مست
سينيئر رڪن

برطانيه جي گلاسڪو ۽ ميساچوٽيز يونيورسٽيز جي سائنسدانن وڏي ريسرچ کان بعد هڪ اهڙي چپ تيار ڪئي آهي جيڪا ڪنهن به ڪمپيوٽر ۾ لڳڻ سان ان جي رفتار عام رفتار کان 20 ڀيرا تيز ٿي ويندي۔۔ عام طور تي اسپيڊ ڪمپيوٽر جي پراسيسر تي دارومدار رکي ٿي، پر هي چِپ ڪمپيوٽر جي پراسيسر کان علاوه آهي ۽ ڪمپيوٽر جي پراسيسنگ اسپيڊکي تيز ڪندي۔۔
توهان کي خبر آهي ته دورِجديد جي عام ڪمپيوٽر ۾ 2،4،8،16 يا وري 20 ڪور هوندا آهن پر هي چپ 1000 ڪور جي برابر صلاحيت رکي ٿي ۽ هڪ سيڪنڊ ۾ 5 گيگابائيٽ ڊيٽا پراسيس ڪري سگهجي ٿي۔۔ سائنسدانن مطابق هي چِپ اڳلي سال کان مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي ويندي ۽ ان سان سست رفتار ڪمپيوٽر به چُست ٿيندا۔۔ خاص ڪري جهونن جا ڪمپيوٽر۔۔۔ ها ها ها