مصري شاھ رضوي جي شاعري ۾ آيل ماڳن ٻوٽن وغيره جو بيان

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2010۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    ڪافين جو بادشاهه مصري شاهه رضوي جڏهن 25 سالن جو هو ته هڪ اهڙو اشارو ٿين جو هي ماڳ ڇڏي سفر تي راهي ٿيا اهو سفر سورنهن سالن جو هو جنهن ۾ پاڻ جوڌپور جيسلمير هنگلاج گرنار ٿر وغيره جي علائقن ۾ جوڳين سنياسين سان روح رهاڻيون ڪيون چلا ڪٽيا اتي جي هر ماحول جو غور سان مشاهدو ڪيو جنهن جو ذڪر سندس شاعري ۾ ملي ٿو سندن شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه چيو وڃي ٿو جنهن ۾ رب تعالى جي ذڪر پياري نبي حضرت محّمد صلي الله عليه وآله وسلم جي تعريف ڪيل آهي اتي ٻين نبين جو ذڪر ڪيل آهي . سندس شاعري ۾ حضرت سليمانؑ ، حضرت يوسفؑ ، حضرت آدم ؑ حضرت موسى ؑ ، حضرت علي ؒ ،حضرت نوح ؑ ،حضرت ادريس ؑ حضرت عيسى ؑ حضرت هارون ؑ حضرت ابراهيم ؑ حضرت اسماعيل ؑ ، شيخ حسن ، افلاطون ، فرعون ، حڪيم لقمان گنگا رام سڪندر ، احمر ،رستم مخمور، منصور، ڄام ، ناتر ،ليلان ،چنيسر ، سسئي ، مارئي ،سهڻي ، ناتر ، عمر سومرووغيره جا نالا آيل آهن اتي ٻوٽن جانورن ۽ پکين جو ذڪر آهي جنهن ۾ اٺ جنهن کي ڪنواٽ ،نانگ ، پتنگ ،ڪونج ، ٻڪري ، شينهن ، گھوڙو ، توڏو ، ڏونرا ، ڪمند، گل ، ٿوهر ، موڪ ، مريڙو ، ساڳ ، ڳم ، ڳاڱيون ، ڳنڍير ، لنب ، للر ، ڊامڻ ، کنڀيون ، ڪانگ ، ٻٻر ، ڄار ، ليار وغيره جو به ڪافي جاين تي بيان آهي . چوويهه ڪلاڪن ۾ مختلف وقت هوندا آهن انهن مان شام ، سحر ، پرڀات ، فجر ، چوماسيو جو بيان آهي ذاتين جي نالن ۾ پالاري ، لاکا ، جکرا ، سومرا ۽ عاد ثمود قوم جو ذڪر آهي مصري شاهه جنهن هر جڳهه جو غور ۽ فخر سان مشاهدو ڪيو آهي اتي جي حالتن ۽ واقعن کي پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪيو آهي سندس شاعري ۾ مختلف ماڳن ۽ جاين جو ذڪر ملي ٿو جيئن هنگلاج ، سنڌ ، ملتان ، سکر .ٿر، ڪيچ ،قلات ، مشهد ، خراسان ، هرات ، پورب ، ڀنڀور ، ڪربلا ، بر ، ايران اصفهان ، مدينو شريف مڪو شريف ، ملير ، جاين ۾ مسجد ، ڪعبة الله ، ميخانو ، مندر ، حويلي ، چنو ، باغ فردوس ، قبرستان ، عدن ، ڏونگر ، اوطاق وغيره مصري شاهه جي شاعري ۾ هڪ هنڌ طاعون جي بيماري جو ذڪر آهي چون ٿا اها بيماري نصرپور ۾ به آئي پر مصري شاهه نصرپور کي ڇڏيو ۽ چيو ته هتان هلڻ سان بچي پئجي پر مرشد جي نيلن جي ڇانءُ ڪٿي به ڪانه ملندي ،مصري شاه جي شاعري ۾ ابجد جي ستارن مان سنبله ۽ سرطان جو به بيان آهي ، جسم جي مختلف عضون ڳل ،رخسار ، اکڙين ، زلف ، جگر ۽ جيرو جو بيان ۽ استعمال جي شين ۾ ارٽ ، شيشو ، گلم ، مهار ، مرجان ، زهر ، ماکي پيالو ، ڪمان ، ڏيج ، نغارو ، کنڊ، واري ، زنجير جو بيان آهي . خوشبوءِ جيڪا ذهن کي معطر ڪري ڇڏيندي آهي مصري شاهه جي شاعري ۾ مشڪ مهندي ۽ عطر جو به استعمال ڪيو ويو آهي .مصري شاهه مينهن جي پاڻي پلر ، مهراڻ ،گنگا ۽ چشمن جو ذڪر ڪيو آهي ، لباس سان انسان جي سونهن هوندي آهي مصري شاهه جي شاعري ۾ ڳانن ، هار ، ڇاندي ، سون ، رپو لعل ، گھونگھت ، شال ۽ نقاب بابت به آيل آهي مصري شاهه جيڪو سفر ڪيو ان دوران هن مختلف ڌنڌن کي غور سان ڏٺو انهن کي پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪري ڇڏيو مصري شاهه جي شاعري ۾ ساهڙ ، خليفا ، معلم ، ڪامل ، ڪاتب ، قاري ، ميهار ، طبيب ، ۽ ڪائنات ۾ موجود ڪڪرن ، ستارن شمس ، قمر ، مينهن ، کنوڻ وغيره جو به ذڪر آيل . ڪافين جي بادشاهه پنهنجي سورنهن سالن جي سفر جي دوران هر شيءِ واقعي ، ماڳ مڪان جو مشاهدو ڪيو آهي جيڪڏهن سندن شاعري کي غور سان ويهي پڙهجي ته اسان کي ڪيترن ئي شين جي ڄاڻ ملي شگي خاص ڪري ٿر ۽ بر جي علائقي ۾ پلر جي پاڻي تي جيڪي ٻوٽا ۽ ساڳ ٿين ٿا انهن بابت معلومات ملي سگھي ٿي . تنهن ڪري اسان کي مصري شاهه جي شاعري تي هڪ جامع تحقيق ڪرڻ گھرجي جيئن ان مان آيل ڄاڻ مان اسان لاڀ پرائي سگھون .
     
  2. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: مصري شاھ رضوي جي شاعري ۾ آيل ماڳن ٻوٽن وغيره جو بيان

    مون ڪوشش ڪئي آهي ته مصري شاھ جي شاعري ۾ جيڪي ماڳ مڪان شهر وغيره آيل آهن انهن کي لکان ڪوشش جي باوجود ڪافي شيون رهجي ويون آهن مصري شاھ پنهنجي سفر دوران ڪافي شين جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: مصري شاھ رضوي جي شاعري ۾ آيل ماڳن ٻوٽن وغيره جو بيان

    بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو