نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔
چند ڏينهن پهرين حيدرآباد ۾ آل پاڪستان ڪارڊڪ آرگنائيزيشن پاران حيدرآباد ڪلب ۾ هڪڙو تمام شاندار ڪانويڪيشن جي تقريب منعقد ٿِي جنهن ۾ پوري پاڪستان جا ڊاڪٽر شريڪ ٿيا انساني زندگي بچائڻ جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن جي هي تقريب حيدرآباد جي خوبصورت ترين تقريب مان هڪ هُئي، عبدالغفور سمون جي مهربانين سان ان تقريب ۾ شرڪت جي باقائده دعوت انهي ڪانفرنس جي آرگنائزر پاران ملي ۔ هن ڪانفرنس ۾ دل جي روڳ مطلب دل جي بيمارين کي ختم ڪرڻ واري علاج جي ڪافي سارن تجويزن تي غور ۽ ويچار ڪيو ويو، سمورو حيدرآباد ڪلب ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سان کچا کچ ڀريل هو، هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ڊاڪٽرياڻي اي آر وائي جي گُڊ مارننگ پاڪستان ۽ جيو ٽي وي جي پروگرام اٺو جاگو پاڪستان انڪر پرسن پري چهرو ڊاڪٽرياڻي شائسته واحدي هن سموري ڪانفرنس جي نگاهن جو خاص مرڪز هُئي۔ انهي تقريب ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ فنڪارن ڪافي سارا اوپيرا ٽائپ جا سنڌي لوڪ ڪهاڻين مان ٽيبلو پيش ڪيا، جنهن ۾ مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ، سورٺ را ڏياچ، شهيد دودو سومرو سرفهرست آهن۔ عمر مارئي واري ٽيبلو ۾ سنڌياڻي فنڪاره عائشه مهڪ مارئي جي ڪردار ۾ ايتري ته شاندار پرفارمنس ڏني جو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورن ماڻهن دل کولي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏني عائشه مهڪ جي اهڙي پرفارمنس کي ڏسي سنڌ ديس جي عظمت لا بي اختيار انتهائي اُڪير ۽ اُتساهه سان منهنجي لبن تي سلام اچي ويا۔ اهڙي طرح اهو پروگرام اهڙي سخت ترين سِي ۾ ساري رات بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهيو۔ هاڻي پيش آهن هن خوبصورت ڪارڊڪ ڪانفرنس جون تصويري جهلڪيون۔ دوستو جيئن ته هن ڪانفرنس جي سڀ کان خوبصورت ترين ۽ محفل جي نگاهن جي مرڪز ڊاڪٽر شائسته واحدي هُئي ان ڪري عبدالغفور سمون ۽ جهوني نثار ناز جي ڪئميرا مطلب سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک جو زياده تر مرڪز پڻ ڊاڪٽر شائسته واحدي هو۔ ان ڪري شائسته واحدي جون تصويرون زياده آهن۔

دوستو منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر شائسته واحدي جون تصويرون سنڌ سلامت جي هن شوبز واري شعبي کي ضرور جرڪائينديون دوست توهان کي ڊاڪٽر شائسته واحد جي آس پاس اسان جو عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون به ڪٿي نه ڪٿي ضرور نظر آيو هوندو۔ شينهن سمون جو ڪم آهي ڪم کي کڻڻ۔