آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ۔
    چند ڏينهن پهرين حيدرآباد ۾ آل پاڪستان ڪارڊڪ آرگنائيزيشن پاران حيدرآباد ڪلب ۾ هڪڙو تمام شاندار ڪانويڪيشن جي تقريب منعقد ٿِي جنهن ۾ پوري پاڪستان جا ڊاڪٽر شريڪ ٿيا انساني زندگي بچائڻ جي شعبي سان سلهاڙيل ماڻهن جي هي تقريب حيدرآباد جي خوبصورت ترين تقريب مان هڪ هُئي، عبدالغفور سمون جي مهربانين سان ان تقريب ۾ شرڪت جي باقائده دعوت انهي ڪانفرنس جي آرگنائزر پاران ملي ۔ هن ڪانفرنس ۾ دل جي روڳ مطلب دل جي بيمارين کي ختم ڪرڻ واري علاج جي ڪافي سارن تجويزن تي غور ۽ ويچار ڪيو ويو، سمورو حيدرآباد ڪلب ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻين سان کچا کچ ڀريل هو، هن تقريب ۾ شريڪ ٿيندڙ ڊاڪٽرياڻي اي آر وائي جي گُڊ مارننگ پاڪستان ۽ جيو ٽي وي جي پروگرام اٺو جاگو پاڪستان انڪر پرسن پري چهرو ڊاڪٽرياڻي شائسته واحدي هن سموري ڪانفرنس جي نگاهن جو خاص مرڪز هُئي۔ انهي تقريب ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ فنڪارن ڪافي سارا اوپيرا ٽائپ جا سنڌي لوڪ ڪهاڻين مان ٽيبلو پيش ڪيا، جنهن ۾ مومل راڻو، عمر مارئي، سسئي پنهون ، سورٺ را ڏياچ، شهيد دودو سومرو سرفهرست آهن۔ عمر مارئي واري ٽيبلو ۾ سنڌياڻي فنڪاره عائشه مهڪ مارئي جي ڪردار ۾ ايتري ته شاندار پرفارمنس ڏني جو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ سمورن ماڻهن دل کولي تاڙيون وڄائي کيس داد ڏني عائشه مهڪ جي اهڙي پرفارمنس کي ڏسي سنڌ ديس جي عظمت لا بي اختيار انتهائي اُڪير ۽ اُتساهه سان منهنجي لبن تي سلام اچي ويا۔ اهڙي طرح اهو پروگرام اهڙي سخت ترين سِي ۾ ساري رات بغير ڪنهن وقفي جي جاري رهيو۔ هاڻي پيش آهن هن خوبصورت ڪارڊڪ ڪانفرنس جون تصويري جهلڪيون۔ دوستو جيئن ته هن ڪانفرنس جي سڀ کان خوبصورت ترين ۽ محفل جي نگاهن جي مرڪز ڊاڪٽر شائسته واحدي هُئي ان ڪري عبدالغفور سمون ۽ جهوني نثار ناز جي ڪئميرا مطلب سنڌ سلامت جي ڪئميرا جي اک جو زياده تر مرڪز پڻ ڊاڪٽر شائسته واحدي هو۔ ان ڪري شائسته واحدي جون تصويرون زياده آهن۔[/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    دوستو منهنجي خيال ۾ ڊاڪٽر شائسته واحدي جون تصويرون سنڌ سلامت جي هن شوبز واري شعبي کي ضرور جرڪائينديون دوست توهان کي ڊاڪٽر شائسته واحد جي آس پاس اسان جو عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون به ڪٿي نه ڪٿي ضرور نظر آيو هوندو۔ شينهن سمون جو ڪم آهي ڪم کي کڻڻ۔
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    دوستو هاڻي پيش آهن سنڌي لوڪ ڪهاڻين تي مشتمل ٽيبلو جيڪي هن ڪانفرنس ۾ سنڌي فنڪارن پيش ڪيا انهن جون تصويري جهلڪيون۔

    [​IMG]
    مشهور سنڌي لوڪ قصي مومل راڻو جو ٽيبلو جنهن ۾ مومل سان گڏ سنڌ ڀيڻ سومل راڻي جي لباس ۾ ساڻس سان گڏ سُتي پئي آهي۔

    [​IMG]
    را ڏياچ جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار

    [​IMG]

    [​IMG]
    سسئي پنهون جو ٽيبلو جنهن ۾ پنهون جي پي جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ۽ پنهون جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪار ۽ سسئي جو ڪردار ادا ڪندڙ فنڪاره

    [​IMG]
    ٻه سنڌي فنڪارائون۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    اسان جي سنڌ سلامت جي راڄ جو راڻو شينهن سمون عبدالغفور به اگهاڻو اصل ڪم کي کڻيو بيٺو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]
    ميران ٻائي جو ڪردار ادا ڪندڙ هڪڙي سنڌي فنڪاره پنهنجي ساٿي فنڪار اسان واري دوست محترم وڪيل منڱريو سان گڏ​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    دوستو جيڪڏهن توهان جي دل چاهي ته هي تصويرون به انهي ڪانفرنس جون ڏسي ڇڏجو

    [​IMG]
    سنڌ جيئي سنڌ وارا جيئن واري گيت تي پرفارمنس ڏيندڙ سنڌي فنڪاره

    [​IMG]
    ڊاڪٽر شائسته واحدي پنهنجي مڙس مسٽر واحدي سان گڏ جڏهن ته وچ ۾ سنڌي ڊاڪٽر محترم آصف انصاري موجود آهي

    [​IMG]
    ڊاڪٽر شائسته واحدي، سندس مڙس ۽ ٻيا سڀ کان خوبصورت ترين منظر سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز جي ورتل تصوير۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    مهرباني دوستو وري ملنداسين وري ڪنهن نئين پروگرام سان نئين تصويرن سان ساڳوڻي شوبز واري سيڪشن ۾ توهان جي مفيد مشورن، ۽ راين جو شدت سان انتظار رهندو۔​
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    تمام بهترين ڪاوش
    الله اوهان کي وڏي ڄمار ڏيئي۔۔
    مهربانيون۔۔۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    ادا آرزو توهان جون لکين مهربانيون جو اسان جي هن غريباڻي ڪاوش کي بهترين ڪاوش جو خطاب ڏنو ۽ توهان دعائون ڪيون لک لائق مٺا۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي بهترين ڪاوشن تي اوهان کي مبارڪون۔ هي شينهن اڃان گجندو رهندو ۽ سنڌ سلامت به پروان چڙهندي۔ خوبصورت گهڙين کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ سان گڏ سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊڻ تي اوهان جا ۽ غفور سمون جا احسانمند آهيون۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    ادا توهان جي همت افزائين جو دل سان ٿورائتو آهيان پر ان ڳالهه ۾ ٻوڏڙي ۾ پئجي ويو آهيان ته شينهن جي گجگوڙ سان سنڌ سلامت جي پروان چڙهڻ‌جو ڪهڙو تعلق آهي۔ جي وساڻ‌ فقير بيان ڪري ٻُڌائي ته ڪجهه هن جهوني نثار ناز جي پلئه پوي۔ غفور سمون ۽ نثار ناز توهان جا احسان مند آهن۔
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    سائين نثار ناز سلام

    [justify]سائين اوهان اها پوڙهي لکڻ واري روايت برقرار رکيو اچو۔ پهريان صرف جهونو لکندا هئا ۽ هاڻي وري جهونو شينهن۔ پر منهنجي نظر ۾ اوهان اڃان نوجوان شينهن آهيو ۽ شينهن جي گجگوڙ جاري رهندي مطلب اوهان نوجوان ته سنڌ سلامت به اوهان کان وڌيڪ نوجوان۔

    سائين سائين اها پوڙهائپ ڇڏيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جذبا هميشه جوان رهندا آهن۔ اوهان جا جذبا ،اوهان جي سوچ اوهان جو قلم اڃان جوان آهي۔[/justify]

    اوهان جا ٿورا جو اسان جي ننڍڙين ڳالهين تي به ايڏي موٽ پيا ڏيو۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    يار محمد سليمان وساڻ هُن امين سمون جو خدا خير ڪري جو مونکي خام خواهه اولڊ لوئن ڪري لکيو آهي، مٿان وري شل ڪو الله ڀلو ڪري ان رولو موسمي ٻٽيري علي علي جو جو پوڙهي شينهن واري ڳنڊ اسان جهونن تي ٻڌي ڇڏي۔ هاڻي تون وري اسان کي پيو چوين ته پوڙهو شينهن اسان پاڻ کي پاڻ بنايو آهي۔ خير توهان کي ونڊ سُٺي لڳي عبدالغفور سمون ۽ نثارناز تنهنجا دل جي گهرائين سان هڪ ڀيرو ٻيهر ٿورا ٿا مڃن۔
     
  10. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    جس هجي توهان جي محنت کي۔۔ادا
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آل پاڪستان ڪارڊڪ ڪانفرنس جي شاندار تقريب حيدرآباد هال ۾۔۔۔۔

    امين جاني ڪهڙا حال اٿئي، يار نئين سال جون مُبارڪون جيڪڏهن قبول ڪرين ته موڪلي ڏيان خير محنت ته هُن شينهن سمون عبدالغفور سمون جون آهن جيڪو اهڙين تقريبن جو دعوتون ڏيندو رهندو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو