عورت ۽ جياپي جي جنگ

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عورت ۽ جياپي جي جنگ

    حسين مسرت شاهه

    [​IMG]

    [JUSTIFY]هڪ ڏينهن اهو، هو جڏهن محبت جي اظهار لاءِ عوام جو سمنڊ رستن، گهٽين، گلين ۾ اٿلي پيو هو. رنگ، نسل، مذهب جي امتياز کي ٽوڙي صرف محبت جي ساز تي ”مي رقصم“ جي تصوير بڻيل هو، شناخت جا رنگ محبت جي پيغام کي پکيڙڻ ۾ مصروف عمل هئا. ان محبت ڀريي سڏ تي ماڻهو پنهنجا سڀ مسئلا، پنهنجيون تڪليفون، پيڙائون، درد، اهنج، ناانصافيءَ جا ڌڪ، لاقانونيت جا زخم، سڀ ويڇا، سڀ شڪايتون، سڀ رنجشنون وساري هڪ رنگ ۾ رنگجي، هڪ ڌن تي مست ٿي رقص ڪندا خوشي ۽ يڪجهتي جو مثال بڻجي ويا. اهو خوشيءَ جو ڏينهن نه ڪنهن قانون پاران ۽ نه ئي ڪنهن مذهب پاران ملهائڻ جو حڪم مليل هو. اهو ماڻهن جي اندر جو آواز هو. ديس سان ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار هو، جنهن کي صرف ڪنهن راهه جي تلاش هئي، اها راهه عوام کي ميڊيا ڏيکاري ۽ سنڌ جي عوام جي دلين ۾ صوفي ازم وارو جذبو جاڳائي ڇڏيو. جت رنج و الم دور ٿين، جتي انسانيت جو پرچار هجي، جتي انساني برابريءَ جي ڳالهه هجي جتي هر مذهب علت جا ماڻهو گڏجي ڏک سور ونڊين، جت نفرت نه هجي صرف لازوال محبتن جا رشتا ٺهندا ۽ چڙندا هجن، جت امن جا سپنا اُنيا وڃن، بي آسرا ماڻهن کي پناهه ملي، اجها ڳولهيندڙن کي ڇپر ڇانو ملي، جتي دوئي ختم ٿئي، هيڪڙائي ۽ هڪجهڙائيءَ جو پرچار هجي. اهي آستان صوفي بزرگن جا ئي هوندا آهن. سنڌ جي ماڻهن جي رڳن ۾ رت جيان دوڙندڙ محبت ۽ امن جا جذبا انهن کي اهڙن ماڳن مڪانن ڏانهن ڌڪيندا آهن جتي سک ۽ محبت جا پڙلاءُ هجن.

    سنڌ جي ماڻهن هميشه، تشدد، نفرت، اهنسا، جبر، ظلم، ڏاڍ، نفرت جي جذبن کي ڌڪاريو آهي. تشدد جي خلاف سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ به شاهد آهي. جت جت محبت، پيار ۽ انهن جي روشني پکڙجي ٿئي اُت اُت سنڌي ماڻهو پروانن جيان ديوانه وار ڦيرا ٿا ڏين. اهو ئي سبب هو جو، عوام ويڇا وساري ثقافتي سڏ کي دل و جان سان قبول ڪيو. اهو ميڊيا جو مثبت رويو هو، بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ سياسي مقصد جي صرف ۽ صرف عوام جي لاءِ خوشي ۽ اتحاد جو اهڃاڻ هو. ان ڪري ان کي ڀرپور عوامي موٽ ملي. ميڊيا جي، عوام تي اثراندازي روزِ روشن جيان عيان آهي پر ميڊيا جي شهرت ۽ سگهه جو عوام جي مرهونِ منت هجڻ کان انڪار به ممڪن ڪونهي. اها ساڳي مثبت روين واري ميڊيا جڏهن ڪجهه عرصي اندر پنهنجن نظرين جي پاليسيءَ ۾ تبديلي آڻي محبت جو پرچار ڇڏي تشدد ۽ خوف جي علامتن جو ساٿ ڏيڻ ٿي لڳي ته عوام جي اندر جي باهه ڀڙڪي ٿي اٿي ۽ ان جو سبب ڄاڻڻ جي بيچيني ضرور تنگ ڪري ٿي، ڇو ته ميڊيا جي لبرل ڪردار ۾ ان جي ڪاميابي لڪل هجي ٿي.

    وڪاڻل ميڊيا عوام جي دلين مان گهر وڃائي ٿي ڇڏي ۽ جي گهر ميڊيا سماج ۾ پير کوڙڻ ۾ ناڪام رهندي آهي تشدد ۽ دهشتگردي کي فروغ ڏيندڙ قوتون ويس مٽائي حمله آور ٿينديون رهنديون آهن، انهن جي سڀ کان محفوظ پناهه گاهه مذهب آهي. مذهب ايترو ته حساس موضوع آهي جو ان تي آڱر کڻڻ وارو مجرم قرار ڏنو ٿو وڃي. ان ڪري ئي اهي قوتون مذهب جي آڙ ۾ جرم جاري رکنديون آهن، انساني حقن جي لتاڙ جاري رکنديون آهن ته جيئن ڪو به قانون هنن تي فرد جرم عائد ڪرڻ جو ساهس نه ساري سگهي. جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائجن ته خبر پوي ٿي ته، مذهبي جماعتون ته پاڪستان ٺهڻ جي حق ۾به نه هيون. 1947ع کانپوءِ سڀني کي خبر آهي ته 9 سال پاڪستان جو آئين نه ٺهي سگهيو ته ان جا سبب ڪهڙا هئا.

    - پهريون سوال اهو ته پاڪستان سيڪيولر ملڪ هوندو يا اسلامي ملڪ.

    - قائداعظم هميشه سيڪيولر ملڪ جي ڳالهه ڪئي هئي پر سندس وفات کانپوءِ اها اڌوري رهجي ويئي.

    - ڪنفيڊريشن تي بحث هليو.

    - صوبائي خودمختياري جو مسئلو سامهون آيو.

    - ڪشمير جو مسئلو هو.

    - بلوچستان رياست ۾ شامل نه ٿي ٿيڻ چاهيو.

    - گهڻن فسادن ۽ بحثن کانپوءِ 1956ع ۾ پهريون آئين ٺهيو ۽ 1958ع ۾ ملڪ ۾ ايوب خان مارشل لا نافذ ڪيو.

    - تاريخ ٻڌائي ٿي ته اقتدار جي هوس رکندڙ قوتن هميشه پاڪستان جي بنيادن کي ڪمزور ڪيو آهي انهن ڪڏهن به ڪنهن به لبرل ۽ جمهوريت پسند قيادت کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو آهي.

    انهن انتهاپسند قوتن جي سبب اسان جو ملڪ هڪ نه کٽندڙ جن وڙهي رهيو آهي. اهي ئي قوتون آهن جيڪي ملڪ ۾ وڳوڙ، افراتفري ۽ انتشار پکيڙي اقتدار جي ڪرسيءَ تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون ڪنديون آهن. اهي ئي آهن جيڪي معصوم انسانن کي غلط پروپئگنڊا جي ذريعي موت جي منهن ۾ ڌڪي ٿيون ڇڏين. انهن انتهاپسند قوتن هن وقت پاڪستان ۽ ان جي قانون تي ڪاري وار ڪيو آهي.

    F.S.C جو تازو فيصلو جمهوريت پسند ماڻهن لاءِ قابل قبول نه آهي جڏهن ضياءَ پنهنجي دور ۾ حدو آرڊيننس نافذ ڪيو هو ته ان وقت عورتن جي ڊگهي جدوجهد شروع ٿي ۽ ان ۾ ڪجهه تبديلين ۽ وضاحتن جي گهر ڪئي ويئي هئي. 1979ع ۾ جڏهن حدود آرڊيننس نافذ ٿيو ته ان جي آڙ ۾ بيگناهه عورتن کي سزائون ڏنيون ويون. وڪي پيڊپا جي رپورٽ مطابق 10 هزار عورتون ان قانون تحت جيل اماڻيون ويون انهن ۾ اهي عورتون به شامل هيون جن پسند سان شادي ڪئي هئي. چوريءَ جي سزا ۾ هٿ ڪٽڻ واري عمل خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن به بائيڪاٽ ڪيو هو، انهن اهڙي عمل ۾ ملوث ڊاڪٽرن جا لائسنس منسوخ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.

    هن وقت اڳوڻي صدر مشرف جي آندل وومن پروٽيڪشن بل 2006ع جي به مخالفت ڪئي پئي وڃي. حالانڪه پاڪستان جي موجوده آباديءَ ۾ 53 سيڪڙو عورتون آهن ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ جي جڏهن به ڳالهه هلي ٿي ته انتهاپسند قوتون انهن جي مخالفت ۾ بيهي ٿيون رهن. جڏهن 1979ع ۾ چادر ۽ چار ديواري جو نظريو ملڪ مٿان مڙهيو ويو ته ان وقت هو تحريڪ آزاديءَ ۾ عورتن جي جدوجهد کي وساري ويٺا هئا. اها هڪ ڇوڪري فاطمه صغرى هئي جنهن سيڪريٽريٽ تان يونين جيڪ لاٿو ۽ پنهنجي مٿي تي اوڍيل پوتي کي هن پاڪستان جو جهنڊو بنائي سيڪريٽريٽ جي عمارت مٿان بلند ڪيو هو. 1947ع ۾ وومين والينٽيئر سروس ۾ عورتون ڪم ڪنديون هيون ۽ وومن رزرو فورس سرحدن جي حفاظت جون ذميواريون به پوريون ڪيون. عورتن جدوجهد به ڪئي ۽ ڀوڳيو به گهڻو ڪجهه. ورهاڱي جي وقت لکين عورتن جو بي گهر ٿيڻ، سفر جون صعوبتون سهڻ، ڪيمپن جي پر آزمائش زندگي گهارڻ کان علاوه لکين عورتن جا ريپ ڪنهن کان به لڪل ڪو نه آهن. ان جي باوجود به عورتن جون جيتريون تحريڪون هليون، جيتريون اين جي اوز ڪم ڪن پيون، شروعات کان وٺي مجموعي طرح سان انهن جو هڪ ئي مطالبو رهيو آهي تحفظ، عزت احترام برابري ۽ انصاف. تحفظ ان لاءِ ته ملڪي ترقي ۽ حفاظت لاءِ آزاديءَ سان ۽ عزت سان پنهنجون خدمتون پيش ڪري سگهن. اهو وومن پروٽيڪشن بل هجي، سيڪسيوئيل هراسمينٽ بل هجي يا ڊوميسٽڪ والئيولينس بل هجي، عورتن جي تحفظ جي حوالي سان هر قانون سازيءَ جي رستا روڪ ڪرڻ انتهاپسند قوتن جو اهم ڪم آهي. هنن ڪڏهن به ڪو نه چاهيو هو ته پاڪستان ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال سوچ کي فروغ ملي. ٿورو پوئتي نظر ڪجي ته قائداعظم جي ڀيڻ محترمه فاطمه جناح جون ڀرپور ڪوششون، عورتن کي سياست ۽ تعليم ۾ اڳيان آڻڻ جي سلسلي ۾ نظر ٿيون اچن. نرسنگ جي شعبي ۾ ڇوڪرين کي آڻڻ لاءِ به محترمه فاطمه جناح جون ڪوششون ٿيون نظر اچن پر جنهن وقت هوءَ اليڪشن ۾ هڪ آمر جي مقابلي ۾ بيٺي ته، ان جي ان عمل خلاف فتوائون جاري ڪيون ويون، عورت جي قيادت کي غير اسلامي قرار ڏيئي، هن کي بي ايماني سان هارايو ويو. جڏهن بيگم رعنا لياقت علي خان ۽ بيگم شاهنواز مساوي حقن جو مطالبو ڪيو ۽ ڪجهه عملي قدم کنيا ته انهن تي به الزام لڳايا ويا. هن وقت به اهي ئي قوتون موجود آهن جن جو مقصد صرف ۽ صرف پاڪستان کي ڪمزور بنائڻ آهي.

    اهو ملڪ جتي 53 سيڪڙو آبادي عدم تحفظ جو شڪار هجي، مفلوج هجي، ڪم ڪرڻ جي سگهه ۽ صلاحيت جي باوجود به مڃتا کان محروم هجي اهو ملڪ ڪڏهن دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ٿيڻ جي لائق نٿو ٿي سگهي. پاڪستان جي 30 کان مٿي تنظيمن، انساني حقوق اتحاد جي پليٽ فارم تان وفاقي شريعت ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪيو آهي ۽ سول سوسائٽي به ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل اين جي او جي ڪانفرنس ۾ گڏيل راءِ تحت پارليامينٽ کي صنفي امتياز وارن قانونن تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پي پي سي جي سيڪشن 298 تحت جيڪي قانون لاڳو ٿين ٿا، انهن تي نظرثانيءَ جو مطالبو انڪري به ڪيل آهي جو انهن جي ذريعي گهڻي ڀاڱي عورتن ۽ مذهبي اقليتن جو استحصال ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت عوام ۽ ميڊيا کي انهن انتهاپسند ۽ تشدد پکيڙيندڙ عنصر خلاف اعلان جنگ ڪرڻو پوندو. پاڪستان جي سلامتي ۽ امن لاءِ ڪا راهه عمل جوڙڻ جو وقت پري ناهي. ملڪ مان رُسي ويل محبت ۽ امن جي موسم کي پرچائڻ لاءِ انهن قوتن جي حوصله شڪني ضروري آهي جن جو مقصد صرف عوام جو استحصال ۽ اقتدار جو حصول آهي.[/JUSTIFY]

    haseenmusrat@yahoo.com

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    341
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت ۽ جياپي جي جنگ

    ادا لاجواب ونڊ آهي ....................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو