوڙها ڳاڙيون ...

ڇا ڪٿي ائين ته ناهي ته اسين سنڌي قوم جي حيثيت سان انهن ّشخصيتن کي سنڀالي نه سگهياسون يا وري انهن شخصيتن جي رهنمائي ڪري نه سگهياسون ته آخر اسانکي گهرجي ڇاٿو؟ يا وري سنڌ جي مقصد کي واضح ڪري نه سگهيا آهيون يا وري سنڌ جي ڪا منزل طع ڪري نه سگهيا آهيون، جنهن سبب اسانجا ڏاها پڻ ڪنهن اهڙي رڻ جا راهي ٿين ٿا جنهنجو انت موت آهي ...؟

ڇاڪاڻ سياسي اڳواڻ، سماجي ڏاها يا وري قومي مفڪر قوم جي ضرورتن کي ڏسي ئي اڳتي وڌندا آهن، پر جڏهن قوم جي ڪا ضرورت ئي نه هجي، انجي ڪا خواهش ئي نه هجي، قوم ڪو مقصد ئي نه رکندي هجي ته پوءِ ڏاها، مفڪر ۽ اڳواڻ پڻ بي واها ۽ بي وارثيا ٿي پوندا آهن ۽ انهنجا لاش ئي نصيب ٿيندا آهن۔۔۔

سنڌ پاڪستان جي ٺهڻ ۾ ڇا ڇا نه ڪيو آهي؟ ڪهڙي قرباني آهي جا نه ڏني آهي؟ پر پاڪستان موٽ ۾ سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟

ڏاهن، مفڪرن ۽ اڳواڻن جا لاش، اقتصادي گهوٽاله، شهرن تي قبضا ۽ انهن مان سنڌين جي نيڪالي، سنڌ جا مالي وسيلا ائين گم ڪيا وڃنٿا جو خبر ئي نه ٿي پوي ته سنڌ مان ڪا آمدني به ٿي هئي ۔۔۔ سنڌ جي معدنيات يا ته ڌاريا کڻي وڃنٿا يا وري انهن جو استعمال غلط هٿن ۾ اچي سنڌ کان علاوه سڀني کي فائدو ٿئي ٿو پر سنڌ اتي جو اتي آهي ...سنڌ جو نوجوان ڊگريون بگل ۾ ڪري وڏين آفيسن ۾ وڃن ٿا جت انٽرويو وٺڻ وارا به ڌاريا ته نوڪرين جا مالڪ به ٻيا، اسان وارا نوجوان بي واها ٿي واپس اچي گهر ويهن ٿا يا دوستن سان ويهي نشو پتو ڪري غم غلط ڪنٿا. تعليم تباهه ڪئي وئي آهي، صحت جا ادارا بلڪل ناڪاره ۽ ڪنهن ڪم جا ناهن، عدالتون انصاف ڪرڻ جي بجاءِ نوٽن ٺاهڻ جون مشينون آهن، جنهن سبب بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ قائم آهي... مذهبي ۽ سماجي ادارا واٽون ويهه ٿيون واري روش اختيار ڪري قوم جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن ... مطلب ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اڄ تائين سنڌ ۽ سنڌين کي ڇا مليو آهي؟ انجو جواب ڏيڻ لاءِ ڪو تيار ناهي ...؟

قومون هميشه پنهنجا مقصد واضح ڪنديون آهن ته انهن مان اڳواڻ به اهڙا ئي نڪرندا آهن جيڪي ان مقصد جي طرف وٺي وڃڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن، قومون جڏهن فڪري ترقي ڪنديون آهن ته انهن مان پئدا ٿيندڙ انسان پڻ ان فڪر جي رنگ ۾ رنگيل هوندا آهن، سنڌ جي ڀتن تي ڌاريا نه کپن جو نعرو ڪيترن سالن کان لکيل نظر اچي ٿو پر اڄ تائين دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڌارين جا لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿين ٿا، سنڌ جون ڀتيون گواهه آهن ته سنڌين کي نوڪريون ڏنيو وڃن پر اڄ به هر اداري ۾ ٻه يا ٽي سنڌي آهن باقي ڌارين کي ڀريو پيو وڃي، سنڌ ين جو مطالبو رهيو آهي ته سنڌ ۾ سنڌي بولي رائج ڪئي وڃي پر اڄ به ڌاريون ٻوليون راڄ ڪري رهيون آهن ۽ سنڌي ٻولي ڏينهن به ڏينهن پوئتي ٿيندي وڃي ... سنڌ جي شهرن ۾ سنڌين کي وسائڻ جي ڳالهه ته ٿئي ٿي پر اڄ به سنڌ جا شهر ڌارين جي قبضي ۾ آهن ۽ سندن اهو قبضو ڏينهن به ڏينهن گهرو ۽ سگهارو ٿئي ٿو ...

ڪا ڳالهه ته آهي، سنڌين ۾ ڪي ڪوتاهيون ۽ اوڻايون ته آهن جو هي ڏاها، هي مفڪر، هي سورما سنڌ جي سرزمين تي قبرن ۽ مقبرن جي صورت ۾ پئجي رهيا آهن. ۽ اسين ورسيون ۽ ڏهاڙا ملهائيندي، ڪربلائي ظلمن تي ماتم ڪندي نظر ايندا آهيون. شايد اسانجي ناچاڪائي ۽ ايڪي نه هجڻ سبب يا وري اسانجي نظرين جي ڪوتاهين سبب يا وري اسانجي پنهنجي اندروني ڪمزوريءَ سبب ...؟؟؟

اچو ته سنڌ جي راهه ۽ منزل واضح ڪريون، اچو ته سنڌ جي سگهه ۽ انجو استعمال پنهنجن هٿن ۾ کڻون ته جيئن سنڌ جي دشمنن کي سنڌ جي ڏاهن ۽ مفڪرن کي شهيد ڪرڻ جي جرآت نه ٿئي ... تاريخ اسانکي ڪڏهن معاف نه ڪندي، تاريخ جا ورق لکبا رهبا ۽ جي اسين ان تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي ڪا سورهيائي يا پنهنجي ڪا سگهه واضح ڪري نه سگهياسون ته تاريخ ۾ اهو ئي لکبو ته سنڌ ۾ ڪا قوم هوندي هئي جا سنڌي ڳالهائيندي هئي پر انهن جي پنهنجين ئي ناچاڪائين سبب هو ختم ٿي ويا ۽ مٿن ٻيون قومون حاوي ٿي ويون ...

جيئن دراوڙن کي آرين اچي ختم ڪيو، جيئن ڳاڙهن هندستانين کي آمريڪا ۾ ختم ڪيو ويو آهي، جيئن ٻيون به ڪيتريون قومون تاريخ جي ورقن ۾ ئي رهجي ويون آهن بلڪل ساڳيءَ طرح سنڌين جي حالت به ٿي سگهي ٿي ... ڪا ڳالهه ناممڪن ناهي هوندي ... اچو ته وقت جي هوائن ۾ گوجندڙ آواز ٻڌون ۽ سنڌ کي پنهنجو جائز مقام ڏياري پنهنجو فرض نڀايون ۽ سنڌ ۾ قبرن ۽ مقبرن جي وڌندڙ تعداد کي ڪنهن حد ۾ رکون ...

”قومن جي حالت رب العالمين به نٿو مٽائي جيڪي قومون پنهنجي حالت پاڻ نٿيون مٽائن “

همٿ مردان مدد خدا ...
 
جواب: ڀيڻ بينظير کي سرخ سلام

شهيد محترمه کي سندس شهادت ڏهاڙي تي سلام پيا پيش ڪيون۔ سموري سنڌ هن غم ۾ شامل آهي۔ ڪي پيادل ته ڪي سوارين ۾ ، هيڏي ٿڌ هوندي پوري ملڪ مان ماڻهن جا ڪٽڪ اچي سندس شهادت جي ڏينهن سندس مزار تي سلامي ڀرڻ لاء ڪٺا ٿيا آهن۔

سارِي راتِ سُبحانُ، جاڳِي جن ياد ڪيو؛
اُنِ جِيَ، عَبۡدُاللَطِيفُ چئي، مِٽِيءَ لڌو مانُ؛
ڪوڙين ڪَن سَلامُ، آڳَہِ اَچيو اُنِ جي


”قومن جي حالت رب العالمين به نٿو مٽائي جيڪي قومون پنهنجي حالت پاڻ نٿيون مٽائن “

اوهان جي مٿين ڳاله سان سهمت آهيان۔ پر اسان عظيم هستيون وڃائي ويٺا آهيون۔۔۔۔۔۔

دعا آهي ته رب پاڪ محترمه کي جنت الفردوس عطا ڪري
 
جواب: ڀيڻ بينظير کي سرخ سلام

اسان جي سنڌ ڌرتي زرخيز آهي، هن زمين جي مٽي سدائين سون جهڙن ماڻهن کي جنم ڏنو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان انهن جو قدر نه ڪيو، مان هڪ تاريخي ڳالهه هتي ورجائيندس ته اسان مرده پرستي جا ماهر ٿي ويا آهيون، جيئري ان هستيءَ جي قدر نه ڪنداسين پر مرڻ‌کان پوءِ ان جي نالي جي تسبيح پيا پڙهنداسين۔۔
جيستائين عوام غفلت جي ننڊ مان سجاڳ نه ٿيندو، اهڙا لکيڻا ماڻهو مٽيءَ‌ جي حوالي ٿيندا رهنداسين ۽ اسان جي قوم انهن شهيدن جي شهادت سان گڏ پنهنجي قسمت تي پڻ ماتم ڪندي رهندي۔۔​
 
جواب: ڀيڻ بينظير کي سرخ سلام

ادا واقعن محترمه هڪ شيء اهڙي هئي جنهن جنهن رڳو اسان افسوس ئي ڪري ٿا سگهون ۔
 
Back
Top