تعارف

'تعارف' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2010۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    [​IMG]

    اصل نالو: رضوان الحق ولد ڊاڪٽر بشير احمد پٺاڻ

    ادبي نالو: رضوان گل

    جنم 13 فيبروري 1977، لاڙڪاڻو

    ادب ۾ سڃاڻپ جا حوالا: شاعر ،ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار

    تعليم: ايم ايس سي جيوگرافي (فرسٽ ڪلاس) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو

    ڪرت؛ ليڪچرار، هيڊ آف جيوگرافي ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو

    تعليمي ذميواريون:

    ڊگري ڪاليج ۾ گريجوئيشن جا ڪلاسز
    علامه اقبال يونيورسٽي ۾ پوسٽ گرجوئيٽ ڪلاسز
    مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۾ ڪيترائي ليڪچر
    تحقيقي ڪم: لاڙڪاڻي جي جيوگرافي تي 7 تحقيقي مقالا ۽ مهين جي دڙي جي کوٽاهي بابت تحقيق

    مختلف تنظيمن سان وابستگي:

    سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت هاسٽل شاخ ، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    انفارميشن سيڪريٽري؛ لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي
    پريس سيڪريٽري؛ سچل ادبي مرڪز
    ايڊيٽر: ماهوار ”شعور“ لاڙڪاڻو
    ايڊيٽر ” جيو مئگ“
    ميمبر: آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو
    ميمبر: نيشنل جيوگرافڪ سوسائٽي واشنگٽن

    ڇپيل ڪتاب:
    (1) ۔ ”پنج ڏينهن“ سعادت حسن منٽو جي ڪهاڻين جو ترجمو

    (2) ۔ ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ (سنڌي جي مختلف شخصيتن تي مضمون، خاڪا)،


    روزاني ”عوامي آواز“، ”هلال پاڪستان“ ۽ ”جاڳو“ ۾ 1994 کان ڪرنٽ افيئرس تي 700 کان مٿي ڪالم ۽ مختلف شخصيات جي جنم ڏينهن ۽ ورسين جي مناسبت سان ڇپيل مضمون.

    ايوارڊ:
    1. ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ
    پاران: عباسي ڪلهوڙا تنظيم سنڌ
    2. بهترين ڪهاڻيڪار ايوارڊ، سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻو
    3. بهترين ڪهاڻيڪار جي سنَد، سنڌي ادبي سنگت قمبر
     
  2. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: تعارف

    سائين رضوان صاحب۔۔۔۔ سنڌين جي هن اوطاق تي توهان مون مولائي پاران ڀليڪار۔۔۔۔۔
    توهان جو تعارف پڙهي تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔۔ ۽ ٿيندي به ڇو نه اسان جي هن اوطاق تي توهان جهڙا اوطاقي ايندا ته محبت جا مچ پيا ٻرندا نه۔۔۔۔۔ ۽ اسان ته آهيون ڪچهري جا مور۔۔ ٻيو وري توهان شاعر به آهيو۔۔۔ ۽ اسان به ان ڪم ۾ سيکڙاٽ آهيون۔۔۔ مطلب جوڙ واهه جو لڳندو۔۔۔

    خيئر هڪ ڀيرو ٻيهر ڀلي ڪري آيا۔۔۔ اجهو اسان جو نيشنل فقير آيو ۽ اچڻ شرط توهان جي لا گلدستا کڻي ايندو۔۔۔۔
    نوٽ۔۔۔ جي روزگار سٺو هوندو ته

    ها ها ها ها
    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعارف

    [justify]دوست رضوان گل! حقيقت ۾ دل خوش ڪري ڇڏي اٿوَ، ڇاڪاڻ اوهان پهريان به هن اڱڻ تي آيا هئا پر اڄ اوهان پنهنجي ظهور سان ۽ مڪمل تعرف سان مون سميت سڀني دوستن کي خوشين جا مڻ ڏئي ڇڏيا آهن ۔۔۔

    محترم دوست رضوان گل کي سنڌ سلامت جي هن سنڌ دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ اوطاق جي دوست ٿيڻ تي واڌايون ڏيانٿو ۽ واڌايون ڏيانٿو پنهنجي اڱڻ جي دوستن کي ته سندن جي وچ ۾ هڪ ڏاهو، علم ادب جو استاد ۽ سنڌ سان پيار رکندڙ رهنما اچي پهتو آهي ...

    محترم دوست! اسانجو هي نماڻو اڱڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي بنياد تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن اڱڻ تي موجود سڀ دوست، سنڌ جا سڄڻ ۽ حب الوطن آهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي لوليءَ سان ائين ئي پيار ڪنٿا جيئن ڪو ٻار پنهنجي ماءُ جي لولين سان ڪندو آهي ...

    اسانجي ڪوشش رهي آهي ته هن اڱڻ تي سنڌي ۽ صرف سنڌي هجي ۽ ٻي ڪنهن ٻوليءَ کي تر جيتري به جاءِ نه ڏجي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي هڪ صاف ۽ شفاف اڱڻ ملي وڃي، سنڌي ڪي بورڊ تي هٿ هلڻ شروع ٿين، ايم بي سنڌي عام ڪئي وڃي ۽ دوستن کي همٿايو وڃي ته هو ڪمپيوٽر تي ويهن تي سنڌي لکڻ شروع ڪن. هن ڪم ۾ اسين ڪامياب به ٿيا آهيون جو هر هڪ دوست کي هدايت هوندي آهي ته هو سنڌي ۽ صرف سنڌي لکڻ جي ڪوشش ڪري ...

    اوهين سنڌ جا ڏاها آهيو، سنڌ جي علم ادب جا استاد آهيو، اوهانجو فيس بڪ تي ڪيل ڪم ته ڏٺو آهي جنهن ۾ اوهان سنڌي اديبن ۽ خاص ڪري لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪم ڪري تمام ڀلو ڪم ڪيو آهي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان ڪم سان نڀائيندا اچو ... جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اوهين وفا ڪرڻ ڄاڻو ٿا ...

    اوهان اسانجي هن اڱڻ کي گهمي ڏسو، اميد ته اوهانکي ڪافي سٺو مواد ملندو ۽ جيڪا ڪمي بيشي هجي ته اوهان جهڙا دوست رهنما ٿيندا ته منزل آسان ٿي پوندي ... اميد ته ڀيرو نه ڀڃندا ۽ پنهنجي مسلسل رهنمائيءَ سان اسان دوستن جي همٿ افزائي ڪندا رهندا ...

    هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار ... @};-@};-@};-

    سڄڻ آيا ڀلي آيا ... سهڻن جو سلامي ٿيان ..

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تعارف

    سائين رضوان گل کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار

    سچ پڇو ته رضوان گل انهن دوستن مان آهي جن کي سدائين سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليء جي اڻ تڻ هوندي آهي۔ پاڻ سدائين سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ جي دنيا تي نوان رنگ ۽ نيون جدتون ڏنيو اٿن۔ مان پاڻ فيس بوڪ تي ٽڙيل پکڙيل ۽ وکريل ڪم ڪندو هوس ۽ پوء ادي رضوان چيو ته اوهان خيرپور جي تاريخ کي تصويرن سان سهيڙيو ڇو ته پاڻ اهڙو ڪم اڳ ئي ڪري چڪا هئا جيڪو لاڙڪاڻي جي حوالي سان هو۔ پوء مون کي به هڪ ڊسپلين سان ڪم ڪرڻ جو سليقو مليو ۔

    رضوان سنڌ جي انهن نوجوانن دوستن مان آهي جن پنهنجي شاعري ۽ ڪالمن سان سنڌ جو آواز اٿاريو آهي۔ رضوان جا سنڌي شخصيتن تي لکيل ڪالم ۽ شاعري اوهان کي سنڌ جي هر اخبار ۽ رسالي ۾ ملندا۔ ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي ڪيل سندس ڪم به لاجواب آهي۔ مان سندس رنگين شاعري سنڌ سلامت تي ونڊ ڪندو رهيو آهيان۔

    سنڌ جي هنن سپوتن کي سلام آهي جيڪي پنهنجي سر ڪم پيا ڪن۔ سندس فيس بوڪ تي گڏ ڪيل سنڌي اديبن جي تصويري تاريخ به پنهنجو مٽ پاڻ آهي ، جنهن کي اسان به استعمال ڪندا آهيون۔

    رضوان گل جي شاعري به احساسن سان ڀريل ، سندس ڪهاڻيون به جاندار ڪردارن سان ڀريل ۽ معاشري جون ڪهاڻيون هونديون آهن۔ سندس ڪالم ڄاڻ سان ڀرپور۔

    اڄ پاڻ سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهن۔ اهڙي ڏاهي دوست کي ڀليڪار ۽ اميد ڪنداسون ته پاڻ اسان جي رهنمائي به ڪندا رهندا۔

    [​IMG]
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تعارف

    سائين ڀلي ڪري آيا........
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تعارف

    ادا سائين رضوان گل صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم جي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان خوش آمديد ٿا چئون ...................
     
  7. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    دوستن جي مهرباني

    سڀني پيارن دوستن جي ڀليڪار چوڻ لا آن سندسن ٿورائتو آهيان
    خصوصي طور مانائتي نثار سائين ۽ پياري دوست سليمان وساڻ جا وڏا قربَ۔
    هي ساٿ محبتن جو ساٿ آهي ۽ محبتن جي ساٿ ۾ پاڻ سڀ گڏ آهيون
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعارف

    السلام عليڪم سائين رضوان گل صاحب

    ڀلا اسان جا ڀاڳ جو توهان جهڙو مان وارو سائين سنڌ سلامت فورم تي ڪهي آيو آهي سائين رضوان گل صاحب سچ پڇو ته جيڪي مان لفظ لکان ها اهي لفظ ته سائين نثار ابڙو صاحب ، محترم سليمان وساڻ صاحب لکي چڪا آهن هن فقير جي لکڻ لا۽ ڪا گنجائش ئي نه ڇڏي اٿئون وري به مان ايترو ته ضرور چوندس ته توهان جون خدمتون سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي حوالي سان لاجواب آهن توهان شاعري ۾ استاد آهيو ۽ مون کي وري شاعري پڙهڻ جو شوق رهيو آهي

    خوب بني جب مل بيٺي گين ديواني دو ايڪ تم ، دوسرا مين اور تيسرا مولائي فقير

    سائين رضوان گل صاحب اميد ته توهان سنڌ سلامت فورم جو ڀيرو ڀريندا رهندا

    ان کان علاوه سائين اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جو پڻ انتظار رهندو

    هڪ ٻئي ڳالهه سائين آهيو فقير ماڻهو پر اهڙا به ناهيو جو ڪنهن پرين پياري کي ڪو گفٽ نه ڏيون
    سائين اوهان جي لا۽ هي محبت ڀريا گل ، اميد ته قبول پوندا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    سدائين گڏ
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعارف

    ادا رضوان الحق صاحب اوهان جي هن قرب ڀريل اوطاق تي خوش آمديد ڀلي ڪري آيا.
    اوهان جهڙن دوستن سان سٺو ساٿ هلندو انشاء الله
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعارف

    ادا رضوان گُل، اسان سنڌ سلامت تي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿا چئون، فيسبوڪ تي اوهان جي علمي مصروفيتن ۽ سنڌ دوست سرگرمين جا پاڻ شاهد آهيون۔۔ اوهان جهڙن دوستن کي سدائين اها اڻ تڻ هوندي آهي ته ڪيئن سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪم ڪجي، هن فورم کي قائم ڪندڙن جو به اهو ئي مقد آهي۔۔ شڪر الحمد الله! هن سنڌ سلامت فورم تي هاڻ اوهان جهڙن دوستن جي ساٿ ۾ اچڻ ‌سان هن فورم جي اصل مقصد يعني سنڌ ۽ سنڌيت کي هٿي ملي رهي آهي۔۔ الله توهان کي سدائين خوش رکي۔۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعارف

    ادا اوهان کي هن عاجز طرفان به ڀليڪار
     
  12. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    مهربانيون

    پيارا ڦلپوٽا فقير سائين، ڀا افتخار ۽ مست سائين
    اوهان سڀني جي ڏنل محبتن جي موٽ ۾ مون وٽ شڪريي جا لفظ ئي نه آهن ، اوهان جي اهڙي پيار ۽ پنهنجائپ لا وڏا وڙَ ۔۔۔
    ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا
     
  13. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: تعارف

    تمام گهڻا ٿورا ادا سليمان وساڻ جن جا جيڪي مختلف پليٽ فارمس تي وڃي ساٿ ۾ قابل دوستن جي اضافي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن۔۔۔
    محترم رضوان گل صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔ فيس بوڪ تي توهان جي محنتن کي ڏسندو رهيو آهيان ۔۔۔ خاص طور توهان طرفان مختلف سنڌي شخصيتن جي تصويرن جي ڪليڪشن جهڙو ٿڪائيندڙ ۽ محنت طلب ڪم توهان جي قابليت جو ثبوت آهي۔۔ ان کان سواءِ ادبي حلقي ۾ توهان جو نالو پڻ معتبر نالي طور سڃاڻجي ٿو ۔۔ ان ڪري اهي اسان جا ڀلا ڀاڳ چئجن جو توهان جهڙا قابل دوست اسان جي ساٿ ۾ شامل آهن۔۔۔
    اميد ته هن ميلي کي مچائڻ ۾ اسان سان ڀرپور ساٿ ڏيندا۔۔۔ توهان جا لک لائق
     
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: تعارف

    اسان دوست رضوان گل کي هن اوطاق تي قرب ڀريا قدم کڻي اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا۔


    sindhsalamt
     
  15. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: تعارف

    پيارا ڦلپوٽا فقير سائين، ڀا افتخار ۽ مست سائين
    اوهان سڀني جي ڏنل محبتن جي موٽ ۾ مون وٽ شڪريي جا لفظ ئي نه آهن ، اوهان جي اهڙي پيار ۽ پنهنجائپ لا وڏا وڙَ ۔۔۔
    ٿورا مَ ٿورا مون تي ماروئڙن جا
     
  16. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: تعارف

    رضوان گل کي سنڌ سلامت تي دل جي گهرائي سان ڀليڪار ​


    [​IMG]
    [​IMG]

    سائين رضوان گل صاحب توهان جو مختصر تعارف ته مون فيس بڪ تي پڻ ڏٺو ۽ پڙهيو هو مگر توهان جو مڪمل تعارف سنڌ سلامت جي فورم تي پڙهي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي ته توهان جهڙو ڪابل علم ادب دوست به اسان جي هن محبتي اڱڻ سنڌ سلامت جي فورم تي پير ڀري آيو آهي،
    ادا توهان کي هن ناچيز ممتاز علي وگهئي طرفان به دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي فورم تي ڀليڪار هجي۔ ادا اميد ته توهان پنهنجي علم ادب مان پڻ سنڌ سلامت جي ساٿين کي ونڊ ڪرائيندا رهندا،
     
  17. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: تعارف

    پيارا رشيد سمون، پيارا نويد ڪلهوڙو، پيارا ممتاز وگھيو، پيارا ڦلپوٽو فقير، پيارا افتخار علي چوهاڻ ۽ پيارا مست

    اهڙي اڻ مَئي محبت ۽ پيار ڀري ڀليڪار لاءِ اوهان جا وڏا وڙَ
     
  18. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: تعارف

    مانوارا سائين رضوان گل صاحب
    اسان وت اهي لفظ ئي نه آهن جن جي سهاري اوهان جهڙي علمي هنري ۽ ثقافتي شخصيت
    کي ڀليڪار چئون
    سائين اسان خوش قسمت سڏباسين جو اوهان جهڙي انيڪ شخصيت اسان جي ساٿ ۾ شريڪ آهي
    سائين اوهان کي دل جي اٿاه گهراين سان ڀليڪار چوان ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو