TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
1. ايگزيبيشن جو مين بورڊ
2. مين بورڊ تي چسپان ٿيل آرگنائيزيشن ايگزيبيشن جو پرنٽ
3. اجگر نانگ جي منڍي
4. ازدها اجگر نانگ
5. مانگر مڇ جا ٻچا
Uploaded with ImageShack.us
6. مانگر مَڇ ٻچن جي هڪ ٻي تصوير
7. ڪمانڊر صاحب جي ورتل تصويرن مان پکي
8. سنڌ جا ڪجهه ٻيا پکي
9. سنڌ جي سونهن وڌائيندڙ ڪجهه وڌيڪ پکي ٻن ٽن تصويرن کي گڏائي تصويرون ڪڍيم
10. نانگ ۽ پکي ڪميونيٽي ۾ رهڻ جو درس ڏيندي
اميد آهي ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا.
دوستو!
اسان سڀني جو خالق اهو رازق رب رحيم آهي، جيڪو انسانن سان گڏ جانورن کي به روزي ڏئي ٿو. پر انسان ته هن سهڻي زندگي جي مليل چند لمحن کي به بي مزو ڪندي ظلم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هڪ طرف هو پنهنجي هم نسل انسانن سان وڙهي ٿو، ته ٻي طرف هو بي ضرر جانورن کي به شڪار جو کاڄ بڻائي ٿو. انسانن، جانورن، ووڻن، آسمان ۽ زمين وغيره سڀ ملي هي خوبصورت دنيا بڻائن ٿا.
انسانن لاءِ ته انساني حقوق تي مبني ڪيئي تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيو آهن، پر ٻي طرف ڪجهه احساس رکندڙ جاڳيل ضميرانسانن هن خوبصورت دنيا جي جانورن جي بچاءَ جو به ڪم پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.
نالي ۾ ته اسان جي ملڪ ۾ به وائلڊ لائف جو هڪ بهترين کاتو آهي، پر ان اداري جا ڪهڙا ڪم وقت به وقت سامهون اچن ٿا، اها ته سڀ کي خبر آهي.
وڏيرن ۽ ميرن پيرن جي خوشامد ۾ انهن کي جنگلي جيوت جو شڪار ڪرڻ جي اجازت کان وٺي عربن کان لکين روپيه وٺي هر سيزن ۾ انهن کي هر سهولت شڪار جي مهيا ڪري ڏيڻ تائين. مطلب ته هن اداري جون جيڪي خوبيون آهن اهي اوهان مونکان وڌيڪ ڄاڻو ٿا. جنهن جو نتيجو هي نڪري ٿو ته اهي خوبصورت، بي ضرر جانورن جو نسل ختم ٿيندو وڃي.
سنڌ ته هر خوبصورتي ۽ سونهن ۾ مشهور آهي، ڪڏهن ته مور جو آواز ٻڌي ۽ ان جي مستي ڏسي سنڌي شاعرن ڇا ڇا نه ان تي لکيو آهي.
ڪڏهن هرڻ جي خوبصورتي ۽ چال جا ڳڻ ڳايا ويا آهن.
وري پکين جي خوبصورتي ۽ ولرن تي ته ڀٽائي سرڪار به بيت چيا آهن.
مطلب ته سنڌ جي سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. جهڙا هن سنڌ جا سنڌي سڀاجهڙا سهڻا آهن تهڙا هن سنڌ ۾ رهندڙ هر جيوت ووڻ پکي وغيره پنهنجو مثال پاڻ آهن.
دوستو!
ڳالهه کي گهڻو ڊگهو نه ڪندس ۽ وڌيڪ اوهان جو وقت نه وٺندي هاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه ڏانهن.
اسان جو هڪ پيارو دوست محترم ڪمانڊر (ر) جناب طارق منيب صاحب پاڪستان نيوي جا آفيسر آهن، جن جي هڪ اورگنائيزيشن آهي، جنهن جو نالو آهي: پاڪ ساز (PAKSAZ) پاڪستان سبنگ اينيملز ويلفيز اينڊ انوائرمنٽل ايڊوينچر سوسائٽي. ڪمانڊر صاحب ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ تمام گهڻا ايڪٽو هئا، ايتري قدر جو انهن جو ڪم ۽ انسانيت جي خدمت جو لڳن ڏسي آءُ حيران ٿي ويس.
اسان جو پيارو دوست جناب ڊاڪٽر اياز حسين عباسي صاحب جيڪو ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي هن محبتي اڱڻ جو ميمبر بڻيو آهي اهي به سوشل ڪمن ۾ تمام محنتي ۽ سڀ کان اڳ واري صف ۾ شامل آهن.
هي عاجز به سندن سان گڏ اهڙي انساني خدمت ۾ الله جي فضل سان حصو وٺي ڪجهه پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۾ رڌل آهي. ڊاڪٽر صاحب جن مونکي جڏهن ڪمانڊر صاحب جو پيغام ڏنو ته لبيڪ ڪئي سون.
ڊاڪٽر صاحب جن چيو ته ٻي ڪا سواري نه آهي، پر منهنجي ڦٽڦٽي بيٺي آهي، ۽ ڊرائيونگ اسٽيرنگ انهن منهنجي حوالي ڪندي چيو ته هي ڪم توکي ڪرڻو آهي.
يار ڊاڪٽر صاحب ڪراچي جي ٽريفڪ ۽ ڊرائيونگ تمام ڏکي آهي، شارع فيصل جو مان عادي نه آهيان، الاهي حيلا هلايم پر ڊاڪٽر صاحب پويان ويهندي موٽرر سائيڪل مونکي هلائڻ جو حڪم ڏنو. شارع فيصل محمود آباد اختر ڪالوني کان ٿيندي خيرن سان وڃي ڊفينس ۾ ان هوٽل ۾ پهتا سون جت آرگنائيزنگ جي نمائش لڳل هئي، ته وڏين چاهتن سان ڪمانڊر طارق صاحب، سندن جنرل سيڪريٽري مسز فرحت صاحبه جن اسان جو استقبال ڪندي ايگزيبيشن بابت بريفنگ ڏيندا رهيا.
ڪمانڊر صاحب انتهائي محنتي ۽ مخلص شخصيت آهن، سندن جو ڪم ڏسي مهنجي حيراني جي انتها نه هئي ته هي هڪ شخص جي ايڏي محنت آهي.
دوستو!
اوهان نيشنل جيوگرافڪ چينل، يا اينيمل پلانيٽ يا ڊسڪوري جو ڪم ته ضرور ڏٺو هوندو.
ڪمانڊر صاحب اڪيلي سر اهڙيون ڪيئي فلمبنديون ڪري ڏيکاريون آهن پنهنجي مختصر ٽيم سان گڏ جو سنڌ ۾ ڪنهن به پهريون ان ڪم تي توجه نه ڏنو آهي. ڪمانڊر صاحب ٻڌايو ته هي ته صرف اڪيلي ڪراچي جي ارد گرد جي خوبصورتي آهي، پر ساري سنڌ اهڙي سونهن سان ٻري پئي جنهن تي ڪنهن توجه نه ڏني آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اهڙن ناياب جانورن جي سنڀال ڪيون نه ڪي شڪارين کي سر عام شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏيون تاڪِ انهن جو نسل جيڪو ناياب ٿيندو وڃي تنهن جي حفاظت ڪريون.
دوستو!
ان هڪ ڪم ڪرڻ سان يقينن اسان جي سنڌ جا ڪيئي ادارا زندگي وٺي سگهندا، جهڙوڪ سياحتي سيڪشن وغيره. سياحت لاءِ ڪيترا ٽوئريسٽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن ويندا آهن جنهن ڪري انهن ملڪن کي وڏو فائدو رسندو آهي. اسان جي سنڌ به ڪنهن کان گهٽ نه آهي.
يقينن جانورن جا اهڙا نسل سنڌ جي جهنگن ۽ اتر لاڙ ۾ آهن جيڪي دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نه آهن. هن ايگزيبيشن ۾ خوبصورت تصويرن (جيڪي ڪمانڊر صاحب خود فلمايون آهن) کان علاوه اهي موويز جيڪي انهن فلمائي هڪ پاڪستاني چينل تي پڻ هلايون، تن کان سواءِ هڪ ازدها اجگر نانگ کان علاوه ٻه عدد مانگر مڇ جا ننڍڙا ٻچڙا به انهن رکيا هئا.
منهنجو ساهه تڏهن صفا سڪي ويو جڏهن هن آرگنائيزر جي هڪ دوست اهو اجگر نانگ جنهن جو قد تقريبا مونکان به وڏو هو ۽ انتهائي وزني کڻي منهنجن ڪلهن تي رکيو. پوءِ ته هڪ آيت الڪرسي ختم ٻي شروع. حالت اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، وري ڊاڪٽر اياز صاحب مزو وٺندي تصوير ڪڍڻ لاءِ بيهاريو، وري تصوير ڪڍڻ ۾ به مذاقا دير ڪندو پيو وڃي، منهنجو ته آواز ئي بند، پر دل کي سنڀاليندي منهنجي زبان مان صرف ايترو نڪتو:
جلدي ڪر يار!
معني تصوير ڪڍ جان ڇڏاءِ هن بلا کان.
وري اهو دوست جنهن منهنجي ڪلهن تي اهو نانگ رکيو مزو وٺندي نانگ کي منهنجي ڪلهن تان لاهڻ ۾ به دير ڪندو رهيو. خيرن سان ان کي لاٿائين ته منهنجي ٽنگن ۾ پاڻ وڪوڙڻ شروع ڪيائين پر دوستن لاهي ورتو، ساهه واپس آيو ته رب جا لک شڪرانا دا ڪيا.
ڪمانڊر صاحب ٻڌايو ته ايگزيبيشن جي رپورٽنگ ڪرڻ اسان کان اڳ ٻين چينلن کان علاوه سنڌي آواز ٽي وي وارا دوست اسان کان ٿوري دير پهريون رپورٽنگ ڪري ويا هئا. ڪمانڊر صاحب اسان کي هڪ پريس رليز لاءِ (اردو ۾) پيپر به ڏنو جنهن جو مون ترجمو ڪيو آهي اهو اوهان آڏو حاضر آهي:
پاڪستان جي پهرين وائلڊ لايف اڊوينچر سوسائٽي PAKSAS ملڪ ۾ پهريون دفعو هڪ خاص قسم جي 3 ٽي روزه تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو آهي، جيڪا T2F آرٽ گيلري DHA ۾ 31 ڊسمبر 2010 کان 2 جنوري 2011 تائين رهندي، هي تصويرون PAKSAZ جي چيئرمين ڪمانڊر (ر) طارق منيب پاڻ ورتيون آهن، جنگلي زندگي تي مبني هنن تصويرن جي خصوصيت هي آهي ته سڀ جون سڀ تصويرون ڪراچي شهر ۽ ان جي گرد و نواح ۾ ورتيون ويون آهن، (ڪمانڊِر صاحب هڪ مثال ڪلاچي جو ڏنو) انهن جانورن ۾ (نانگ، ڳوهه، سمنڊي ۽ زميني پکي) قابل ذڪر آهن، انهن کي ملير ندي، نئي ڪراچي، ڪلفٽن، ۽ سي ويو جي ساحلي ڪريڪس ۽ مختلف پارڪس ۾ فلمبند ڪيو ويو.
فوٽو گرافر بنيادي طور هڪ ميرين انوائرمنٽلسٽ آهي، جيڪو پوين 5 پنجن سالن کان آلوده پاڻي ۽ جهنگن جو سروي ڪرڻ سان گڏ تصويرون وٺي ٿو، ۽ انهيءَ ئي دوران ان جو واسطو مختلف قسمن جي جنگهلي حيات سان به ٿيندو رهيو، جنهن کي هو فلمبند به ڪندو رهيو.
ڪمانڊر طارق منيب دنيا جو پهريون ۽ واحد مسلمان آهي جنهن نانگن کي فلمائي متعارف ڪرايو آهي، ان سلسلي ۾ سندن 13 قسطن تي مشتمل پروگرام بعنوان (WILD WILD PAKISTAN) هڪ پاڪستاني ٽيوي تان نشر به ٿي چڪو آهي.
مستقبل قريب ۾ ڪمانڊر طارق آلودگي جي تصويرن جي نمائش جو به ارادو رکن ٿا.
دوستو ته هاڻ حاضر آهن ان آرگنائيزيشن جي ايزيبيشن جون تصويرون: