غلام قاسم تسنيمي
سينيئر رڪن
مان آهيان غلام قاسم تسنيمي، ذات چانڊيو۔ تعليم ايم فل (اسلامڪ اسٽڊيز) ۔ منهنجي ڄم جو هنڌ@};-سٻاجهي سنڌ جي دادو ضلعي جي خير پور ناٿن شاه جو هڪ ننڍو ڳوٺ نورنگ چانڊيو آهي۔ مون پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪئي۔ ميٽرڪ ڪرڻ کان پو اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لا اسلامي اداري (جامعه امام حسين عليه السلام) ڪراچي ۾ داخله ورتي۔ اتي ايم اي اسلاميات مڪمل ڪرڻ کان بعد اعلى اسلامي تعليم لا قم المقدس جو رخ ڪيو، جتي المصطفى انٽر نيشنل يونيورسٽي مان ايم فل مڪمل ڪئي آهي ۽ هن وقت اصول ۽ فقه اسلامي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهيان۔
سنڌ سلامت فورم تي سهڻن دوستن جون سٺيون ڪچهريون پنهنجي طرف ڇڪي آيون ۽ وادي مهراڻ سان وابسته سهڻي زبان سنڌي جي پرچار جي جذبي اوهان دوستن جي ويجهي آندو اميد ته پنهنجي هن ڀا کي به سنگت جو حصو سمجهندا۔
سنڌ سلامت فورم تي سهڻن دوستن جون سٺيون ڪچهريون پنهنجي طرف ڇڪي آيون ۽ وادي مهراڻ سان وابسته سهڻي زبان سنڌي جي پرچار جي جذبي اوهان دوستن جي ويجهي آندو اميد ته پنهنجي هن ڀا کي به سنگت جو حصو سمجهندا۔