جيڪڏھن توھان غريب پيدا ٿيا آھيو ته ان ۾ توھان جو ڪو قصور نه آھي پر۔۔۔۔۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ھن دفعي جڏھن موڪلن تي گھر آيس ته وحيد ڳالھ ڪئي ته توھان چوندا آھيو ته سنڌ سلامت تي پڇيل ھر سوال جو جواب ملندو آھي پر مون کي ھڪ سوال جو جواب نه مليو آھي... سوال ھو ته منهنجي خيال ۾ بل گيٽ اهو ئي مائڪرو سافٽ جو مالڪ آهي پر ان کانسواء هن جي ڪهڙي خوبي آهي جو سڀ ڪو هن کي چاهي ٿو ۔ ڇا هو دولتمند به آهي؟

    سو سنگت ته ان سلسلي ۾ ڪجھ جواب ضرور ڏنا ھئا پر وحيد ان مان مطمئن نه ٿيو ان ڪري ان سميت سمورن دوستن اڳيان بل گيٽس بابت ڪجھ دلچسپ حقيقتون بيان ڪجن ٿيون...

    دوستو دنيا ۾ ھن وقت 1125 کرب پتي آھن جن مان 495 جو تعلق آمريڪا سان آھي.. ۽ انھن مان ھڪ نالو بل گيٽس جو به آھي... بل گيٽس 55 سالن جو ھڪ آمريڪي ۽ مائڪروسافٽ ڪمپني جو مالڪ آھي... ۽ ھي لڳاتار 13 سالن کان دنيا جو امير ترين شخص رھيو آھي.. بل گيٽس جي باري ۾ وڏيون دلچسپ ڳالھيون مشھور آھن..

    مثلن چيو ٿو وڃي ته بل گيٽس جي دولت ۾ ھر سيڪنڊ 250 ڊالرس جو اضافو ٿي رھيو آھي... اسان جيڪڏھن ان اضافي کي 24 ڪلاڪن سان ضرب ڏيون ته 21.6 ملين ڊالرس ٿيندا يعني ھڪ ارب 72 ڪروڙ 80 لک روپيه... ان جو مطلب ته بل گيٽس روزان ھڪ ارب 73 ڪروڙ ڪمائي ٿو...

    ھن جي باري ۾ چيو پيو وڃي ته بل گيٽس جيڪڏھن ھن جي ھٿ مان ھزار ڊالر جو نوٽ ڪري پوي ته ھن کي اھو نوٽ کڻڻ جي ضرورت نه پوندي ڇو ته اھو نوٽ کڻڻ ۾ 4 سيڪنڊ لڳندا جڏھن ته ان چئن سيڪنڊن ۾ ھن جي دولت ۾ ھوئن ئي ھزار ڊالر جو اضافو ٿي ويندو آھي...

    بل گيٽس جي باري ۾ چيو ٿو وڃي ته جيڪڏھن ھو پوري دنيا جي ماڻھن ۾ 15 پندرنھن ڊالر ورھائي ته ان باوجود کيس وٽ 5 ملين ڊالر بچي پوندا ...

    بل گيٽس کي جيڪڏھن ھڪ ملڪ تسليم ڪجي ته اھو ملڪ دنيا جو 35 امير ترين ملڪ ھوندو..
    ۽ بل گيٽس جيڪڏھن 35 سال لڳاتار پنھنجي دولت لٽائيندو رھي ته پوري دولت ختم ڪرڻ لاءِ ھن کي روزانو 70 لک ڊالر خرچ ڪرڻا پوندا...

    بل گيٽس جي دولت بابت مٿيون ڳالھيون مون ان لاءِ بھ ٻڌايون جو بل گيٽس جو ھڪ قول پڻ ٻڌائڻ چاھيان پيو... بل گيٽس چئي ٿو ته

    ”جيڪڏھن توھان غريب پيدا ٿيا آھيو ته ان ۾ توھان جو ڪو قصور نه آھي پر جيڪڏھن توھان غربت ۾ ئي وفات ڪري ويا ته ان ۾ صرف ۽ صرف توھان جو ئي قصور آھي..”
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جيڪڏھن توھان غريب پيدا ٿيا آھيو ته ان ۾ توھان جو ڪو قصور نھ آھي پر۔۔۔۔۔

    بل گيٽس جي جيڪا به دولت آهي اها سندس محنت، دماغي صلاحيتن، ڪوششن ۽ جانفشاني جو نتيجو آهي، هن پنهنجي جواني کي اجائي ڪمن ۾ نه وڃايو، هن پنهنجي يونيورسٽي جي پڙهائي دوران ئي پروگرامنگ جي ذريعي اهي ڪمال ڪيا جو استادن کي ڏندين آڱريون اچي ويون۔۔ آپريٽنگ سسٽم (ڊاس ۽ ان کان پوءِ وري) ونڊوز سندس پهرين پهرين ڪوشش هئي۔۔ سندس محنت کي ڏسي اسان سندس مٿئين قول کي درست سمجهون ٿا۔۔
    ان کان علاوهه موجوده دور ۾ بل گيٽس خيراتي ڪمن ۾ سڀني آمريڪي اميرن کان اڳڀرو آهي۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جيڪڏھن توھان غريب پيدا ٿيا آھيو ته ان ۾ توھان جو ڪو قصور نه آھي پر۔۔۔۔۔

    ادا بل گيٽس پنهنجي دماغ جو ۽ پنهنجي عقل جو صحيح استعمال ڪندي ترقي ڪئي اهي۔ هن نه ڪو شارٽ ڪٽ ڳوليو آهي نه وري ناجائز دولت ۔ هن پنهنجي محنت ۽ قابليت جي بنياد تي سڀ ڪجه ڪيو آهي۔

    باقي دولت هو ڪيئن ، ڪٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان استعمال ٿو ڪري اها سندس مرضي۔ جيتوڻيڪ هو 26 بلين ڊالرس چيئرٽي فنڊن ۾ ڏئي چڪو آهي. جيڪا خيراتي حوالي سان سڀ کان وڏي رقم آهي

    بل گيٽس جو آئي ڪيو ليول 170 آهي جيڪو تمام وڏي ليول جو آهي

    هڪ ٻي وڏي ڳاله.........جيڪڏهن مائڪروسافٽ جا گراهڪ صرف هڪ ڊالر به ڪليم ڪن ته هوند بل گيٽس کي ٽن سالن ۾ بئنڪ جو قرصي ٿي ويندو .......
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.
  4. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    بل گيٽس جو سڀ ڳالهيون ڀليون باقي اهو قول مون کي ته بالڪل غلط لڳندو آهي.غربت ڪوبه ڏوه نه آهي.بل گيٽس کان وڌيڪ صلاحيتن وارا ماڻهوءَ به هن دنيا ۾ پيدا ٿيا آهن.پر اهي مال دولت نه ڪمائي سگھيا.مال و دولت جي ڪمائي ۾ تمام گھڻا فيڪٽرس شامل هوندا آهن،صرف محنت يا ذهانت ڪافي نه آهن.وقت،موقعا،حالتون مطلب ته تمام گھڻا سبب آهن.
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو