رضوان گل۔
سينيئر رڪن

اصل نالو: رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ
ادبي نالو: رضوان گل
جنم 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو
ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا: شاعر ،ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار
تعليم: ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
ڪرت؛ ليڪچرار، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو
تعليمي ذميواريون:
ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز
علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرجوئيٽ ڪلاسز
مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر
تحقيقي ڪم: لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽاهي بابت تحقيق
مختلف تنظيمن سان وابستگي:
سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز
ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو
ايڊيٽر ” جيو مئگ“
ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن
ڇپيل ڪتاب:
(1) ۔ ”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو
(2) ۔ ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،
روزاني ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”جاڳو“ ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.
ايوارڊ:
1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
پاران: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ
2. بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
3. بهترين ڪهاڻيڪار جي سنَد، سنڌي ادبي سنگت قمبر