• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2011 شيخ اياز جو سال

رضوان گل۔

سينيئر رڪن
2011
شيخ اياز جو سال​

سنڌ جي مڙني شاعرن، ڪهاڻيڪارن، ڪالم نگارن، ايڊيٽرس، پبلشرز، ويب سائيٽس سنڀاليندڙن ۽ ٻين مڙني ساڃاهه وندن کي سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران دعوت ڏجي ٿي ته سال 2011 کي ”شيخ اياز جي سال“ طور ملهائن.

ان سلسلي ۾ مختلف رسالن جا ”شيخ اياز نمبر“ ۽ ويب سائيٽس تي خاص صفحا ترتيب ڏنا ويندا.

255n9mq.jpg
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

رضوان گل صاحب جي هن دعوت سان سهمت ٿيندي اهو چئبو ته سنڌ جي اديبن، مفڪرن ۽ ڏاهن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو هڪ سهڻو عمل آهي، اسين سنڌ سلامت پاران، رضوان گل جي معرفت سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي پاران ڏنل دعوت جي مان ۾ شيخ اياز تي مختلف ليک ونڊ ڪنداسون ۽ انجي ڪلام کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ ملهائينداسون ۔۔۔ انشاء الله

سال 2011 کي ”شيخ اياز جي سال“ طور ملهائڻ جي سلسلي ۾ اوهان اسانجي رهنمائي ڪندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن به قسم جي ڪنهن سهڪار جي ضرورت پوي ته اسين دوست دلي خلوص سان شامل ٿينداسون.

سلام آهي اهڙن ادارن ۽ شخصيتن کي جي حب الوطنيءَ جو عملي ثبوت ڏيندي پاڻ ملهائيندا آهن ۔۔۔ ۽
دوست سڏائي سڀڪو جاني زبـــــاني،
ٿئي آساني ڪم پوي ته ڪل پوي۔
واري هدايت تي پورو لهندا آهن۔

اچو ته سنڌ ۽ سنڌيت کي عام ڪريو ۽ قومي جاڳرتا جي عمل ۾ پاڻ ملهايون ۔۔۔

رب العالمين سنڌين جي حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

تمام سٺي سهڻي ڪوشش آهي سائين سنڌ جي ڏاهن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ

الله تعالى توهان جي محنت کي ڪامياب ڪري

سدائين گڏ
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

سائين رضوان گل صاحب مهرباني

سنڌ جي هن فڪر واري مهم ۾ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان اوهان سان گڏ آهيون۔ شيخ اياز سنڌ جو مهان ڏات ڌڻي جنهن اسان کي فڪر ڏنو ۽ نئين سوچ ڏني اوهان ان شخصيت جي نالي سال 2011 ڪيو آهي ،اوهان جس لهڻو۔

164105_1773364092111_1179567033_32142344_2208778_n.jpg
 
wbz6go.jpg


شيخ اياز سال

سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر ادل سومري جي مهان ڪوي شيخ اياز جي حوالي سان لکيل وائي​
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

واه سائين رضوان گل اوهانجو ڪم ته ماشاء الله نظر نه لڳي، شيخ اياز صاحب جي شاعري ته پنهنجي جا ته مفڪرانه آهي ئي پر اوهانجي پيش ڪرڻ جو ڏان به گهٽ ناهي ۔۔۔

هڪ شعر ۾ چيو ويو ته هڪ شاعر مري ٿو ته ٻيو شاعر ايئن پئدا ٿئي ٿو جيئن ڪپيل ڪمند جي ڪوپن مان ٻيو ڪمند نڪري نروار ٿئي ٿو ۔۔۔ بلڪل ساڳئي طرح شاعر به هڪٻئي جو تسلسل هجن ٿا ۔۔۔

اسانجي سامهون اسانجا بزرگ شاعر جن ۾ عبدالڪريم بلڙي کان وٺي اڄ تائين جا شاعر اچي وڃن ٿا، غور سان پڙهبو ته سڀني جو فڪر ساڳيو، سڀني جي ٻولي ساڳي ۽ سڀني جو انداز ساڳيو ئي نظر اچي ٿو، ها ڪٿي ڪي ڪچ ڦڪايون يا شخصي اثرات سبب ڪي اوڻايون آهن، باقي ڳالهه ساڳي صدين جي صدا آهي ۔۔۔

رب اوهانکي سنڌ ۽ سنڌيت لا پاڻ پتوڙڻ جي همٿ عطا ڪري ۔۔۔ آمين
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

ادا رضوان گل صاحب مهرباني

اوهان جون بهترين ڪوششون
 
جواب: 2011 شيخ اياز جو سال

سائين رضوان گل صاحب اوهان کي به نئون سال مبارڪ
 
Back
Top