اڄ فيس بوڪ مونکي ٻڌايو آهي ته سنڌ سلامت جي محترم ايڊيٽر ۽ اسان جي مهربان ۽ جاکوڙي دوست محترم مولوي رحيم بخش صاحب جن جو جنم ڏينهن آهي۔ اسان کين نئين سال سان گڏ سندس جنم ڏينهن جون واڌايون پيا ڏيون۔ پنهنجي پاران ۽ ساري سنڌ سلامت سٿ پاران کين دعا آهي ته رب پاڪ کين هميشه خوش رکي ۽ دين محمدي جي واڌاري لاء ڪيل سندن خدمتن تي رب پاڪ جي خاص مهرباني ٿئي۔
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين جن کي اسان طرفان به جنم ڏينهن جون مبارڪون
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين جن کي جنم ڏينهن مبارڪ هجي http://www1.egreetings.com/display?bfrom=1&prodnum=3031562&path=8007&va=1 sadayeen gud
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون دعائون ته هن ناچيز جون به سائين مولوي رحيم بخش سان گڏ آهن، رب العالمين سندس ايمان ۾ واڌارو ڪري ، رزق ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت ڪامله عطا ڪري ۔۔۔ پر ادو رحيم بخش آهي ڪٿي ۔۔؟ هن اڱڻ جي دوستن سان ڪاوڙيل آهي ته جلد پنهنجي ڪاوڙ ختم ڪري، اسانجا هٿ ٻڌل آهن ۽ جي رٺل آهي ته دوستن سان ايترو رسڻ به سٺو ناهي ۽ جي اسان کان ڪي خطائون ٿيون آهن ته معافيءَ جا طلبگار آهيون ۽ جيڪڏهن ڪي اوڻايون ٿيون آهن ته اسين پنهنجين اوڻاين تي ندامت محسوس ڪريونٿا ۔۔۔ منهنجي مداين جـــي، ڪل پريــــان پيئي، ڪڏهن ڪوسا ڪون ٿيا، ڏوراپا ڏيئي، ساجــــن سڀيئي، ڍڪـــــج ڍول ڍلايـــــون۔
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون السلام عليڪم سائين مولوي رحيم بخش عرف اسان جي سر جا سائين اسان پاران اوهان کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي ۔ سائين اوهان ڪٿي آهيو هتي دوست اوهان کي جنم ڏينهن جو مبارڪون پيا ڏين پر اوهان اڄ ڪله اوطاق کي تمام گهٽ وقت ڏئي رهيا آهيو سائين اسان سڀني کي اوهان جي پيار ڀر ي تحرين نصيحت ڀريل نڪات جي تمام شدت سان ڪمي محسوس ٿيندي آهي سو سائين اوهان کان بنا محفل به ڪجه منڌل نظر ايندي آهي جي اوهان وٽ ٽائيم هجي ته اوطاق تي هر روز ضرور ڀيرو ڀريندا ڪيو ۽ اسان کي اهو احساس ضرور ڏياريندا ڪريو ته اوهان جو سايو اسان مٿان قائم آهي ۔ سائين ڏسو مان اوهان لاء هوتو حلوائي جي دڪان تان اسپيشل ڪيڪ وٺي آيو آهيان جلدي اهو پاڻ به کائو ۽ سنگت کي به کارايو ڪٿي فلپوٽي فقير يا لڪل چاهت جي نظر پئجي ويس ته گره ئي هڪڙو ڪندس اميد ته اوهان کي هي قبول پوندو
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون محترم رحيم بخش صاحب يار معاف ڪجو وقت سر توهان کي جنم واڌايون ڏئي نه سگهيس، چلو ساري سنگت پنهنجا پيار نڇاور ڪيا جي سنگت واڌايون ڏنيون تڏهن به ڳالهه هڪڙي آهي۔ علي علي موسمي ٻٽيري الائي ڪهڙو حلوائي جو دوڪان تاڻيو آهي جو اتان ڪيڪ ٺاهرائي آيو آهي توهان جو۔ حالانڪه جيتري قدر پيري ۾ مونکي خبر آهي ته ڪيڪ صرف بيڪري ۾ تيار ٿيندا آهن، پر ٿِي سگهو ٿو اسپيشل ڪيڪ حلوائي جي دوڪانن تي ٺهندا هُجن اڄ سارو ڏينهن شهر ٽنڊو محمد خان جي حلوائين جا دوڪان ڳولهيا اٿم ته من ڪو پاروٿو ساروٿو ڪيڪ حلوائين کان ملي پوي پر حلوائن مونکي چريو سمجهي کلڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته بي وقوف ڪيڪ بيڪرين ۾ تيار ٿيندا آهن حلوائين وٽ مٺايون تيار ٿينديون آهن ۔ڏٺئي ڪري ويو نه توهان کي اهو علي علي چريو۔ ان کان علاوه اسان کي ٻڪرو ڪري ويو آهي۔ ڀلي آخر ته ملندو نه ۔ سڀ ڪسرون ڪڍبيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين جن کي اسان طرفان به جنم ڏينهن جون مبارڪون
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين اسان طرفان به سائين رحيم بخش صاحب کي دل جي گهراين سان جنم ڏينهن مبارڪ هجي۔ رحيم بخش صاحب سان به فون تي ڪچهري ٿيل آهي، پاڻ هڪ محبتي ۽ قربائتا شخص آهن
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون هن فقير جون دعائون به سائين مولوي رحيم بخش سان گڏ آهن، رب العالمين سندس ايمان ۾ واڌارو ڪري ، رزق ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت ڪامله عطا ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائينء کي مون مسڪينن پاران به جنم ڏينهن مبارڪ هجي
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سڀني دوستن پيارن جون لک مهربانيون جن هن عاجز کي هيترو مان بخشيو الله تعالي توهان جي ڏنل دعائن کي هن عاجز جي حق ۾ قبول فرمائي اوهان پيارن تي به پنهنجي ڪَرم جي ڪَڪَرن جي ڇانوَ ڪري ڪجهه مصروفيتن جي ڪري ڪافي ڏينهن اوهان جي ديدار جو درشن نه ٿيو ان لاء معذرت قبول پوي .
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين ڪيڪ ته بهترين آهي ليڪن هي ميڻ بتيون ڪير وسائيندو انهن جي خوشبوء به اگر ان ۾ شامل ٿي وئي ته پوء کانئڻ کان ته ڳالهه چڙهي ويندي باقي ڏسي دل خوش ضرور ڪبي سائين اوهان جي ياد ڪرڻ جي مهرباني.
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون هن فقير جون دعائون به سائين مولوي رحيم بخش سان گڏ آهن، رب العالمين سندس ايمان ۾ واڌارو ڪري ، رزق ۾ برڪت وجهي ۽ کيس صحت ڪامله عطا ڪري ۔۔۔ آمين 01-01-2011 04:37
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين قبلا جديد دور آهي اسان وٽ به هڪ دوڪان آهي جتان حلوو ته ملندو آهي ليڪن انهن وٽ ڪيڪ به دستياب آهن ان کان علاوه ٻيو هار سينگار جو سامان ڪريم پائوڊر وغيره به موجود اٿس سو ادا علي علي به ڪو اهڙو دڪان تاڙيو هوندو. بين الاقوامي فقيرن کان ڪو در ڳجهو هوندو ڇا؟ بهرحال اوهان جون دير سوير سان يادگيريون اسان جي اکين تي الله تعالي توهان کي سلامت رکي.
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين پيارا اوهان جي مهرباني جو هن عاجز کي توهان دعائن سان ياد فرمايو الله تعالي اوهان کي سڄي ساٿ سان سلامت رکي اسان جي دوستي اٿَو جڏي مڙئي توهان پيا نباهجو اسان جو حال نه آهي . مڙئي ميارون مونڏي هڪ نه هوتن ڏي. دوستي نباهڻ جو ڏانء سائين عبدالرشيد جن کي ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي آهي سو الله تعالي انهن کي سلامت رکي .
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان به دعائن ۾ ياد فرمايو اوهان شڪايت جو ذڪر ڪيو آهي سنگت ۾ شڪايت نه پر ڏک ضرور محسوس ٿيندو سو به انجو جيڪو اهڙو پيارو هجي جو ٻين سان مزاق ۾ شامل ٿي گل هڻي ته به پٿر کان ڳرو محسوس ٿئي سو ٻين سان ته شڪايت نه پر اوهان سان ضرور آهي ته هوڏي جيئي سنڌ جا نعرا اوهان ڏاڍا پيارا ليڪن اگر اهو پيارو ڪافي عرصي کان غائب هجي ته اوهان موبائيل تي ايس ايم ايس ڪري حال دريافت به نه ٿا ڪريو سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڏٺوپير پني مراد سو ڪجهه پاسي رهي ڪري سنگت جي پرک ٿي ته سنگت جا رڳو سکڻا نعرا آهن باقي دوستي اڃا ڪا ٻي شيء آهي پر پوء به اسان کان ڀلا آهيو جو نياپا اوهان جا پهتا انهن نياپن نهوڙي نيو عاجزي جو سلام قبول پوي هيتري ساري سنگت ۾ هڪ دوست ڪو دل گهريو ٿي پيو ته به اسان ڪمايو . هڪ پنهل ڪاڻ ٿي ٻانهي ٻاروچن جي.
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون فقير سائين الله تعالي توهان جون دعائون قبول فرمائي اوهان جي مهرباني جو هن عاجز کي دعائن ۾ ياد ڪيوَ ليڪن اوهان جي موڪليل ڪَيڪَن مان هيٺئين ڪَيڪَ سان ڪنهن هٿ چراند ڪئي آهي ڏس ته ڪجهه کائي به ويو آهي اهي ڪم ڪنهن جا هوندا اوهان فقيرن کان ته اهو ڳجهه ڪونه لڪندو ان کي ظاهر ڪري ان کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي اگر هو قانون جي ڪٽهڙِي ۾ خوشي سان اچي وڃي ته اهي ٻئي ڪيڪ ان سچائي جي خوشيء ۾ ان جي حوالي ڪيا وڃن . پر جي نه اچي ته ڪنگ آف سنڌ سلامت جي دربار ۾ ان جي خلاف رپورٽ درج ڪرائي وڃي .
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون ادا ممتاز اداعاشق اداآرزو ادا ڏاڏل شينو ادا نويد احمد ڪلوڙ پيارا اوهان جي به وڏي مهرباني جو هن عاجز کي اوهان ياد فرمايو الله تعالي توهان کي خوش و آباد رکي