• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون

جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين قبلا اوهان جي مهرباني جو اوهان به دعائن ۾ ياد فرمايو اوهان شڪايت جو ذڪر ڪيو آهي سنگت ۾ شڪايت نه پر ڏک ضرور محسوس ٿيندو سو به انجو جيڪو اهڙو پيارو هجي جو ٻين سان مزاق ۾ شامل ٿي گل هڻي ته به پٿر کان ڳرو محسوس ٿئي سو ٻين سان ته شڪايت نه پر اوهان سان ضرور آهي ته هوڏي جيئي سنڌ جا نعرا اوهان ڏاڍا پيارا ليڪن اگر اهو پيارو ڪافي عرصي کان غائب هجي ته اوهان موبائيل تي ايس ايم ايس ڪري حال دريافت به نه ٿا ڪريو سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڏٺوپير پني مراد سو ڪجهه پاسي رهي ڪري سنگت جي پرک ٿي ته سنگت جا رڳو سکڻا نعرا آهن باقي دوستي اڃا ڪا ٻي شيء آهي پر پوء به اسان کان ڀلا آهيو جو نياپا اوهان جا پهتا انهن نياپن نهوڙي نيو عاجزي جو سلام قبول پوي هيتري ساري سنگت ۾ هڪ دوست ڪو دل گهريو ٿي پيو ته به اسان ڪمايو .
هڪ پنهل ڪاڻ ٿي ٻانهي ٻاروچن جي.

منهنجا دوست، بيشڪ اسين خطاوار آهيون پر سڀني ڳالهين جي هڪ ڳالهه جيڪا اڄ جي حقيقت آهي ۽ دلي سڪون ته اوهان اڱڻ تي ڪهي آيا ۔۔۔ ۽ جواب ڏئي من جو مونجهه ختم ڪئي اٿوَ ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔۔

اسين ته نياپا سنيها ويٺي ڪيا، اوهانجي ئي ڪمري ۾ پيل ڪمپيوٽر جي ڀڪ تي اسانجي هڪ اوطاق آهي سنڌ سلامت، اوهان ان اوطاق جي دروازي تان لنگهيا ته گهڻا ئي ڀيرا پر دروازي کان اندر به نه ڏٺو ته هڪ پراڻو دوست چلم دکايون هر وقت ويٺو آهي ۔۔۔ سائين اسانجون ديدون ته در ۾ اٽڪيل هيون ۔۔۔

پر هاڻ ڪهڙيون تنهنجيون ڪهڙيون منهنجيون اچ ته ڳلي ملون ڪي دل جا حال احوال ڪريون ۔۔۔

اوهانجي دعائن جا طالب آهيون ۔۔۔ اوهانجي صحت، تندرستي ۽ ايمان سلامتيءَ لاءِ هٿ مٿي آهن ۔۔۔

ڀلي ڪيئي ڀلا پرين، توکي هئن نه منـاسب هوءِ،
لائي چت چريو ڪري، پــاڻ ڪڍي وئيـــــن پوءِ،
توڙي حب نه هوءِ، ته به هوت نه ڪجن هيڏيون۔
 
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين قبله صاحب کي اسان جي طرفان به جنم جي ڏينهن جون واڌايون۔ الله سا۔ين کين تندرستي عطا ڪرين ۽ وڌ کان وڌ اسلام، مسلمانن، خاص طور تي سنڌ واسين جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي توفيق عطا ڪرين۔ ۽ گذشته ڪوششن کي احسن نموني سان قبول فرمائين۔
مان به هڪ ٻه ڏينهن حاضر نٿي سگهيس تنهنڪري دير سان واڌايون ڏيڻ جي معذرت۔
 
جواب: سائين مولوي رحيم بخش کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سائين جن کي اسانجي طرفان به جنم ڏينهن جون واڌيون دعا الله پروردگار کان واسطي پنجتن پاڪ جي توهانکي پنهنجي فيملي سان خوش رکي آمين۔۔۔ا
 
Back
Top