علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمت الله عليھ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمت الله عليھ​


    حضرت مخدوم معين ٺٽوي رح شاهه ولي الله جو شاگرد ۽ سندس علم مان فيض يافته آهي. مخدوم محمد معين ٺٽوي، جنهن کي مخدوم ٺارو به سڏيندا آهن.
    محمد معين محمد امين ذات جو دل، ٺٽي جي قديم مولوين جي خاندان مان هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. علامه معين جو والد بزرگوار به هڪ وڏو عالم ۽ درويش صفت بزرگ هو. جنهن جي شادي ٺٽي جي مشهور شاعر ۽ مير منشي فاضل خان جي نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان محمد معين پيدا ٿيو، (فاضل خان سلطان اورنگزيب عالمگير جي مقربن مان هو، جنهن سن 1096ع ۾ ٺٽي ۾ تحصيل ڪئي ۽ ميان ابوالقاسم نقشبنديءَ کان تصوف ۾ بيعت ورتي. ان کانپوءِ حضرت شاهه ولي الله جي علوم ۽ درس تدريس جي هاڪ ٻڌي دهلي روانو ٿيو ۽ شاهه وٽ ڪيترا سال رهي هن فلسفه الهيات ۽ حديث ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪئي. بعض مسئلن تي هاڪ نرالي ڍنگ ۽ مجتهدانه انداز ۾ راءِ پيش ڪندو هو ۽ حضرت امام ولي الله کيس چوندو هو ته ”فقد رڪبت غضنقرا“ يعني ته بيشڪ تون (تحقيق ڪرڻ ۾) شينهن تي سوار ٿيو آهين.
    علامه معين، شاهه صاحب جي خدمت ۾ رهي وحدت الوجود جو مسئلو حل ڪيو، ٺٽي ۾ سيد علي رضاجيلاني کان شيخ محي الدين ابن عربي جو مشهور رسالو ”فصوص الحڪم“ سبق سبق ڪري پڙهيائين ۽ ان کانپوءِ ابن عربي جي صوفيانه مسلڪ جو سخت حامي ٿي رهيو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ مخدوم معين رح جو پاڻ ۾ تمام گهڻو گهاٽو رشتو هو. لطيف سائين ڪڏهن ڪڏهن مخدوم وٽ اچي ٺٽي ۾ ٽڪندو هو ۽ پاڻ ۾ حال قال جو ڊگهيون صحبتون ٿينديون هيون.
    هو شيخ ابن عربيءَ جو ايڏو دلداده ٿي چڪو هو جو پنهنجين تصنيفات ۾ هن بزرگ جو نالو نهايت ادب سان لکندو هو ڪڏهن ابن عربي سان خواب ۾ ملاقات جو ذڪر به پنهنجن ڪتابن ۾ ڪري ٿو. باوجود ان جي جو تصوف ۾ سخت دسترس هئس ته به هو درس تدريس ۽ تصنيف تاليف جو شغل جاري رکندو آيو ٿي. هن وٽان تمام گهڻا ماڻهو علم پرائي صاحب فيض ۽ مفتي ٿيا. دهليءَ کان موٽڻ بعد حضرت مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جن وٽانئس حديث جي سند حاصل ڪئي، پر پوءِ بعض خيالات جي اختلاف ڪري ٻنهي بزرگن جا پاڻ ۾ تحريري مناظرا به رهيا. سندس باڪمال شاگردن مان سيد نجم الدين عزلت رضوي بکري (متوفي 1160هه) آهي، جو مخدوم صاحب جو ڀاڻيجو ۽ سندس عملن ۾ اعتقادات جو داعي هو.
    مخدوم صاحب بعض معاملن ۾ وقت جي عالمن کان جدا سوچ رکندو هو. مثال طور:
    ٻين صحابين تي حضرت عليءَ رضه جي فضيلت جو قائل هو.
    امام حسين جي ماتم کي جائز سمجهندو هو.
    صوفين جي ڪشف کي شرعي حجت وانگي هڪ شرعي دليل سمجهندو هو.
    صحيح حديث جي مقابلي ۾ ڪنهن به امام جي تنقيد يا پيروي کي ڪجهه به ڪري نه ڄاڻندو هو.
    ٻارنهن امامن ۽ اهل بيت جي عصمت جو قائل هو.
    وحدت الوجود جي مسئلي ۾ تشريح ڪرڻ وارن لفظن سبب ماڻهو هن کي دهريو ڪري سمجهندا هئا.
    ان وقت جي عام عالمن جي برخلاف هو ڏاڙهي کي ڪترائڻ ۽ ڪاري رنگ ڪرڻ جو قائل هو.
    هندن کان وياج وٺڻ جائزو چوندو هو.
    ٻيا به ڪي اهڙا مسئلا آهن جن ۾ هو ان وقت اڪيلو هو. سندس شاگرد سيد نجم الدين عزلت علامه جي عقدت بابت هڪ رسالو لکي ڪن ماڻهن کي موڪليو، جنهن ڪري انهي خيال کي قبوليت جي بجاءِ ماڻهو علامه جا دشمن ۽ مخالف بڻجي پيا. سندس بابت ٺٽي جي ڪن عالمن مدينه شريف ڏانهن هڪ سوال موڪلي ڏنو. جتان حرمين شريفين جي عالمن جي ترديد اچي وئي. جنهن کانپوءِ عوام ۾ سندس خيالات رائج ٿيڻ کان رهجي ويا
    حضرت مخدوم هاشم جيڪي علامه تي رد ڪيا آهن، تن ۾ ادب ۽ فضيلت سان سندس نالو وٺندي مٿس ترديد ڪري ٿو. علامه جي وفات کانپوءِ مخدوم عبداللطيف ولد مخدوم محمد هاشم علامه جي مشهور ڪتاب ”دراسات اللبيب“ جو هڪ وڏو مضبوط جواب لکيو آهي. آخر ۾ مخدوم محمد ابراهيم مڏئي واري بزرگ ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي پوٽي علامه معين جي سموري تصنيفات کي سامهون رکي ”قسطلس السقيم“ نالي هڪ ڳري جلد ۾ رد لکيو آهي.
    شاهه ولي الله جيڪي علامه معين ڏانهن خط لکيا آهن، سي ڪجهه قدر محفوظ آهن، جن ۾ شاهه صاحب کيس عمدن لقبن سان مخاطب ڪري ٿو. ان کانسواءِ شاهه فقير الله علوي شڪارپوري جي مڪتوبات ۾ علامه معين جي نالي خط آهن، جنهن مان ظاهر آهي ته انهيءَ وقت جا جيترا به وڏا عالم يا صوفي بزرگ هئا تن سان علامه جو گهاٽو لاڳاپو رهندو آيو ٿي. مخدوم محمد هاشم جي مرشد سيد سعد الله سورتيءَ سان به سندس خط و ڪتابت رهي. جنهن ۾ سيد صاحب سندس صوفيانه قابليت جو اقراري آهي. علامه محمد معين رح جون مختلف علمن ۾ تصنيفون آهن، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.
    ”دراسات اللبيب“ هي ڪتاب حديث تي عمل ڪرڻ بابت آهي، پر ان سان گڏ حنفي مذهب جي به تائيد ڪيل آهي. هندستان جي اهل حديث جماعت 1866ع ۾ پهريون دفعو اهو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب ۽ سندس مصنف جي تعريف ۾ قاضي طلاءَ محمد پشاوري مشهور محدث هڪ وڏو قصيدو لکيو آهي، جو ڪتاب سان گڏ شايع ٿيو آهي. انهيءَ ئي ڪتاب جو مخدوم عبداللطيف ٺٽوي رد لکيو آهي.
    حجت الحليلت: حضرت علي عه جي فضيلت ۾ جنهن جا شيخ محمد حيات سنڌي مدني ۽ مخدوم محمد هاشم رد لکيا آهن.
    نور العين: ان تي به مٿين ٻنهي بزرگن جا رد آهن.
    انور المجددفي مخ الوجد: (تصوف)
    مواهب سيد الشهدا اهل بيت جا فضائل)
    الجواس الشمين (دنيا جي پيدائش ۽ ان جي فنا ٿيڻ تي فلسفيانه رنگ ۾ بحث)
    الخواطف للتصوف
    مطارحات التحقين في برهان الشطبيق (فلسفه)
    رسالته الاعتدالات الاربعه (منطق و فلسفه)
    رفع الغين.
    رفع الاشڪال والزحمت (شيخ محي الدين ابن عربي جي بعض قولن جو شرح)
    ايقاط الوستان.
    وحدت الوجود و الموجود (فلسفه تصوف)
    الابداح في محاکمت بين النووي و ابن الصلاح (اصول حديث)
    الحق الصريح (سماع تي فلسفيانه رنگ ۾)
    رسالته الڪلي الطبعي (منطق)
    المدرار المديميت علي جا شيت القديمت (ڪبري منطق)
    شرح ديوان حافظ.
    حاشيه شرح زوارع (ڪبريٰ منطق)
    ٻيا به سندس رسالا ۽ تحريرون آهن جي هن وقت ناياب ٿي چڪا آهن.


    بشڪريه عبرت
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمت الله عليھ

    ادا ممتاز اوهان جا ٿورا جو اوهان محترم علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمه الله جن جي بايوگرافي اسان سان ونڊ ڪئي.
    سهڻا ڀاءُ اوهان جو ٿورائتو ٿيندس جي اوهان هن موضوع جي ليکک جو نالو به ٻڌايو ها.
    منهنجا ڀاءُ ليکک جنهن ڪتاب جي باري ۾ لکيو آهي ته نور العين: ان تي به مٿين ٻنهي بزرگن جا رد آهن.
    تنهن جو نالو قرت العين في البڪاء علي الحسين آهي.
    مون اوهان سان ذڪر ڪيو هو ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحمه الله جن جي هڪ قلمي ڪتاب (ڪشف الغطاء فيما يحل ويحرم من النوح والبڪاء) جي هي بندو تحقيق ڪري رهيو آهي، در اصل اهو مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمه الله جن جي قرت العين جو ئي رد آهي.
    مڙئي قلمي نسخا قرت العين في البڪاء علي الحسين، ڪشف الغطاء فيما يحل ويحرم من النوح والبڪاء، محمد حيات سنڌي جو قرت العين تي رد، دراسات اللبيب، ذب ذبابات الدراسات وغيره هن عاجز وٽ موجود آهن.
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمت الله عليھ

    ادا طاهر صاحب توهان لکيو آهي ته۔۔ هن مضمون ۔۔۔ ( علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمه الله ) ليکڪ جو نالو به ٻڌايو ها.۔۔۔۔ سو ان لاء عرض ته ادا ان مضمون جي ليکڪ جي خبر ته مون کي به ڪانهي، ۽ مون اهيو مضمون اخبار مان کنيوآهي ۽ مزي جي ڳالهه ته اخبار ۾ به ليکڪ جو نالو ڏنل نه آهي، ورنه مان ليکڪ جو نالو ضرور ڏيان هان، مون ان ڪري صرف اخبار جو حوالو ڏنو آهي۔ باقي اگر ڪٿان ان ليکڪ جي نالي جي معلومات ملي ته انشاءالله توهان تائين ضرور پهچائبي،
    مضمون تي پنهنجا خيالات ظاهر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۽ ٿورا۔ باقي ادا مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح تي لکيل مضمون منهنجو پنهنجو آهي،
     
  4. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: علامه مخدوم محمد معين ٺٽوي رحمت الله عليھ

    ادا بهترين ليک لاء اوهان جا ٿورا ۔ کوڙ ساري معلومات ملي آهي ۔ مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو