وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    السلام عليڪم دوستو!

    [JUSTIFY]اميد آهي ته سڀ ٺيڪ ٺاڪ هوندا.

    دوستو!

    اسان سڀني جو خالق اهو رازق رب رحيم آهي، جيڪو انسانن سان گڏ جانورن کي به روزي ڏئي ٿو. پر انسان ته هن سهڻي زندگي جي مليل چند لمحن کي به بي مزو ڪندي ظلم ڪرڻ ۾ مصروف آهي. هڪ طرف هو پنهنجي هم نسل انسانن سان وڙهي ٿو، ته ٻي طرف هو بي ضرر جانورن کي به شڪار جو کاڄ بڻائي ٿو. انسانن، جانورن، ووڻن، آسمان ۽ زمين وغيره سڀ ملي هي خوبصورت دنيا بڻائن ٿا.

    انسانن لاءِ ته انساني حقوق تي مبني ڪيئي تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيو آهن، پر ٻي طرف ڪجهه احساس رکندڙ جاڳيل ضميرانسانن هن خوبصورت دنيا جي جانورن جي بچاءَ جو به ڪم پنهنجي ڪلهن تي کنيو آهي.
    نالي ۾ ته اسان جي ملڪ ۾ به وائلڊ لائف جو هڪ بهترين کاتو آهي، پر ان اداري جا ڪهڙا ڪم وقت به وقت سامهون اچن ٿا، اها ته سڀ کي خبر آهي.

    وڏيرن ۽ ميرن پيرن جي خوشامد ۾ انهن کي جنگلي جيوت جو شڪار ڪرڻ جي اجازت کان وٺي عربن کان لکين روپيه وٺي هر سيزن ۾ انهن کي هر سهولت شڪار جي مهيا ڪري ڏيڻ تائين. مطلب ته هن اداري جون جيڪي خوبيون آهن اهي اوهان مونکان وڌيڪ ڄاڻو ٿا. جنهن جو نتيجو هي نڪري ٿو ته اهي خوبصورت، بي ضرر جانورن جو نسل ختم ٿيندو وڃي.

    سنڌ ته هر خوبصورتي ۽ سونهن ۾ مشهور آهي، ڪڏهن ته مور جو آواز ٻڌي ۽ ان جي مستي ڏسي سنڌي شاعرن ڇا ڇا نه ان تي لکيو آهي.

    ڪڏهن هرڻ جي خوبصورتي ۽ چال جا ڳڻ ڳايا ويا آهن.

    وري پکين جي خوبصورتي ۽ ولرن تي ته ڀٽائي سرڪار به بيت چيا آهن.

    مطلب ته سنڌ جي سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. جهڙا هن سنڌ جا سنڌي سڀاجهڙا سهڻا آهن تهڙا هن سنڌ ۾ رهندڙ هر جيوت ووڻ پکي وغيره پنهنجو مثال پاڻ آهن.

    دوستو!

    ڳالهه کي گهڻو ڊگهو نه ڪندس ۽ وڌيڪ اوهان جو وقت نه وٺندي هاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه ڏانهن.
    اسان جو هڪ پيارو دوست محترم ڪمانڊر (ر) جناب طارق منيب صاحب پاڪستان نيوي جا آفيسر آهن، جن جي هڪ اورگنائيزيشن آهي، جنهن جو نالو آهي: پاڪ ساز (PAKSAZ) پاڪستان سبنگ اينيملز ويلفيز اينڊ انوائرمنٽل ايڊوينچر سوسائٽي. ڪمانڊر صاحب ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ تمام گهڻا ايڪٽو هئا، ايتري قدر جو انهن جو ڪم ۽ انسانيت جي خدمت جو لڳن ڏسي آءُ حيران ٿي ويس.

    اسان جو پيارو دوست جناب ڊاڪٽر اياز حسين عباسي صاحب جيڪو ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي هن محبتي اڱڻ جو ميمبر بڻيو آهي اهي به سوشل ڪمن ۾ تمام محنتي ۽ سڀ کان اڳ واري صف ۾ شامل آهن.
    هي عاجز به سندن سان گڏ اهڙي انساني خدمت ۾ الله جي فضل سان حصو وٺي ڪجهه پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۾ رڌل آهي. ڊاڪٽر صاحب جن مونکي جڏهن ڪمانڊر صاحب جو پيغام ڏنو ته لبيڪ ڪئي سون.
    ڊاڪٽر صاحب جن چيو ته ٻي ڪا سواري نه آهي، پر منهنجي ڦٽڦٽي بيٺي آهي، ۽ ڊرائيونگ اسٽيرنگ انهن منهنجي حوالي ڪندي چيو ته هي ڪم توکي ڪرڻو آهي.

    يار ڊاڪٽر صاحب ڪراچي جي ٽريفڪ ۽ ڊرائيونگ تمام ڏکي آهي، شارع فيصل جو مان عادي نه آهيان، الاهي حيلا هلايم پر ڊاڪٽر صاحب پويان ويهندي موٽرر سائيڪل مونکي هلائڻ جو حڪم ڏنو. شارع فيصل محمود آباد اختر ڪالوني کان ٿيندي خيرن سان وڃي ڊفينس ۾ ان هوٽل ۾ پهتا سون جت آرگنائيزنگ جي نمائش لڳل هئي، ته وڏين چاهتن سان ڪمانڊر طارق صاحب، سندن جنرل سيڪريٽري مسز فرحت صاحبه جن اسان جو استقبال ڪندي ايگزيبيشن بابت بريفنگ ڏيندا رهيا.

    ڪمانڊر صاحب انتهائي محنتي ۽ مخلص شخصيت آهن، سندن جو ڪم ڏسي مهنجي حيراني جي انتها نه هئي ته هي هڪ شخص جي ايڏي محنت آهي.

    دوستو!

    اوهان نيشنل جيوگرافڪ چينل، يا اينيمل پلانيٽ يا ڊسڪوري جو ڪم ته ضرور ڏٺو هوندو.
    ڪمانڊر صاحب اڪيلي سر اهڙيون ڪيئي فلمبنديون ڪري ڏيکاريون آهن پنهنجي مختصر ٽيم سان گڏ جو سنڌ ۾ ڪنهن به پهريون ان ڪم تي توجه نه ڏنو آهي. ڪمانڊر صاحب ٻڌايو ته هي ته صرف اڪيلي ڪراچي جي ارد گرد جي خوبصورتي آهي، پر ساري سنڌ اهڙي سونهن سان ٻري پئي جنهن تي ڪنهن توجه نه ڏني آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان اهڙن ناياب جانورن جي سنڀال ڪيون نه ڪي شڪارين کي سر عام شڪار ڪرڻ جي اجازت ڏيون تاڪِ انهن جو نسل جيڪو ناياب ٿيندو وڃي تنهن جي حفاظت ڪريون.

    دوستو!

    ان هڪ ڪم ڪرڻ سان يقينن اسان جي سنڌ جا ڪيئي ادارا زندگي وٺي سگهندا، جهڙوڪ سياحتي سيڪشن وغيره. سياحت لاءِ ڪيترا ٽوئريسٽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن ويندا آهن جنهن ڪري انهن ملڪن کي وڏو فائدو رسندو آهي. اسان جي سنڌ به ڪنهن کان گهٽ نه آهي.

    يقينن جانورن جا اهڙا نسل سنڌ جي جهنگن ۽ اتر لاڙ ۾ آهن جيڪي دنيا ۾ ٻيو ڪٿي به نه آهن. هن ايگزيبيشن ۾ خوبصورت تصويرن (جيڪي ڪمانڊر صاحب خود فلمايون آهن) کان علاوه اهي موويز جيڪي انهن فلمائي هڪ پاڪستاني چينل تي پڻ هلايون، تن کان سواءِ هڪ ازدها اجگر نانگ کان علاوه ٻه عدد مانگر مڇ جا ننڍڙا ٻچڙا به انهن رکيا هئا.

    منهنجو ساهه تڏهن صفا سڪي ويو جڏهن هن آرگنائيزر جي هڪ دوست اهو اجگر نانگ جنهن جو قد تقريبا مونکان به وڏو هو ۽ انتهائي وزني کڻي منهنجن ڪلهن تي رکيو. پوءِ ته هڪ آيت الڪرسي ختم ٻي شروع. حالت اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا، وري ڊاڪٽر اياز صاحب مزو وٺندي تصوير ڪڍڻ لاءِ بيهاريو، وري تصوير ڪڍڻ ۾ به مذاقا دير ڪندو پيو وڃي، منهنجو ته آواز ئي بند، پر دل کي سنڀاليندي منهنجي زبان مان صرف ايترو نڪتو:

    جلدي ڪر يار!

    معني تصوير ڪڍ جان ڇڏاءِ هن بلا کان.

    وري اهو دوست جنهن منهنجي ڪلهن تي اهو نانگ رکيو مزو وٺندي نانگ کي منهنجي ڪلهن تان لاهڻ ۾ به دير ڪندو رهيو. خيرن سان ان کي لاٿائين ته منهنجي ٽنگن ۾ پاڻ وڪوڙڻ شروع ڪيائين پر دوستن لاهي ورتو، ساهه واپس آيو ته رب جا لک شڪرانا دا ڪيا.

    ڪمانڊر صاحب ٻڌايو ته ايگزيبيشن جي رپورٽنگ ڪرڻ اسان کان اڳ ٻين چينلن کان علاوه سنڌي آواز ٽي وي وارا دوست اسان کان ٿوري دير پهريون رپورٽنگ ڪري ويا هئا. ڪمانڊر صاحب اسان کي هڪ پريس رليز لاءِ (اردو ۾) پيپر به ڏنو جنهن جو مون ترجمو ڪيو آهي اهو اوهان آڏو حاضر آهي:

    پاڪستان جي پهرين وائلڊ لايف اڊوينچر سوسائٽي PAKSAS ملڪ ۾ پهريون دفعو هڪ خاص قسم جي 3 ٽي روزه تصويري نمائش جو اهتمام ڪيو آهي، جيڪا T2F آرٽ گيلري DHA ۾ 31 ڊسمبر 2010 کان 2 جنوري 2011 تائين رهندي، هي تصويرون PAKSAZ جي چيئرمين ڪمانڊر (ر) طارق منيب پاڻ ورتيون آهن، جنگلي زندگي تي مبني هنن تصويرن جي خصوصيت هي آهي ته سڀ جون سڀ تصويرون ڪراچي شهر ۽ ان جي گرد و نواح ۾ ورتيون ويون آهن، (ڪمانڊِر صاحب هڪ مثال ڪلاچي جو ڏنو) انهن جانورن ۾ (نانگ، ڳوهه، سمنڊي ۽ زميني پکي) قابل ذڪر آهن، انهن کي ملير ندي، نئي ڪراچي، ڪلفٽن، ۽ سي ويو جي ساحلي ڪريڪس ۽ مختلف پارڪس ۾ فلمبند ڪيو ويو.

    فوٽو گرافر بنيادي طور هڪ ميرين انوائرمنٽلسٽ آهي، جيڪو پوين 5 پنجن سالن کان آلوده پاڻي ۽ جهنگن جو سروي ڪرڻ سان گڏ تصويرون وٺي ٿو، ۽ انهيءَ ئي دوران ان جو واسطو مختلف قسمن جي جنگهلي حيات سان به ٿيندو رهيو، جنهن کي هو فلمبند به ڪندو رهيو.

    ڪمانڊر طارق منيب دنيا جو پهريون ۽ واحد مسلمان آهي جنهن نانگن کي فلمائي متعارف ڪرايو آهي، ان سلسلي ۾ سندن 13 قسطن تي مشتمل پروگرام بعنوان (WILD WILD PAKISTAN) هڪ پاڪستاني ٽيوي تان نشر به ٿي چڪو آهي.

    مستقبل قريب ۾ ڪمانڊر طارق آلودگي جي تصويرن جي نمائش جو به ارادو رکن ٿا.

    دوستو ته هاڻ حاضر آهن ان آرگنائيزيشن جي ايزيبيشن جون تصويرون:[/JUSTIFY]


    1. ايگزيبيشن جو مين بورڊ


    [​IMG]

    2. مين بورڊ تي چسپان ٿيل آرگنائيزيشن ايگزيبيشن جو پرنٽ

    [​IMG]

    3. اجگر نانگ جي منڍي

    [​IMG]

    4. ازدها اجگر نانگ

    [​IMG]

    5. مانگر مڇ جا ٻچا

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    6. مانگر مَڇ ٻچن جي هڪ ٻي تصوير

    [​IMG]

    7. ڪمانڊر صاحب جي ورتل تصويرن مان پکي

    [​IMG]

    8. سنڌ جا ڪجهه ٻيا پکي

    [​IMG]

    9. سنڌ جي سونهن وڌائيندڙ ڪجهه وڌيڪ پکي ٻن ٽن تصويرن کي گڏائي تصويرون ڪڍيم

    [​IMG]

    10. نانگ ۽ پکي ڪميونيٽي ۾ رهڻ جو درس ڏيندي

    [​IMG]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    11. ڪجهه وڌيڪ تصويرون

    [​IMG]

    12. نمائش جو هڪ ڪارنر

    [​IMG]

    13. سنڌ سلامت جو ميمبر ڊاڪٽر اياز حسين عباسي ۽ پاڪ ساز جي هڪ ميمبر جي ڪلهن تي اجگر ازدها نانگ جي هڪ تصوير

    [​IMG]

    14. پاڪ ساز جي ميمبر جي ڪلهن تي اجگر ازدها

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    15. هڪ بڪس ڪارنر

    [​IMG]

    16. باني پاڪستان محمد علي جناح

    [​IMG]

    17. بڪس ڪارنر جو هڪ ٻيو زاويو

    [​IMG]

    18. بڪس ڪارنر تي سنڌ سلامت جو محبتي ميمبر ڊاڪٽر اياز حسين عباسي صاحب

    [​IMG]

    19. سنڌ سلامت جو خادم

    [​IMG]

    20. ڪمانڊر طارق منيب صاحب پنهنجي ٽيم سان ڳالهائيندي

    [​IMG]
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    21. ڪمانڊر صاحب فلمايل موويز جي بريفنگ ڏيندي جنهن ۾ رات جي وقت جهنگن ڪم ڪرڻ جا منظر به شامل هئا

    [​IMG]

    22. ڪمانڊر طارق منيب صاحب ٿر ۾ هڪ نانگ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي

    [​IMG]

    23. ٽيم جو هڪ ميمبر ازدها سان مستي ڪندي چشمو پهرائي رهيو آهي

    [​IMG]

    24. سنڌ سلامت جي خادم جي ڪلهن تي ازدها اجگر نانگ

    [​IMG]

    25. وائلڊ لائف ايڊوينچر سوسائٽي جا چيئرمين ڪمانڊر طارق منيب صاحب، جنرل سيڪريٽري محترمه مس فرحت ذوالفقار صاحبه ۽ سنڌ سلامت جو خادم

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us

    26. وائلڊ لائف ايڊوينچر سوسائٽي جي ٽيم جي ڪجهه فردن سان هڪ يادگار گروپ تصوير

    [​IMG]

    جي دوستو!
    يقينن رپورٽنگ ۾ خاميون رهجي ويون هونديون، جنهن لاءِ اوهان کان گذارش آهي ته ضرور رهنمائي ڪندا.​
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    ادا تمام سٺي شيئرنگ ڪئي اٿو

    ادا انهن ازدائن کان ڊڄين به نه پيو
    يار مونکي ته ڏسندي ئي ڊڄ پيو ٿئي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    ادا طاهر سنڌي اوهان جا لک قرب

    گهڻن ڏينهن کانپوء اوهان هڪ لاجواب شيئرنگ ڪئي آهي۔ سنڌ سموري ڪيترن ئي ناياب پکين، ٻوٽن، جانورن ۽ ٻين عجيب شين سان ڀريل آهي پر اسان جا ادارا ڪجه ڪونه پيا ڪن۔ ڪا ريسرچ ڪانه ٿي ٿي۔

    لک شابسون آهن هن تنظيم کي ۽ ڪمانڊر صاحب کي جن پنهنجي طرفان هيڏي ساري ڪوشش ڪري سٺو ڪم ڪيو آهي۔ اميد ڪنداسون ته هي دوست اڃان بهتر ڪم ڪندا ۽ شايد هنن کي ڏسي ۽ اوهان جي رپورٽ پڙهي ڪي ٻيا دوست به ميدان ۾ لهن۔

    اوهان کي جس هجي جو هن ازدها بلا کي ڪلهي تي کڻي فوٽو ڪڍرايو آهي ۽ اوهان کي مبارڪباد جو اوهان هي بهترين رپورٽ اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    ادا عرس پسند ڪرڻ جي مهرباني
    ادا ڊڄڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين!
    منهنجو ته ساه بند ٿي ويو هو
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    پيارا ڀاءُ پسند ڪرڻ جي مهرباني
    ادا بلڪل سنڌ سونهاري خوبصورت ۽ پر ڪشش آهي، پر افسوس جو نظر انداز ٿيل آهي.
    ڀاءُ ڪمانڊر صاحب جون محنتون قابل ديد آهن، پاڻ وڏا جاکوڙي نيوي آفيسر آهن.
    واقعي ادا سنڌي دوستن کي به اهڙن ٽاپڪس تي ريسرچ ڪرڻ گهرجي.
    باقي ڪلهي تي ازدها وارو منظر! ادا بس حال نه پڇ!
    اوهان مونکي رپورٽنگ جي مبارڪ باد ڏني اوها جا لک ٿورا، پر پيارا ڀاءُ پاڻ ته اوهان جا شاگرد آهيون، جو اهڙا ڪم سائين نثار ناز صاحب جن کان سکيا آهيون.
    اميد آهي ته سندن ۽ اوهان جي رهنمائي جو ساٿ ملندو.
    لک ٿورا ادا.
     
  8. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    هل يار اصل صفا ڳالهه ڳاٽي کان چڙئي وئي جڏهن توهان جي ڪلهن تي اجگر کي ڏٺم

    بهترين رپورٽنگ آهي ادا توهان جي لاجواب
    باقي سائين ڪمانڊر صاحب جن جي محنت کي به سلام آهي جو اڪيلي سر وتن ٿا نانگ بلائون پڪڙيندا

    ان کان علاوه مختلف قسم جي جانورن جا ڦوٽو ڏسي ڪري اصل مزو اچي ويو

    تمام بهترين شيئرنگ ۽ ايڊونچر آهي ادا طاهر سنڌي صاحب

    سدائين گڏ
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    تمام بهترين رپورٽ آهي۔۔۔ افسوس جو هتي موڪل دوران وي وائرليس سيٽ تي تصويرن کي غير فعال ڪري توهان جي رپورٽ پڙهي رهيو آهيان۔۔۔ پوري رپورٽ ڀلي لڳي خاص طور تي توهان جو ازدها ڪلهي تي هجڻ وارو حوال۔۔۔
    لڳي ٿو ادا عرس رڳو توهان جون تصويرون ڏٺيون رپورٽنگ ۾ توهان جو آيت الڪرسي بار بار پڙهڻ سندن نظر مان نه گذريو نه ته توهان کان سوال نه ڪري ها۔۔۔
    اڄ ڪجهه مهمان گهر ۾ آيل هئا ان ڪري ويجهو واري شهر سيتاروڊ وڃي نه سگهيس نه ته توهان جي تصويرن کي ڏسي ڪمينٽس ڪيا ها۔۔۔ پر انشاء الله سڀاڻي ڏسي وٺبو۔۔ تيسيتائين سنگت جي راين ۽ توهان جي رپورٽ مان تصوراتي عڪس مان لطف پيو وٺان۔۔۔
     
    TAHIR SINDHI هيء پسند ڪيو آهي.
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    ادا او ادا اهڙيون حرڪتون ته نه ڪندا ڪيو جنهن کان پوء اوهان کي“آيت الڪرسي” پڙهڻي پوي۔۔۔(مزاڪ ۾)
    ادا يقينن اها وڏي خدمت آهي جنهن کي محترم ڪمانڊر (ر) جناب طارق منيب صاحب پاڪستان نيوي جا آفيسر۔ ڪري رهيا آهن ۔اميد ڪجي ٿي اهڙيون وقتائتيون ۽ قيمتي ونڊون ڪندا رهندا ۔مهرباني
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    سهڻا ڀاءُ پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    مهرباني پياري ڀاءُ پسند ڪرڻ جي
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    پيارا سائين مهربانيون لک ٿورا۔
    اميد آهي ته هاڻ اوهان تصويرون به ڏٺيون هونديون۔
    باقي جيسين حياتي آهي ته هن محبتي اڱڻ جي خدمت جاري آهي۔
    ان شاءَ الله
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    [JUSTIFY]سائين محترم طاهر صاحب! جهڙي سهڻي عبارت اهڙيون ئي سهڻيون تصويرون ۔۔۔ اياز عباسي صاحب کي به پنهنجي پاران سلام ۽ اوهانکي به سلامن جا ته سيليوٽ اصل فوجي نموني جا ۔۔۔

    مون جڏهن پهريان ان موضوع کي ڏٺو هو ته مصروفيت سبب کولي به نه سگهيو هيس ۽ بعد ۾ وري پيج تان گم ٿي ويو هو ۔۔۔ اڄ وري جڏهن ظاهر ٿيو ته کولي ڏسڻ کانپوءِ اصل ڏندي آڱريون اچي ويون ته پاڻ وارو طاهر اصل مهم جو لڳو پيو آهي ۔۔۔

    تمام سهڻو ڪم ۽ تفصيلي رپورٽ ڪري اڄ ٿڪ لاهي ڇڏيوَ ۔۔۔ آءُ به سوچيم پئي ته يار يا ته ڪنهن امتحان ۾ آهي يا ڪٿي سيلاني هوندو، خئير دير آيد درست آيد ۔۔۔

    سنڌ ۾ اسانجا پنهنجا سنڌي به مهم جو رهيا آهن، جنهن ۾ لاڙڪاڻي جا ٻه ڏاها سورهيه ڪليم لاشآري ۽ اشتياق انصاري صاحب جن ڪجهه سال اڳ انڊس ايڪسپڊيشن INDUS Expedition نالي هڪ مهم هلائي هئي جو ڪراچيءِ کان وٺي هماليه تائين سنڌو درياهه جو پيڇو ڪيو ويو ۽ ان تي رپورٽ ٺاهي وئي هئي، سنڌوءِ جي ٻنهي ڪنارن تي موجود ثقافتي رنگ ۽ انسان ۽ پکي پکڻن تي به لکيو ويو ۽ تصويرون ڪڍيون ويون هيون ۔۔۔

    باقي رهيا نانگ ته سنڌي قوم ته نانگن جي چارڻ جو ڪم ڪندي رهي آهي، اسانجا جوڳي اهڙا ته نانگ ڦاسائي رستن ۽ راهن ۾ آڏو آڻيندا رهيا آهن جو هوند ماڻهون ڏسي حيران ٿي وڃي ۔۔

    هاڻ ڳالهه اها آهي ته سنڌ جي جنگلاتي دنيا تي ايترو گهڻو ڪم نه ٿيو آهي، انجو مکيه ڪارڻ سنڌ جي غلامي آهي ۔۔۔ سنڌ جا وسيلا ڌارين جي هٿن ۾ هجڻ آهي، سنڌ اندر بدعنواني ۽ بي ايماني جا باب کليل آهن، سنڌ جا ادارا اپاهج ۽ لڪوهه جي مرض ۾ مبتلا آهن ۔۔۔

    دنيا جا تعليمي ادارا ۽ ٻيا ادارا جن ۾ جاگرافي، تاريخ، ثقافت ۽ فلمي ۽ ميڊيا جي دنيا سان تعلق رکندڙ ادارا ڪروڙين ڊالر خرچ ڪري، ماڻهن کي سهولتون ميسر ڪري، زمين، آسمان ۽ سمنڊن جي تهن ۾ موجود جيوت ڳولهي لهندا آهن ۔۔۔

    پر افسوس اهو ڪم سنڌ ۾ نه ٿو ٿئي ۔۔۔ ڇو ۔۔۔؟ ڪارڻ مٿي ڄاڻايو آهي ۔۔۔۔

    سور هزار آهن پر ڪهڙا چئي ڪهڙا چئجن ۔۔۔

    اوهانجو ڪم ڏسي ۽ مهم جوئيءَ وارو ليک پڙهي اصل دل باغ بهار ڪري ڇڏي اٿوَ ۔۔۔ فخر آهي ته اوهان جهڙا سهڻا ساٿي اسانجي ساٿ ۽ دوستيءَ ۾ آهن

    و سلام

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
    [/JUSTIFY]
     
  15. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    ادا طاهر پهريان ته اوهان کي جس هجي جو اوهان اهڙي بهترين معلومات پهچائي ۽‌ پو۽ جس آهي سائين ڪمانڊر صاحب جن کي جيڪي انسانن سان گڏ جانورن جي خدمت ۾ لڳا پصا آهن ۽ انهن لا به ڪم ڪن پيا۔

    باقي رهي اوهان جي تصوير ههڙا ڪونڌر مڙس آهيو ڊڄڻ وري ڇا جو ادا الله مالڪ آ۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وائيلڊ لائيف ايڊوينچر سوسائٽي ڪراچي ايگزيبيشن 2010 جي رپورٽ

    پيارا ڀاءُ اوهان جي مهرباني جو اوهان منهنجي حوصله افزائي ڪئي۔
    لک لائق۔
    مولا اوهان کي آباد رکي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو