”حوا جي نياڻي سان ظلم“ لاڙڪاڻي ۾ وحشي مڙس طلاق ڏنل زال جو مٿو ۽ ڀرون ڪوڙي ڇڏيا،تشدد

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG]

    (رپورٽ: نويد لاڙڪ) عوامي آواز

    [JUSTIFY]: لاڙڪاڻي ۾ حوا جي ڌيءَ سان تذليل جي انتها! وحشي شخص پنهنجي ٽن ڀاڻيجن سان گڏجي طلاق ڏنل گهرواري جو مٿو ۽ ڀرون ڪوڙي ڇڏيا، کيس لٺين سان تشدد جو نشانو بڻائي هڪ ڏينهن تائين ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، 11 ٻارن جي ماءُ مسمات غلام زهريٰ پاڻ سان پيش آيل دردناڪ واقعي خلاف دانهڻ وومين ٿاڻي تي پهچي وئي، پوليس 2 ڄڻا گرفتار ڪري ورتا، لاڙڪاڻي شهر جي شاهه بهارو ڪالوني ۾ جوابدار عبدالستار ميتلي ٽن ڀاڻيجن سان گڏجي پنهنجي 45 ورهين جي طلاق ڏنل گهرواري غلام زهريٰ ميتلو جو مٿو ۽ ڀرون بليڊ سان ڪوڙي ڇڏيا آهن. انتها درجي جي تذليل جو اهو واقعو ولي محمد پٺاڻ جي گهر ۾ پيش آيو، جيڪو جوابدار عبدالستار جو ڀاڻيجو آهي. عبدالستار پنهنجي ٽن ڀاڻيجن ولي محمد، باشو ۽ وحيد پٺاڻ سان گڏجي پهريان گهرواري غلام زهريٰ کي رسي سان ٻڌو ۽ بعد ۾ بليڊ واري سيفٽي سان سندس مٿي ۽ ڀرون جا وار ڪوڙي ڇڏيا. بي رحم جوابدارن واقعي کان پوءِ مائي غلام زهريٰ کي گهر جي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. آزاد ٿيڻ کان پوءِ مائي زهريٰ ڪالهه وومين ٿاڻي تي پهچي عورت اهلڪارن کي واقعي بابت تفصيل ٻڌايا. تشدد سبب مائي زهريٰ جي منهن تي ڌڪن جا نشان موجود آهن. صحافين اڳيان روئيندي مائي غلام زهريٰ دانهيو ته هوءَ اصل خيرپور ميرس ڀرسان ڳوٺ لقمان جي رهواسڻ آهي ۽ ڏيڍ سال اڳ طلاق ڏيڻ بعد سندس مڙس عبدالستار الڳ رهندو هو. جڏهن ته هو ڪڏهن ڪڏهن گهر اچي بي گناهه مارڪٽ ڪري تشدد جو نشانو بڻائيندو هو. 30 ڊسمبر تي مان لاڙڪاڻي آيس، جتي شاهه بهارو ڪالوني ۾ پنهنجي مائٽ غلام شبير سولنگي سان سندس والد جي وفات تي تعزيت ڪرڻ هن جي گهر ويس. ساڳئي ئي محلي ۾ عبدالستار جا ڀاڻيجا به رهائش پذير آهن. منهنجي خبر پوڻ تي هنن مون کي بهاني سان پاڻ وٽ گهرايو جتي اڳوڻو مڙس عبدالستار به موجود هو. عبدالستار پنهنجي ٽنهي ڀاڻيجن ولي محمد، باشو ۽ وحيد پٺاڻ سان گڏجي رسي سان ٻڌو ۽ بليڊ ذريعي مٿي ۽ ڀرون جا وار ڪوڙي ڏنڊن سان سخت تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن کان پوءِ هنن مون کي سڄو ڏينهن ڪمري ۾ بندي ڪري ڇڏيو، ٻئي ڏينهن تي مائٽن پهچي آزاد ڪرايو، جنهن کان پوءِ هو مون کي ٻيڙي چانڊيي ۾ پرڻيل منهنجي ڌيءَ گلشن وٽ ڇڏي ويا. جنهن بعد ٿاڻي تي پهتي آهيان. عورت ٻڌايو ته کيس 8 پٽن ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي، عبدالستار موالي قسم جو ماڻهو آهي، جيڪو اڪثر طور تي مون کي تشدد جو نشانو بڻائيندو رهيو آهي، مائي زهريٰ ڄاڻايو آهي ته اڳوڻي مڙس عبدالستار اهو چئي پنهنجي ٽن ڀاڻيجن سان گڏجي ان الزام هيٺ مٿي ۽ ڀرون جا وار ڪوڙيا ته تون آواره گهمندي ٿي وتئين، طلاق کان پوءِ عبدالستار منهنجي مٿي ۽ ڀرون جا وار ڪوڙي بي گناهه تذليل ڪئي آهي، جنهن کي مان ڪڏهن به معاف نه ڪنديس.[/JUSTIFY]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ”حوا جي نياڻي سان ظلم“ لاڙڪاڻي ۾ وحشي مڙس طلاق ڏنل زال جو مٿو ۽ ڀرون ڪوڙي ڇڏيا،

    اڙي ابا ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾ ۔۔۔ جيئن ته اسانجي سامهون رڪارڊ جو هڪڙو پاسو آهي پر پوءِ به طلاق کان پوءِ ڪا مائي ڇا به ڪري ان ۾ مڙس جو ڇا ۔۔۔؟ خئير معاشرن ۾ اهڙيون اوڻايون ٿينديون رهنديون آهن ۔۔۔ ڪٿي ڪيئن ته ڪٿي ڪيئن هوندو آهي ۔۔۔ ڪٿي حوا جي ڌيءَ زور هوندي آهي ته ڪٿي آدم جو پٽ ۔۔۔ تاڙي ٻن هٿن سان وڄندي آهي ۔۔۔

    الله تعالا سنڌ ۽ سنڌي سماج کي شيطاني طاقتن کان ڇوٽڪارو ڏي ۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو