[JUSTIFY] ڇا توهان ڪمپيوٽر جي اسپيڊ کان پريشان آهيو، جيئن جهونو سدائين دانهون ڪندو آهي ته مون وارو ڪمپيوٽر آهي پينٽيم ٽُو(2) ان ڪري ڏاڍو آهستي هلندو آهي، مان توهان سان پُڄي ڪٿي ٿو سگهان۔۔ پر هاڻي جهونو فقير به خوش ٿي پوندو ڇو ته سائنسدانن هڪ اهڙي چِپ تيار ڪئي آهي جيڪا عام ڪمپيوٽر جي رفتار کي به ٻيڻو ٽيڻو نه پر 20 ڀيرا تيز مطلب ته جيڪڏهن اوهان جو ڪمپيوٽر 3 گيگا پراسيسر جو آهي ته اهو 60 گيگا تائين جي رفتار سان هلي سگهي ٿو۔۔۔ ها۔ اهو بلڪل سچ آهي۔۔ برطانيه جي گلاسڪو ۽ ميساچوٽيز يونيورسٽيز جي سائنسدانن وڏي ريسرچ کان بعد هڪ اهڙي چپ تيار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به ڪمپيوٽر ۾ لڳڻ سان ان جي رفتار عام رفتار کان 20 ڀيرا تيز ٿي ويندي۔۔ عام طور تي اسپيڊ ڪمپيوٽر جي پراسيسر تي دارومدار رکي ٿي، پر هي چِپ ڪمپيوٽر جي پراسيسر کان علاوه آهي ۽ ڪمپيوٽر جي پراسيسنگ اسپيڊکي تيز ڪندي۔۔ توهان کي خبر آهي ته دورِجديد جي عام ڪمپيوٽر ۾ 2،4،8،16 يا وري 20 ڪور هوندا آهن پر هي چپ 1000 ڪور جي برابر صلاحيت رکي ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ ۾ 5 گيگابائيٽ ڊيٽا پراسيس ڪري سگهجي ٿي۔۔ سائنسدانن مطابق هي چِپ اڳلي سال کان مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي ويندي ۽ ان سان سست رفتار ڪمپيوٽر به چُست ٿيندا۔۔ خاص ڪري جهونن جا ڪمپيوٽر۔۔۔ ها ها ها [/JUSTIFY]
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ تمام بهترين معلومات آهي جهونن لا۽ تمام سٺي معلومات آهي توهان جي سدائين گڏ
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ [justify]ڀلي 1 سال انتظار ڪجي پر اسٽارٽنگ ۾ هي چپ منهنجي خيال ۾ مهنگي هوندي جنهن کي صرف ڪمپنيون ئي خريد ڪري سگهنديون ٿي سگهي ٿو حياتي رهي ته 5 سالن کان پوءِ ئي عام ماڻهو جي هٿن تائين پهچي سگهي۔[/justify]
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ ادا شڪر ٿيو ته ڪنهن کي جهونن جو به خيال آيو مطلب جهوني شين جو خيال آيو ته اهي به تيز هلي سگهن ٿيون بس انهن جي سار سنڀال جي ضرورت آهي ادا مست تمام بهترين ونڊ آهي سهڻآ
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ مهرباني فقير سائين۔۔۔ جهونن جو ڀلو ٿيندو ان کان وڌيڪ پاڻ کي ڇا کپي ادا صبر سان انتظار جو ميوو سدائين مٺو هوندو آهي۔۔۔۔۔ مولا ڪندو تيستائين توهان پنهنجو نئون ڪمپيوٽر ئي وٺي ڇڏيندا
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ ادا انشاءَالله چئي اُميد ڪري ته هي ايجاد جلد اسان جي هٿن ۾ پهچي۔۔۔۔۔
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ سِر لڳي جهوني فقيرن کي سِر لڳي۔۔۔ مطلب ته جهوني فقيرن سان پنهنجو سر لڳي ته پوءِانهن جي لاءِ اهڙيون ايجادون هٿ ته ڪرڻون پونديون
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ جهونا علي اها چپ chip ڪمپيوٽر لا تيار ٿي آهي، تو ۽ مون لا نه يا وري متان ڪنهن جهوني لا سمجهين ۽ انتظآر ڪرين ۔۔۔ اسين آهيون رب جي پراڊڪشن، هڪ دفعو رفتار سست ٿي ته پو بس سمجهه ته انت وڃي ۔۔۔ انا لله تي پهچندو ۔۔۔ انڪري ايترو خوش نه ٿي ۔۔۔ ها باقي اسان وٽ هڪ حڪيم آهي جيڪو ماڻهن کي تيز ڪرڻ جا نسخا تيار ڪندو آهي ۔۔۔؟ جڏهن تون سنڌ اچين ته پو گڏجي هلنداسون ۔۔۔ ڏسجي ! اها چپ اچڻ تائين اسان وارا ڪمپيوٽر بدلجي نه وڃن ۔۔۔
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ تمام بهترين معلومات آهي جهونن لا۽ تمام سٺي معلومات آهي توهان جي سدائين گڏ۔ فقير زنده آباد
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ جي سائين بلڪل اسان وٽ اها تڏنهن پهچندي جڏهن ڪا ٻي شئي مارڪيٽ ۾ ايندي ....
جواب: جهونا ڪمپيوٽر به هاڻي تيز رفتار ٿيندا۔۔ سائين اوهان جي ڳاله بروبر سچ آهي پر سائين اسان خوش ان ڳاله تي آهيون ته جهونا ٽپڙ به ڪم جا آهين انهن جي به جي سار سنڀار لڌي وڃي ته اهي سٺو ڪم ڪري سگهن ٿا وڌيڪ پاڻ سمجهدار آهيو =))=))=))=))