سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

'تعارف' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2010۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    مان آهيان غلام قاسم تسنيمي، ذات چانڊيو۔ تعليم ايم فل (اسلامڪ اسٽڊيز) ۔ منهنجي ڄم جو هنڌ@};-سٻاجهي سنڌ جي دادو ضلعي جي خير پور ناٿن شاه جو هڪ ننڍو ڳوٺ نورنگ چانڊيو آهي۔ مون پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي ۾ حاصل ڪئي۔ ميٽرڪ ڪرڻ کان پو اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ لا اسلامي اداري (جامعه امام حسين عليه السلام) ڪراچي ۾ داخله ورتي۔ اتي ايم اي اسلاميات مڪمل ڪرڻ کان بعد اعلى اسلامي تعليم لا قم المقدس جو رخ ڪيو، جتي المصطفى انٽر نيشنل يونيورسٽي مان ايم فل مڪمل ڪئي آهي ۽ هن وقت اصول ۽ فقه اسلامي ۾ پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهيان۔
    سنڌ سلامت فورم تي سهڻن دوستن جون سٺيون ڪچهريون پنهنجي طرف ڇڪي آيون ۽ وادي مهراڻ سان وابسته سهڻي زبان سنڌي جي پرچار جي جذبي اوهان دوستن جي ويجهي آندو اميد ته پنهنجي هن ڀا کي به سنگت جو حصو سمجهندا۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    سائين غلام قاسم تسنيمي صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تان ڀليڪار ڪجي ٿي۔

    سائين اسان جون اکيون ٿڌيون ۽ خوشيء جي انتها ناهي جو اوهان جهڙا ڏاها اسان جي ساٿ ۾ اسان جي رهبري ڪرڻ لاء آيا آهن۔ سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ صرف سنڌيت جي نعري تي قائم آهي ۽ اسان جون سموريون ڪوششون سنڌي ٻوليء جي ترقيء لاء آهن۔

    اسان جي حوصلي ۾ ٻيڻو اضافو ٿيندو آهي جڏهن اوهان جهڙا لکيل پڙهيل ، ڏاها ۽ سهڻا ڀائر اسان سان ساٿ ۾ شامل ٿيندا آهن۔

    سنڌيت لاء ۽ سنڌي معاشري جي بهتريء لاء اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔

    ٿورا ناهن ٿورا ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت

    [​IMG]
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    [justify]
    وادي مهراڻ جي سهڻي علائقي دادو ۽ انکان به وڌ خيرپور ناٿن شاه جي ڳوٺ نورنگ چانڊيي جي سهڻي دوست تسنيمي صاحب کي سنڌ دوست، سنڌي ٻولي جي واڌ لا پتوڙيندڙ هن اوطاق تي دل جي خلوص سان ڀليڪار ۔۔۔

    خوشنصيب هوندا آهن اهي ادارا ۽ شخص جن کي اهل ۽ ايمان وارا دوست ملندا آهن ۔۔۔ اوهين اسانجي دوستي قبول ڪئي اها اسانجي خوشنصيبي چئبي ۔۔۔ اوهين پنهنجي علم ۽ ڏات سان اميد ته اهڙا ڏيئا ٻاريندا جو اسانجو نماڻو اڱڻ پرنور ٿي پوندو ۔۔۔

    اسانجي هن اڱڻ جو مقصد آهي سنڌ ۽ سنڌيت، اسانجي هن اوطاق جي دوستن جو مقصد آهي سنڌي قوم کي پنهنجي وڃايل وقار طرف وٺي وڃڻ، اسانجو خيال آهي ته سنڌ هن وقت نفاق ۽ غلط نظرين سبب ٻٽنگي ڦاٿل آهي ۽ هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جت جيترو بچائڻ لا پتوڙي ٿي اوترو ئي ڌٻڻ ۾ اندر هلندي وڃي ۔۔۔ هر طرف ناڪاره خيال، هر طرف شرڪ ۽ شيطان، هر طرف ڌوڪا ۽ ويساه گهاتيون، هر طرف ڦرلٽ جا سمنڊ پيا وهن ۔۔۔

    پر پو به آسروند آهيون، جو آسرو ختم ڪرڻ ڪفر آهي ۔۔۔ دنيا جي رازق ۽ رب ۾ اميدون آهن ته اسانجي قوم کي ڪوڙن، منافقن، مشرڪن ۽ ڦورو ٽولن کان آزادي ملندي ۽ هڪ ڏينهن اسين پنهنجي قوم کي ايمان افروز زندگي گذاريندي دنيا ۾ هڪ ايمان واري قوم جي حيثيت سان ڏسندا سون ۔۔۔

    اميد ته اسين سڀ هر مذهب ۽ هر فرقي سان تعلق رکندڙ، هر قبيلي سان تعلق رکندڙ، هر لهجي سان تعلق رکندڙ هڪ هنڌ گڏ ٿي قومي ڦرلٽ کي ختم ڪرائي سنڌ ۽ سنڌيت جو مان رکنداسون ۔۔۔ اچو ته تون ۽ مان هڪ ٿي اسان ٿي وڃون ۽ ناحق جي وڪيلن سان جهاد ڪريون ۔۔۔

    رب العالمين حق جو حامي هجي ۽ سنڌين کي حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/justify]
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا اسان به سائين غلام قاسم جا ٿورائتا آهيون ، جنهن تمام بهترين انداز ۾ تعارف ڪرايو اٿس۔ اسان هن اوطاق تي وڏي شان ۽ مرتبي سان استقبال ڪريون ٿا ۔۔۔
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    بسم الله الرحمن ا لرحيم

    ادا اوهان کي سنڌ سلامت جوائن ڪرڻ‌تي ڀليڪا چوئون ٿا۔۔ توهان جهڙن علمي ۽ ادبي دوستن جي لا هي
    فورم علم ۽ ڄاڻ ونڊڻ ۽ پرائڻ جي خواهشن کي پورو ڪندو انشا الله۔۔۔۔۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    واعليڪم السلام۔
    ادا ڀلي ڪري آيا۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا تسنيمي صاحب!‌ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔۔
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    اهلا وسهلا و مرحبا
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    غلام قاسم تسنيمي کي سنڌ سلامت تي دل جي گهرائي سان
    ڀليڪار​


    [​IMG]
    [​IMG]
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    محترم تسنيمي صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔۔
    ڪجهه ڏينهن کان آ پڻ موڪل ڳوٺ آيل آهيان۔۔۔ خيرپور وٽان به گذرڻ ٿيو۔۔۔ ٻوڏ هن شهر کي تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي۔۔ ٻڌايو ڀلا هاڻي ڪجهه ڪميونيڪيشن بحال ٿيو۔۔۔؟
    سنڌ سلامت بابت توهان کي ڪٿان آگاهي ملي۔۔۔؟ هي فورم توهان کي ڪيئن لڳو۔۔۔؟ ڪجهه مشورا ٿي وڃن ته سهائتا ٿي پوندي۔۔۔ مهرباني
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ويلڪم بيڪ سر
     
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    يار طاهر ۔۔۔۔۔۔ ٻيلي ايئن نه ڪر

    ادا رشيد ويو ڪڏهن آهي جو ٻيهر خوش آمديد پيو ڪرينس۔ اسان سان گڏ آهي، روز سنڌ سلامت تي موجود آهي۔ ڳوٺ ۾ آهي پر سنڌ سلامت سان گڏ آهي۔
     
  13. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ڀاءُ توهان جي محبتن جا اڻ له ٿورا جيڪي لاهي به سگهبا ته ڳائبا ضرور۔ ادا سنڌ سلامت هڪ معياري ۽ محبتي ماڻهن جي بهترين چوائس آهي۔ ٻوڏ واقعا تمام گهڻو نقصان رسايو پر هينئر آءُ قم المقدس ۾ آهيان تنهڪري گهڻي تفصيل جي خبر نه آهي، هاءُ پر اسان جو ڳوٺ پاڻي هيٺ آهي الله سائين انهن جي مشڪلات کي حل فرمائي۔ @};-@};-
     
  14. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا ڀلي آيا جي آيا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا اسان جي طرفان توهان کي به سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار...........
     
  16. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    اسلام عليڪم ياعلي مدد

    ادا توهان جو تفصيلي تعارف پڙهي تمام وڏي خوشي ٿي هتي توهانجهڙن پڙهيل لکيل دوستن جي هن فورم تي وڏي ضرورت آهي۔ ادا توهانکي هن سنڌ فورم تي دلي ڀليڪار ٿا ڪريان اميد ته توهان اسان سان پنهنجي موضوعن جي ذريعي اسانکي ناليج ڏيندا رهندا۔ ادا هڪ دفعو ٻيهر توهانکي دلي ڀليڪار چئجي ٿو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  17. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام


    السلام عليڪم يا علي مدد
    الاخ الڪريم اهلا و سهلا و ال مرحبا حيبي القاسمي قد شرفتنا بقدومڪ في منتدانا ۔۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اسان جي عربي ختم ٿي وئي ها ها ها ها ها۔۔۔ ۔ ۔ نه ته دوست چوندا هي ڪهڙو ٻروچڪي ٻولي پيا ڳالهائين ٻروچ پاڻ ۾ ها ها ها ها
    اسان جي سنڌ صوبي جي پياري ۽ مشهور شهر جي شخصيت ۽ اسان جي ننڍپڻ جا دوست ۽ پرين پيار ۽ اسان جا محترم غلام قاسم تسنيمي صاحب اسان اوهان کي دل جي گهراين سان هن فورم تي خوش آمديد چئون ٿا من که خيلي مسآسف ام که در استقبال شما متاخرم ۔ ۔ ۔ ۔ پر ادا چوندا آهين ته دير آيد درست آيد سو ادا اوهان جا لک ورا ۽ قرب جو اوهان اسان جي اوخاق تي پهنجا قربائتا قدم ڀري آيا ادا اها اسان جي لاء تمام ئي گهڻِ افتخار جي ڳاله آهي جو اسان جي درميان اوهان جهڙي شخصيت موجود آهي ۔ مولا اوهان کي سلامت رکي ۔
    دوست ادي تسنيمي صاحب جو اوهان سان مان به تعارف ڪرائيندو هلان ته ادو اسان جو ننڍڻ کان ڪلاس ميٽ رهيو آهي ۽ ڪافي عرصو ڪراچي ۾ ادي سان وقت گذارڻ جو به موقعو مليو ۽ ڪافي بحث مباحثا ٿيندا رهيا ان کان بعد اسان عراق جو رخ ڪيو ۽ ادي ٿوري ئي عرصي بعد ايران هليا آيا ۔ هاڻي به جڏنهن به ايران وڃڻ ٿيندو آهي ته پهرين چانه ادي تسنيمي جي گهر ئي پيئبي آهي ادا جي قابليت ۽ جفاڪشي تمام گهڻي قابل ذڪر آهي ۽ ادو تسنيمي صاحب 5 سالن کان پال ٽاڪ تي به پهنجون خدمات انجام ڏئي رهيو آهي بحرحال ادو اسان جي درميان موجود آهي ته انهن کان ضرور استفادو ڪندا سي ٻهرحال سنڌي ٻولي جي فورم تي اسان هر شي کي ڀلائي ڪري ان ڪري گڏ ٿيا آهيون جو اسان سنڌ امڙ جا فرزند آهيون ۽ ان ڏتڙيل سنڌي قوم جي حقن ۽ سنڌي زبان جي ترقي لا جفا ڪشي ڪري رهيا آهيون سو ان مقصد ۾ اسان جا ڀا۽ اسان جو َضرور ساٿ ڏيندا ۔ ادا تسنيمي صاحب هڪ دفعو ٻيهر آوهان جي مهرباني
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔
     
  18. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    سڀني ڀائرن کي وعليڪم السلام و رحمه الله و برڪاته
    ادا اوهان سڀني جي مهرباني جو ايترو قرب ڏنو، حقيقت ۾ وادي مهراڻ آهي ئي محبتن ۽ چاهتن جي دنيا جتي سڀني لاءِ عزت ۽ احترام آهي، اسان سڀ سنڌي جتي به هجون، اسان جو دليون هڪٻئي لاءِ ڌڙڪن ٿيون.
    بهرحال ادا سليمان وساڻ اسان خدمت ڪرڻ آيا آهيون.
    ادا نثار ابڙا، اوهان سوچن کي هڪ نئين لائين ڏني.
    ادا عمران، اوهان جي وڏي شان ۽ مرتبي سان استقبال جي مهرباني.
    ادا عمران درويش ڀليڪار تي لک ٿورا.
    ادا عاشق سولنگي، جي واعليڪم السلام تي قربان!
    ادا مست جي دلي گهراين جو شڪريو.
    ادا طاهر سنڌي جي اهلا و سهلا ڏاڍي وڻي، ڀاءُ مهرباني.
    ادا ممتاز علي وگهيو جي گلن جا احسان ڳائبا.
    ادا رشيد سمون، مناسب وقت تي مشورا به ڏبا هئينر جيڪا ڳاله محسوس ٿئي ٿي اها هي ته خواتين ۽ ٻارڙن جي سيڪشن جي ڪمي آهي.
    ادا نويد احمد ڪلوڙ جي ڀلي ڀلي لڳي.
    رياض حسين گلال جي محبت ياد رکبي.
    ادا همانگير سولنگي جي ڊبل ڀليڪار تي لک ٿورا. ڀاءُ جيڪو هوندو سڀ گڏجي ونڊ ڪنداسون.
    ادا علي علي ته روح کي ريحان بڻائي ڇڏيو. زندگي جي بهترين حصي جي ياد تازه ٿئي. ڀاءُ اوهان هميشه اسان جي يادن، محفلن، ڪچهرين ۽ دعائن ۾ هميشه اسان سان گڏ آهيو. لک لائق.

    @};-@};-
     
  19. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا تسنيمي صاحب!‌ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اوهان کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي
     
  20. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌ سلامت جي سهڻي سنگت کي تسنيمي جو سلام

    ادا عبد الوحيد سومرا توهانجا لک لائق۔ انشاءالله سدائين هي اتاق وسندي رهندا۔ ۽ پري پري کان سنڌ واسي هن محبتي اکڻ تي خوشين جو ونڊ ڪرڻ ايندا رهندا۔ قومي فڪر بيدار ٿيندو۔ وادي مهراڻ کي پنهنجو حقيقي مقام ملنو۔@};-@};-
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو