اسلام و عليڪم

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ پايس
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ
جواب: اسلام و عليڪم

دوست پايس، سڀ کان پهريان ته اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ اوهان هن اوطاق جي مقصد مان ته واقف ٿي ويا هوندا ته سنڌ ۽ سنڌيت اسانجو مقصد به آهي ته منزل به ۔۔۔ اوهان سنڌ سلامت جي رڪن آرزو جي معرفت پهتا آهيو، اهو ته اڃان به ڀلو ٿيو، ڇاڪاڻ ته دوست آرزو هن اوطاق جو سونهون ۽ سهڻو دوست آهي ۔۔۔ آرزو جا ونڊ ٿيل بيت ۽ نثري ٽوٽڪا پنهنجي مٽ پاڻ هوندا آهن ۽ مٿان چترڪاري به ٺاهوڪي هوندي آهي ۔۔۔

مون ۾ آهين تون ۾ آهيان مان جي مصداق آرزو ۽ اسين بادل ۽ بجلي آهيون ۔۔۔

دوست پايس، اوهان جو نالو به تمام سهڻو ۽ ڀائجندڙ آهي، پر ان سهڻي نالي کي مڪمل ڪريو ها مقصد ڪا خانداني يا ديني نشاني لڳائڻ به گهرجي، جنهن سان نالو ڪامل ٿي پوندو آهي، خاندان ۽ ذات جو هجڻ نالي کي معتبر ڪري وجهندو آهي، ٻسي ٿيڻ کان بچي ويندو آهي ۔۔۔ وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ۔۔۔

دوستن اوهانجي سٺي آڌرڀا ڪئي آهي، ان مان اوهانکي هِنَ سنڌ دوست اوطاق جي دوستن جي ذهن ۽ نظريي جي به خبر پئي هوندي، اسين دوستاڻي انداز سان اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته اوهانجي دوستي به هن اڱڻ تي اضافي روشني مهيا ڪندي ۔۔۔

آخر ۾ آ اوهانکان هڪ سوال ڪندس، انجو سبب ته اوهين سنڌي ادب ۾ پڙهي رهيا آهيو انڪري هي سوال ڪريانٿو؛

مثال؛
اوهان ماڻهن جي هڪ مجموعي ۾ وڃو ۽ اچانڪ وچ ۾ بيهي چئو ته آ پايس آهيان ۽ پنهنجي زبان درست ڪيو ۔۔۔؟

يا وري اوهان ان مجموعي ۾ وڃو، پنهنجو مڪمل تعرف ڪرائي، دوستو وڌايو، کل ۽ کيڪار ڪيو ۽ انکانپو انهن دوستن جي ٻولي تي اخلاق تي يا ڪردار تي ٽيڪا ٽپڻي ڪيو۔

انهن ٻنهي صورتن ۾ ڪهڙي صورت وڌيڪ اخلاق ۽ ادب جي ويجهو آهي؟

اميد ته منهنجو سوال سمجهي ويا هوندا ۽ فراخدلي سان جواب پڻ قبول ڪندا ۔۔۔

هڪ ٻي ڳالهه ته اسين سڀ ڪي ٻولي جا ماهر ناهيون، يا وري ٻولي ۽ ادب تي ڪي فلاسفر ٿي ويا آهيون، اسين به اوهان جيئان شاگرد آهيون ۽ هڪٻئي جي اصلاح ڪري رهيا آهيون ۽ سنڌي ٻولي کي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ اهڙو ميدان مهيا ڪري ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جنهن ذريعي اسانجا سنڌي سٻاجهڙا لکي پڙهي سگهن، پنهنجن خيالن جو اظهار ڪري سگهن، ڪجهه سور ٻڌائن ۽ ڪجهه سور ٻڌن ۔۔۔

اچــــو ڙي سورن واريون ڪـــــريون سور پچــــار،
ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار،
ڏنــــــا جي ڏاتار، ســــــي جهولــــــي پائي جهليــا۔

اوهان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪري رهيا آهيو، خوشي ٿي جو اوهانجهڙا سنڌ دوست، ادب جي سفر جا پانڌي اسانجي ساٿ ۾ اچي گڏ ٿيا آهن ۔۔۔

دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ خوشيون گڏ ٿين

اميد ته هن اڱڻ کي پنهنجو اڱڻ ڪري سمجهندا ۽ ڪجهه ڏيڻ ۽ ڪجهه وٺڻ جي بنياد تي ساٿ چڙهندو لڪئين ۔۔۔

دعائن ۾ گڏ ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: اسلام و عليڪم

ادا اوهان کي ڀليڪار

ادا جيڪڏهن اوهان ادب پڙهي رهيا آهيو ته يقينن اوهان کي ادب ۽ بي ادبي واري انداز گفتگو جي بهتر نموني پرک ٿيندي۔ تنهنڪري اوهان پنهنجا ئي لکيل جملا ٻيهر ضرور پڙهو۔

سنڌ سلامت تي سڀ سکڻ وارا آهن ۔ ڪير به ڪنهن کان اتم ناهي۔ سڀ اسان جا ڀائر آهن۔
 
جواب: اسلام و عليڪم

سائين سليمان صاحب
ٻيهر معافي طلب۔
گڏ رهڻ جي لا ٻيهر گذارش۔ ۔ ۔ ۔ ۔
ته سائين جيڪڌهن توهان کي منهنجو انداز گفتگو مناسب نه لڳو آهي ته توهان مون کي چئي پئي سگهيا پر توهان نه چيو ۽ هاڻي پنهنجو اظهار را ڏنو۔
آ سمجهي نه سگهيس ته توهان جي را  ڇا آهي؟

ادا ۔۔۔ ڀاء ۔۔۔ يار اسان جو ڀاء آهين

ڪهڙي معافي يار پاڻ دل ۾ ڪونه ڪيون۔ سچائي سچائي ئي هوندي آهي۔ اوهان سچي ڳاله ڪئي اسان بهتري آڻينداسين ۽ آني رهيا آهيون۔ يقينن هتي ڪيترائي دوست آهن جن کي سنڌي ٽائيپنگ گهٽ پئي اچي ، انهن کان لکڻ ۾ غلطيون ٿينديون۔ اسان به سنڌي ٽائيپنگ هاڻي سکي آهي ، ظاهري آهي مشڪل ايندي۔

منهنجي راء اها آهي ته اوهان پنهنجون لکڻيون اسان سان ونڊ ڪيو۔ توهان جي نڪور لکڻين جو انتظار آهي جيڪي يقينن اسان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪنديون۔

هتي سڀ ڀائر آهيون ڪوبه دل ۾ ڪونه ڪندو آهي۔
 
جواب: اسلام و عليڪم

سائين نثار مان اوهان سان متفق آهيان۔۔۔۔
پايس جو رويو بهتر نه آهي۔۔۔
 
Back
Top