دوستو! غير ملڪي غير قانوني تارڪين وطن کي سنڌ سالن کان ڀوڳي رهي آهي. نيٺ سنڌين جو ضمير جاڳي پيو آهي. جو آءُ سنڌ پوليس خاص طور ڪشمور گڊو پوليس کي سلام ٿو پيش ڪريان جو اهي هاڻ پنهنجي بارڊر تي چوڪس آهن ۽ غير ملڪي غير قانوني سنڌ تي ڌاوا ٻولڻ وارن لاءِ عبرت جو نشان انهن کي بڻائن ٿا. ۽ پنهنجي ذميداري بخوبي سر انجام ڏين ٿا. ۽ انهن کي سنڌ ۾ غير قانوني داخل ٿيندي ئي گرفتار ڪري وٺن ٿا. دعاء آهي ته اهو ڏينهن شال جلد اچي جڏهن ڪو به غير قانوني مقيم سنڌ ۾ نه هوندو. آمين ثم آمين.
جواب: نيٺ سنڌين ڪري ڏيکاريو انشاء الله هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جو سنڌ جا سورهيه سنڌ جي حفاظت ۾ چوڪس ٿي سنڌ ۾ ايندڙ سڀني ڌارين جو حساب ڪندا ۔۔۔ سٺي خبر آهي ۔۔۔
جواب: نيٺ سنڌين ڪري ڏيکاريو دير آيد درست آيد الله ڪندو اڳتي به ائين ئي ڪندو رهندو ڪشمور پوليس کي سلام هجي فقير پاران به سدائين گڏ
جواب: نيٺ سنڌين ڪري ڏيکاريو بلڪل ادا ان شاءَ الله اهو ڏينهن جلد ايندو۔ بس ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سنڌي سڄاڳ ٿيون ۽ هر پرديسي تي نظر به رکون ته ڇا هو قانوني طور سنڌ ۾ رهي ٿو يا غير قانوني طور۔
جواب: نيٺ سنڌين ڪري ڏيکاريو [justify]طاهر جاني لڳي پيو گڊو ڪشمور پوليس وارن سان تنهنجي گهاٽي ياري آهي، جو پل پل جي خبر توکي پوي پئي يار تو وڃي دوستي رکي سو به سنڌ پوليس سان ۽ انهن پوليس وارن تي تنهنجي عربي ليڪچرن شايد هڻي وڃي هنڌ ڪيا آهن اسان جي ٽنڊو محمد خان جي پوليس جي ته ادا منهنجي ونڊ ڪيل سنڌي فلم چيڪ پوسٽ کي ڏسي اندازو لڳائي سگهين ٿو ته جيڪو به چيڪ پوسٽ تان گذري ٿو ان پنهنجي توڙي پرائي کي اصل ڏنڊا هڻيو خرچي پاڻي ڪڍن ٿا۔ وڌيڪ گڊو ڪشمور پوليس وارا تنهنجا سنگتي آهن فرق ته لازمي ايندو نه۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔![/justify]
جواب: نيٺ سنڌين ڪري ڏيکاريو [justify]سائين خبر اخبار جي هئي، اها ٻي ڳالهه آهي ته گڊو ۽ ڪشمور پوليس ۾ اڪثر منهنجا مائٽ آهن، اوهان جي چيڪ پوسٽ ڏٺي آهي، اوهان جي پهرين ڪوشش هئڻ ڪري قبولي سين، ۽ سائين مان هڪ سول ماڻهو آهيان پوليس جي لائن جو نه آهيان اها خبر پٽي ڀائين کان پوندي۔۔۔[/justify]