مست
سينيئر رڪن
سال 2010ع ته سنڌ کي ڏاڍا درد ۽ وڇوڙا ڏنا پر سال 2011 به ڪو ايئن سولو شروع نه ٿيو، ان سال جي شروعات به سنڌ جي هڪ ناليواري هستيءَ جي وڇوڙي سان ٿي۔۔

عابده پروين جي مشهور ڪلامن۔۔۔
اري لوگو تمهارا ڪيا، مين جانون ميرا خدا جاني،
جب سي تو ني مجهي ديوانا بنا رکها هي،
شازيه خشڪ جي مشهور ڪلام
دانه په دانه
عوامي آواز اخبار مان ورتل خبر جو عڪس۔۔۔۔
سنڌ جو مشهور موسيقار استاد امانت گل دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، نئين سال جي تقريب جي حوالي سان گذريل رات ٺٽي ويل هو، جتي کيس دل جي تڪليف ٿي، جنهن ڪري کيس سول اسپتال حيدرآباد آندو پئي ويو ته سندس تڪليف وڌي وئي ۽ هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، کيس سول اسپتال جي دل واري وارڊ ديوان مشتاق ۾ پهچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس لاڏاڻو ڪري وڃڻ جي تصديق ڪئي. بعد ۾ مرحوم امانت گل جو مڙهه حيدرآباد جي کاهي روڊ تي واڍن واري پڙ ۾ واقعي سندس رهائش گاهه تي پهچايو ويو. اهڙي اطلاع ملڻ تي حيدرآباد جا ڪيترائي اديب، دانشور، راڳي، مٽ مائٽ ۽ سندس دوست سندس رهائش گاهه تي پهتا. ڪالهه منجهند جو سندس مڙهه ٽنڊي يوسف واري قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم امانت گل سوڳوارن ۾ هڪ بيواهه، ۲ ڀائر ۽ هزارين مداح ڇڏيا آهن، کيس اولاد نه هو،. استاد امانت گل موسيقي جي هڪ وڏي نالي استاد فيروز گل فرزند هو، هن ۶ سالن جي عمر کان باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ڪئي، کيس ننڍي عمر واري گائڪ طور پهرين آڊيو ڪيسٽ مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ننڍي عمر ۾ پي ٽي وي جي پروگرام نيلام گهر ۾ پڻ پرفارم ڪيو، امانت گل ۰۱ آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ڪرايون، هن موسيقار طور مختلف فنڪارن جي ۰۱ هزار کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽن لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، هن ۶ هزار گانن جون ڌنون ترتيب ڏنيون، جيڪي استاد فتح علي خان، عابده پروين، ناهيد اختر، شمن علي ميرالي ۽ ٻين وڏن فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيون. هن پنهنجي شاگردن ۾ ديبا ڪنول، حميرا سارنگ، نغمه ڪنول، امبر مهڪ، سلطانا سورٺ ۽ ٻيا ڪيترائي فنڪار ۽ موسيقار ڇڏيا آهن. هوڏانهن اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار شرميلا فاروقي موسيقار امانت گل جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.ضامن علي طرفان ريڪارڊ ڪيل سندس هڪ وڊيو۔۔۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=19cqAJ3-YCM