سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر- نياز همايوني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    https://i.imgur.com/AfAolvM.jpg

    سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر- نياز همايوني

    تاج جويو

    اڄ جڏهن، سرڪارون، اخبارون، ڪالم نگار ۽ غير سرڪاري تنظيمن جا مهندار، ماڻهن کان نصب العين کسي، خود ساخته مايوسيءَ، فراريت، مصلحت پسنديءَ ۽ پئسي جي حاصلات ۽ چمڪَ جي اونهي کڏ ڏي ڌڪي رهيا آهن؛ اڄ جڏهن ’قومي سياست‘ ۾ ڀتي، بي ايمانيءَ ۽ غداريءَ جا جيوڙا انجيڪٽ ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن ٻانهپ جي سنگهرن ۾ سوگهي قوم جي سياسي تقدير بدلائڻ لاءِ سياست نه ڪرڻ ۽ نام نهام’سماجي خدمت‘ جا نعرا ڏنا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن سچن قومي ڪارڪنن وٽ ’پيجارو‘ ۽ ’پئسو‘ نه هئڻ سبب سندن قدر نه ٿو ڪيو وڃي؛ اڄ جڏهن ڏيکاءَ ۽ اخباري بيان بازين تي تنظيمن کي جيارڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن؛ اڄ جڏهن نوجوانن جي تعليم کي ’نوڪريءَ‘ ۽ ٻاهرئين ملڪ وڃي ڪمائي ڪرڻ سان منسوب ڪيو پيو وڃي؛ اڄ جڏهن وطن ۾ ويهي وطن جي حقن جي سياست ڪرڻ ۽ پنهنجي سماج جي خدمت کي عبادت سمجهڻ ۽ تعليم کي پنهنجن ماڻهن جي نجات جو ذريعو سمجهڻ واري واٽ کان ٿيڙڻ جا سبق ڏنا پيا وڃن، ۽ نتيجي طور نوجوان خُودڪشين ۽ فراريت جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪبا پيا وڃن؛ اهڙن وقتن ۽ زمانن ۾ جن ماڻهن، ’وطن يا ڪفن‘ ۽ ’آزادي يا موت‘ جي سياست جو سبق ڏنو، سماجي خدمت کي سڀ کان وڌيڪ افضل ڪم ۽ اعليٰ عبادت تصور ڪيو، نياز همايونيءَ جو شمار اُنهن اعليٰ انسانن ۾ ٿئي ٿو. نياز سنڌ جو اُهو آدرشي ۽ جديد قومي شاعر رهيو آهي، جنهن جي ٻولي ۽ لولي، نعرو ۽ نظريو آهي ته:
    سنڌ موجود، حق موجود!
    نياز هڪ غريب هاريءَ جو پُٽ هو. اڄ جڏهن سنڌ جا ڪيترا ماڻهو چانڊين مان سيدَ، تُنين مان قريشي، ٿهيمن مان تميمي، داين مان انصاري ۽ جوڻيجن مان صديقي سڏائڻ ۽ سنڌيءَ بدران پاڻ کي عربي نسل جو فرد ڪوٺائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، تڏهن ڏسون ٿا ته نياز همايونيءَ ڪڏهن به پنهنجي اصليت نه وساري ۽ وڏي واڪ چئي ڏنو:

    آءٌ نماڻو، هاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز،
    سڀڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏِنگن وارو ڏانءُ نياز
    !
    نياز، جديد سنڌي شاعريءَ جي پهرينءَ صف جي سرموڙ شاعرن ۾ هڪ سگهارو ۽ تخليقي شاعر ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪلام ۾ انفراديت، اسلوب ۽ خيالن جي نواڻ موجود آهي. هيءُ ابتدا کان وٺي هڪ ئي رستي/ قومي رستي تي هلندو رهيو. زماني جي لوڏن، لالچن ۽ سرڪاري دٻاون، هن جي مزاج، سوچ، انداز ۽ شاعريءَ جي لهجي ۾ فرق نه آندو. سندس شاعريءَ ۾ پنهنجي دور جي ڳالهه ۽ زندگيءَ جو درد موجود آهي. سندس ٻولي سچ ڪوڏين جهڙي صاف آهي. لفظن جي چونڊ وٽس ڪڏهن به مسئلو نه رهي؛ هو لفظن جي حسن، چونڊ ۽ استعمال جي معاملي ۾ سنڌ جو يگانو شاعر ٿي گذريو آهي.
    شيخ اياز ۽ نياز همايوني، ٻه اهڙا همعصر شاعر هئا، جيڪي شاعريءَ ۽ هيئت جي نون تجربن ۾ نمايان حيثيت رکن ٿا. نياز همايوني، جتي نظم جو بادشاهه آهي، اُتي هن جا گيت، لوڪ گيت، وايون، ڪافيون ۽ دوها پڻ سندس جماليات جي لطيف پيشڪش، درياهه جي روانيءَ ۽ ماکيءَ واري ميٺاج سبب منفرد آهن. نياز جا طويل نظم، جتي وطن سنڌ ۽ اُن جي چپي چپي، وڻن ٽڻن ۽ گلن ڦلن سان مُحبت جي جذبي سان سرشار آهن، اُتي انهن سنڌ جي گونگي تاريخ کي زبان ۽ سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي سمجھه ۽ غيرن کي للڪارڻ جو جذبو بخشيو آهي. اُن ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته نياز سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ جو ٻهڳڻو شاعر آهي. هن جي شاعري، مولانا گراميءَ جي لفظن ۾، ”ابتدا کان وٺي رجعت پسنديءَ ۽ ذهني انتشار کان دور رهي آهي. آزادي، انسانيت، دوستي ۽ وطن پرستي سندس متو ۽ مقصد آهي.“
    نياز، فارسي زبان جو وڏو عالم هو، پوءِ به سندس شاعري نج سنڌي ٻوليءَ جي تشبيهن ۽ ترڪيبن جو ڀنڊار رهي آهي. هُو تشبيهن جو شاهه ڪاريگر شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن ميدان ۾ سندس ڪوبه همعصر شاعر شايد ئي سندس ڪلهي جُوسي ٿي سگهي يا مقابلو ڪري سگهي. هن جي شاعريءَ ۾ سنڌوءَ جو وهڪرو، وڏڦڙي جو وسڪارو، جابلو نئن جو جوش ۽ مستي، ترنم ۽ لئه جو آبشار موجود آهي. نياز جا دوها، نشيلين نِگاهن جي گُهورن کان وڌيڪ دلنشين ۽ دلڪش، سندس گيت، جماليات ۽ تهذيبي حسن جا سرچشما آهن. نياز جو طويل نظم ’ساڻيهه جي ساک‘، قومي شاعريءَ جو شاهڪار نظم آهي، جنهن ۾ هن دودي جي ڪردار کي ايڏو ته دلڪش بڻايو آهي، جو اُن جي پيرن جي پڻي سهاڳڻين جي سينڌ جو سينڌور بنجي پئي آهي- ۽ چنيسر جي ڪردار کي اهڙو ڪوجهو ۽ ڪميڻو ڪري پيش ڪيو اَٿس، جو مٿس لعنت وجهڻ لازمي ٿيو پوي.
    نياز، ننڍي کنڊ ۾ ’تحريڪ آزادي‘ واري پوئين دور جو شاعر آهي ۽ آزاديءَ جي آرزو سندس شاعريءَ جو نمايان پهلو رهي آهي. نيازَ، زندگيءَ ۾ وڏا وڇوڙا ۽ غم ڏٺا، پر هن هميشه مُنهن تي مرڪ سجائي، ٻين کي خوشيون ارپيون آهن.
    نياز، وسيع ظرف جو مالڪ ۽ زندهه دل انسان ۽ بهترين دوست رهيو ، سندس دل ۽ زبان، سندس سوچ ۽ سڀاءَ ۾ عام انسانن ۽ شاعرن وانگر تضاد ڏسڻ ۾ ڪڏهن به نه آيو. نياز جي شاعريءَ مان سندس اڇي اُجري شخصيت سان گڏ سندس دور ۽ ماحول جو سڄو رنگ نکري بيهي ٿو. هي اهو شاعر رهيو آهي، جنهن جي ذهن ۾ قومي ۽ اجتماعي زندگيءَ جو احساس هميشه موجود رهيو. سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ ’قومي شاعر‘ جو تاج، نياز همايونيءَ جي سر تي ئي سونهي ٿو.
    نياز همايوني، جديد سنڌ جو اُهو واحد شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ تشبيهون، استعارا ۽ ترڪيبون، ڌرتيءَ مان ماءُ جي ٿڃ جي گُوهن وانگر ڦُٽي نڪتل محسوس ٿين ٿيون. هن جي تشبيهن کي سنڌ جو تهذيبي ۽ قومي پسمنظر آهي ۽ اُهي آريسر جي لفظن ۾ واقعي ’سنڌ جيڏيون مٿانهيون‘ لڳن ٿيون. هن جا گيت ۽ لوڪ گيت، هن جون وايون ۽ ڪافيون، هن جا نظم ۽ دوها، تشبيهن سان ٽٻٽار آهن؛ تشبيهون به اُهي، جيڪي دل جي اونهاين مان نڪرن ٿيون.
    ڪڏهن ته تنهنجو روپ ائين ڄڻ جلوو ٻانهينءَ واريءَ جو،
    هَئي حياتي هيج ۾ اِئن ڄڻ ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ ڪنواريءَ جو!
    نياز همايوني، جديد شاعرن ۾ بردي سنڌيءَ ۽ اُستاد بخاريءَ وانگر اُهو اهم شاعر هو، جنهن ڪلاسيڪي شاعرن جي پيرويءَ ۾، جديد شاعريءَ ۾ نئون رنگُ ڀريندي، سنڌي ماڻهن جي ’ٻي زبان‘، بلڪ سنڌي زبان جي ’حسين لهجي‘ سرائيڪيءَ ۾ شاعري ڪئي. سرائيڪيءَ جو ترنم، لئه ۽ موسيقي پنهنجي آهي، پر جڏهن اُها نياز همايونيءَ جي چپن تي پهچي ٿي ته اُن جي ميٺاج ۾ مڻ مٺايون مليو وڃن. پوءِ کڻي شاعريءَ جي ڪهڙي به صنف هجي: لوڪ گيت هجي، يا ماهيا هجن يا وري ڪافيون. نياز همايونيءَ جي سِرشت ۾ سمايل سنگيت ۽ سرائيڪيءَ جي فطري موسيقي پاڻ ۾ ملي جيڪو آهنگ تخليق ڪن ٿا، اُن جو ساءُ، هڳاءُ، رَسُ ۽ چَسُ نرالو ۽ نئون آهي.
    نياز هڪ طويل نظم لکي پاڻ کي ”سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو شاعر“ ثابت ڪيو آهي. سنڌ، سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب سان نياز جي پيار جو هي رشتو، ساهه جي تند ٽٽڻ تائين قائم رهيو. اچو ته نياز جي ماءُ جي ٿڃ جهڙي نبار ٻوليءَ جو ساءُ وٺون!

    ’سنڌ ديس‘ جي سوني ڌرتي، مٽي مڻيادار، الا!
    هن ڌرتيءَ تان گهور وڃان، هيءَ ڌرتي سرجڻهار، الا!
    جاڳايا جنهن جنم جنم ۾، جار ڪري جهونجهار الا!
    ڪويل ڄڻ ڪي ڪنول جو گُل هئي،ڪوئل جيان گفتار سنديس،
    ڦوهه جواني ڄڻ ته جهڙيالي، جهڙ ڦڙ جيان جنسار سنديس،
    چپڙا ڄڻ ته چنار جون مکڙيون، اکڙيون نينهن نکارسنديس.
    ٻاگهي، جنهن جي مُرڪ مليح ته پيشاني پُکراج هئي،
    جنهن جي هيج همير جي آڏو، قسمت ڀي محتاج هئي،
    هاڻ انهيءَ جا حال ائين ڄڻ، سنڌڙي ٿي تاراج هئي
    !
    بشڪريه عبرت
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آءُ نماڻو، هاري زادو، ذات جو ڪوري، نانءُ نياز،
    سڀڪو ڄاڻي، ڪين ٿو ڄاڻي، ڏِنگن وارو ڏانءُ نياز


    سنڌ جي مزاحمتي شاعر
    نياز همايوني
    جي ورسيء تي کيس ڀيٽا

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول
    (نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۽ شخصيت جو جائزو)
    رحمت پيرزادو

    ويهين صدي عيسويءَ جي سنڌي شاعريءَ جو تفصيلي جائزو وٺبو ته اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿيندي ته ويهين صديءَ جي سنڌي شاعريءَ تي قومي ۽ بين الاقوامي نظرين ۽ تحريڪن جو واضح اثر رهيو آهي.انهن نظرين ۾ عالمي طرح مارڪس ازم جي عروج ۽ زوال جي ڪهاڻي ۽ ان جي پس منظر ۾ سنڌ جي هاري، مزدور ۽ محنت ڪش جي بي وسيءَ جو داستان، سنڌي شاعريءَ جو اهم موضوع نظر ايندو. ان کان علاوه تحريڪ آزادي ۽ ننڍي کنڊ جو غير فطري ورهاڱو ۽ وري پيڙيل سنڌ جي پڪار بڻجندڙ قومي تحريڪن واري شاعريءَ جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته خبر پوندي ته هن قوم جي شاعرن جو قد ڪاٺ ڪيترو هئو ۽ انهن ( شاعرن ) جو پنهنجي قوم ۾ ڪيترو پڪو ويساهه هئو.
    ان کان پوءِ سنڌي شاعريءَ جو اهو دور جنهن ۾ ون يونٽ مخالف ادب پڻ سرجيو. اهو ويهين صديءَ وارو نظرياتي دور هئو، جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ زميني حقيقتن ۽ عوامي هلچل کي ڀرپور نموني اڀاريو ويو.
    ان دور ۾ فارس ۽ عربي جيئن ته مذهبي طرح ۽ سنڌي ٻولي لازمي طرح پڙهائي ويندي هئي. جنهن ڪري انهن شاعرن فارسيءَ ۾ علم عروض لازمي طور پڙهيو ۽ فارسي ۽ عربيءَ جا وڏا شاعر سندن مطالعي هيٺ آيا. مطلب ته عربي، فارسي، انگريزي،سنڌي، هندي، سرائيڪي، اڙدو ۽ ٻيون علائقائي ٻوليون انهن پڙهيون ۽ انهن ٻولين جي ادب، پهاڪن، شعرن ۽ چوڻين جو انهن وٽ ڳوڙهو مطالعو آيو، ۽ مڙني ٻولين جي ادب تي انهن جي چڱي خاصي دسترس ٿي وئي.
    سنڌي اديبن ۽ عالمن انهن ٻولين جي سنڌي ۽ ٻين ٻولين تي ٿيل اثر تي پي ايڇ ڊيز ڪيون يعني انهن جي ليول اها هئي. انهيءَ دور جي اهم سنڌي شاعرن ۾ نياز همايونيءَ جو شمار به ٿئي ٿو.
    نياز همايوني جهڙو سنڌي ٻوليءَ تي عبور رکي پيو کيس، فارسيءَ تي به ايتري ئي دسترس هئي. نياز همايوني 12 اپريل 1930ع ضلعي شڪارپور جي ڳوٺ ” همايون“ ۾ قائم الدين همايونيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس نالو نياز حسين رکيو ويو. نياز کي طب جي حڪمت تي سَند ورتل هئي. هو پيشي جي حوالي سان ماهر حڪيم هئو.
    سنڌي شاعريءَ ۾ جتي شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جو نالو اچي ٿو، اتي نياز همايوني به پنهنجي دور جو نمائندا شاعر ڄاتو وڃي ٿو. نياز همايونيءَ گيت، لوڪ گيت، دوها، غزل، نظم، ۽ طويل نظم ( منظوم داستان ) لکيا آهن، سندس ڌاڪو نظم تي مڃيو وڃي ٿو. مگر هو هر صنف جو با ڪمال تخليقي شاعر آهي. هو اسٽيج تي ترنم سان شاعري پڙهڻ ۾ سنڌي زبان جو وڏو نالو هئو. سندس شعر ۾ ٺلهو نعرو نه هئو بلڪ شاعراڻي نُدرت به نياز جي شعر ۾ ضرور نظر ايندي. سندس مشهور گيت آهي ته:

    تنهنجي دنيا سڀ رنگ سانول،
    مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا!
    تنهنجي دنيا انڊ لٺ ريکا،
    منهنجي دنيا گدلا بادل،
    مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا!
    منهنجي دنيا مرگهه ترشنا،
    تنهنجي دنيا رمندا بادل.
    مون وٽ روپ نه ڪو ٻهروپ الا!

    نياز وٽ گيت ۾ جدت هئي. هن وٽ بيان جو نئون انداز هئو. جنهن کي مغربي شاعريءَ جي ويجهو چئي سگهجي ٿو. خاص ڪري سندس گيت ۾ ڪجهه اڻ ڇهيل خيال ۽ منظر ڏسڻ ۾ ايندا، جيڪي منظر جي حوالي سان هندي گيت ۽ خيال جي حساب سان فارسي غزل کان الڳ بيٺل نظر ايندا، مثال طور چئي ٿو:

    دل ٿي چاهي ويٺو گيت لکان!
    ويٺو گيت لکان،
    ٻارن وانگي ابتا سبتا، ليڪا پائي،
    ڪاشيءِ ميٽي ڪا شيءِ ڊاهي،
    دل ٿي چاهي ؛ ويٺو گيت لکان!

    اهو منظر ايشيا جي شاعريءَ يا ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ نظر نه ٿو اچي. مگر نياز اسان کي اهو منظر فلسفياڻي ڏاهپ سان سمجهايو آهي. اهو انداز نياز کي پنهنجي دور جي هم اثر شاعرن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. گيت جهڙي نازڪ ۽ نفيس صنف ۾ نياز جيڪا نواڻ آندي آهي، اها سچ پچ ته واکاڻ لائق آهي، سندس گيت ۾ ردم جو پڻ حسين سنگم آهي؛ جيڪو گيت ۾ موسيقي برقرار رکي ٿو. نياز جي ڪجهه گيتن جا مکڙا ضرور پيش ڪندس:

    اوسيئڙا ٿا آس اورانگهن،
    تانگهه ٿي پويان پير کڻي،
    آنءُ ٿي گهاريان ڏينهن ڳڻي!
    اٿو جو سج لهڻ تي آهه
    متان اوير ٿي وڃي،
    متان اوير ٿي وڃي!
    وهي ڀَتَرَ ول جان ڦولاري،
    پوپٽ وانگر نينهن آيو!
    گيت لکان يا ڳوڙهن ۾ ڪا ڳالهه ڪريان!
    ڳوڙهن ۾ ڪا ڳالهه ڪريان!

    جديد سنڌي ادب ۾ نياز گيت جي حوالي سان اهم شاعر آهي. هن وٽ نفيس خيالن سان ٻهراڙيءَ جي زندگيءَ جو ڳوڙهو مطالعو ۽ ٻوليءَ ۾ موسيقي پيدا ڪرڻ جو انوکو ڏانءُ به آهي.
    لوڪ گيت لکڻ لاءِ تاريخي ۽ تهذيبي ڄاڻ ضروري آهي. لوڪ جيونَ جي ڏکن، تڪليفن، مصيبتن، ۽ مسرتن جو مشاهداتي مطالعو به ضروري آهي؛ نه ته ان جي مهاڪاتي پس منظر کي فطري مُڪملتا نه ٿي ڏئي سگهجي.
    نياز همايوني تاريخ جو ڳوڙهو مطالعو ۽ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو ڀرپور مشاهدو رکي ٿو ؛ تنهن ڪري هن وٽ لوڪ گيت لکڻ لاءِ وسيع ميدان موجود هئو. لوڪ گيت ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا فرضي ڪردار گهڙي به لکي سگهجن ٿا ۽ ٻيا ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان به لکي سگهجن ٿا. نياز وٽ ثقافتي لوڪ گيت آهن. جيڪي مندن ۽ مهلن جي حوالي سان يا رسمن جي حوالي سان رچيا ويا آهن ؛ جهڙوڪر : چيڻو، سنيهو، ڍاٽيڙو، ڇيڄ، لاڏو، لولي مورو، همرچو جمالو ۽ تاسرڙو وغيره. نياز انهن تي foot note ۾ ڪجهه پس منظر جا حوالا به ڏنا آهن ( جن کي پڻ تاريخي اهميت حاصل آهي.) پر شاعراڻي ندرت جي حوالي سان نياز جو تخيل مڪمل تخليقي آهي؛

    ڪانگ منهه تي، رئو اُرهه تي،
    چيڻو ويٺي ڇڙيان!
    ڇڄ ۾ داڻا، منهنجا راڻا،
    چيڻو ويٺي ڇڙيان!

    لوڪ گيت اظهار ۾ بي -تڪلف هوندو آهي. لوڪ رسمن ۽ ديهاتي زندگيءَ جو منظر لوڪ گيت جي جان آهي. عورت جي خاموش جذبن جو اظهار لوڪ گيت جو اصل موضوع آهي. جهڙو اظهار نياز جي هن لوڪ گيت ”سنيهو“ ۾ ملي ٿو:

    سيج پلنگ تي پئي ٿي اُٿلان،
    ڄڻ ته تئي تي ماني، منهنجا جاني!
    مان سنيهو پيئي ڳايان
    جوڀن تنهنجو! جيئن سدائين،
    ڄڻ ته قنڌاري ڏاڙهون، منهنجا ماڻهو!
    مان ته سنيهو پيئي ڳايان .

    هي لوڪ گيت هڪ مڪمل لوڪ گيت آهي. جنهن ۾ داخلي ڪيفيت جو شديد اظهار سمايل آهي.هن ۾ لوڙهن ۽ ڪنڊاون ڪوٽن ۾ بند عورت جي من اندر جي شدت ڀري ڪيفيت جو ڀرپور اظهار آهي.
    تئي تي مانيءَ جي سڙڻ پچڻ جي ڪيفيت کي نياز تشبيهه طور کنيو آهي، ۽ ٻئي بند۾ محبوب جي جوڀن کي قنڌار ڏاڙي هونءَ سان تشبيهه ڏني وئي آهي؛ پر ان گيت ۾ نياز جڏهن هي بند چئي ٿو ته:

    مٿي ۾ ڦيري من ۾ اماڙيون،
    ڄڻ ته سراڻ تي ڪاتي، منهنجا ڀاتي!
    مان ته سنيهو پيئي ڳايان.

    هو اڪيلي عورت کي پرينءَ جي پيار جي تئونس ۾ تڙپندي ڪڏهن تئي تي سڙندڙ مانيءَ سان ڀيٽا ڏئي ٿو ته ڪڏهن سندس من اندر جي لوچ کي سراڻ تي چڙهندڙ ڪاتيءَ سان تشبيهه ٿو ڏئي؛ اهو سنڌي شاعريءَ جو ادراڪ آهي. جنهن ۾ فارسي، عربي ۽ ڪلاسيڪل هندي شاعريءَ جو وسيع مطالعو شامل آهي. نياز جيئن گيت ۾ مغربي انداز جا خيال آندا آهن، اهڙي ئي طرح سندس لوڪ گيت ۾ مشرقي شاعريءَ جو مڪمل ادراڪ سمايل آهي. جهڙيءَ طرح انساني ارتقا جو سلسلو هلندڙ آهي تيئن ئي ادب به ارتقائي مرحلن مان گذرندو آهي. شاهه لطيف جي شاعريءَ کي جديد سنڌي شاعريءَ اڳتي وڌايو آهي. اهو ارتقائي سلسلو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ تي مشرقي شاعريءَ جا اثر فطري طرح مشرقي شاعريءَ جي ارتقا آهي. جنهن ۾سنڌ جو ڪردار، ادب جو هڪ الڳ ۽ اهم موضوع آهي.
    نياز جي هن لوڪ گيت ۾ وري ٿر جي سماج جو فطري اثر آهي؛ چوي ٿو:

    گهور وڃان، گهور وڃان،. گهور وڃان گهور!
    رنگ رتي، روپ وتي تنهنجي ڳليءَ تان.
    گهور وڃان، گهو وڃان ، گهور وڃان گهور!
    ڇپر مٿي ڇمر نچي ، پڌر مٿي مور،
    جنهن به ڏٺو تو کي بڻيو چانڊوڪيءَ جو چور،
    چانڊوڪيءَ جو چور،
    گهور وڃان گهور وڃان، گهور وڃان،گهور!

    هندستاني شاستري سنگيت جي هڪ ٺمري جي وراڻيءَ جو ٻول آهي ته: پيا سنگ بگيا ۾،مور ناچي ري!“ نياز جي ادبي ادراڪ ۽ ارتقائي اوسر جي وسعت ۾ ان هندي بيان جو هڪ حصو شامل آهي. باقي مٿئين شعر ۾ ٿر جي پڌر تي چوڏهينءَ جي چنڊ جو منظر ماءُ جي ارهه مان نبار چانڊوڪيءَ جي اوتڻ جو تصور رکي ٿو. هن لوڪ گيت جي موسيقيءَ ۾ ”گهور وڃان، گهور وڃان گهور وڃان گهور!“ واري وراڻيءَ جي ترنم ان گيت کي حسين بڻائي ڇڏيو آهي.
    نياز جي لوڪ گيت کي تاريخ شناس گيت چئي سگهجي ٿو. هن وٽ چيڻي، موري ۽ تاسرڙي جو تاريخي پس منظر آهي ۽ يقيننََ ان ڄاڻ کان سواءِ لوڪ گيت لکي به نه ٿو سگهجي. نياز جي لوڪ گيت کي سنڌي لوڪن جي صدين جي پس منظر جي مڪمل پروڙ آهي؛ تڏهن سندس سَٽَ سَٽ َمن پاتال ۾ پيهي وڃي ٿي.
    نياز وٽ ٻي محبوب شاعراڻي صنف ”دوهو“ آهي. هي دوهي جو انداز باهوءَ جي دوهي جهڙو آهي. جنهن کي شيخ اياز سنڌ ۾ پهريون ڀيرو جديد رنگ ۾ پيش ڪيو. باهوءَ چئن سٽن جا دوها لکيا آهن. جنهن جو وزن ڇند وديا جي حساب سان ”سورنهن يارنهن“ جو ٿئي ٿو. شيخ اياز ٻن سٽن جا سورنهن يارنهن وارا دوها لکيا آهن؛ جيئن سندس دوهو آهي ته:

    مرندا سين ته مٽيءَ مان پنهنجي، جڙندا ڪي ئي جام.
    نوان نوان متوارا ايندا ، هڻندا پنهنجي هام.

    جڏهن ته اصل سنڌي دوهو بيت جي وزن يعني ”تيرنهن يارنهن“ جي ضرب يقسيم سان لکيو ويندو هئو. جيئن نارائڻ شيام جو دوهو آهي ته:

    رات ائين ها سيج تي ، تنهنجا وٽڙيل وار،
    ڄڻ شاعر جي ذهن تي، ربط بنا اشعار.

    سنڌ ۾ ٻنهي قسمن جا دوها لکيا وڃن ٿا نياز، شيخ اياز واري انداز سان دوها لکيا آهن.

    وقت اسان جي واٽ ۾ آيو،. ڏونگر جهڙا ڏانَو ڪري،
    اسان انهيءَ تان اڪري وياسين،ڪڪرن وانگر ڇانو ڪري.
    ***
    آءُ ته اهو رابيل ٿيئون جو، خوشبوءِ جي خيرات ڪري،
    سڀ ڪنهن کي مسرور بڻائي، پنهنجي هستي مات ڪري.
    تنهنجي پُوڄا پيو ڪريان، مان، يار سدائين خوابن ۾،
    منهنجي ڀر ۾ آءُ ته توکي توريان آنءُ گلابن ۾.

    نياز پنهجي دوهي کي گهڻ طرفا رنگ بخشيا آهن . مگر دوهي ۾ گرو نانڪ جا سلوڪ ، ڪبير، ميران، تلسي داس ۽ روي داس وارو ڀڳتي تحريڪن جو پس منظر آهي؛ جيڪو دوهي جو اڄ به اهم موضوع آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جي دائمي قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي ٿو. اهو دوهي جو ڪل وقتي موضوع چئي سگهجي ٿو. نياز ان موضوع تي پنهنجا خيال هن ريت پيش ڪيا آهن:

    دنيا ديوي پر جي ان جو حال به اهڙو تهڙو ناهه،
    ان سان عشق اسان جو ليڪن، دنيا دارن جهڙو ناهه.
    چهرن ۾ چانڊاڻ دلين ۾، اڻٽيهين اونداهي آهه،
    دنيا وارا! ڌيان ته ڪر، تو ڪهڙي دنيا ٺاهي آهه؟
    هر ڪو ويندو جڳ مان جاني، رهندا سڀ ارمان هتي،
    يار نياز اسين مسافر گهڙيءَ پلڪ مهمان هتي.

    نياز وٽ دوهي ۾ جيڪا معصوميت ۽ نماڻائي آهي ان جو مثال به مشڪل آهي. نياز تمام خوبصورت دوها چيا آهن. جن تي اڃان به موضوعاتي ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي.
    نياز جي غزل جو الڳ انداز آهي؛ هو غزل جو قد آور شاعر آهي.سندس غزل عروضي قالب ۾ پختو ۽ فارسي آميزش وارو آهي. نياز جي غزل تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي؛ مگر سندس غزل ۾ تمام ڳوڙهو خيال ۽ پر اثر موضوع کنيو ويو آهي. سندس غزل جا چند شعر آهن:

    اسان جي عشق جو جنهن آرزوءَ تي انحصار آهي،
    اها پوري به ٿيندي يا نه ڪهڙو اعتبار آهي.
    اتي ڪيئن ٿو ڪري سگهجي حقيقت آشنا ڪنهن کي،
    جتي هر عقل وارو خود فريبيءَ جو شڪار آهي.
    پراين جي چوڻ تي ٿو ڦٽائين يار پنهنجن سان!
    اهو دستور جي رهندو ته هر ڪو بي ميار آهي.

    نياز جي غزل ۾ سماجي روين جي ڪڙاڻ آهي. هن وٽ جذبن کي پيش ڪرڻ جو ڏانءُ آهي؛
    هو زندگيءَ جي بدلجندڙ Moral Values تي غمزده نظر اچي ٿو. هو تهذيب ۽ انسان سان محبت جو شاعر آهي. سندس هي غزل ڏسو:

    سدا خطا جي مقتل تي حاضري گهرجي،
    خيال- يار جي ڪا پاس خاطري گهرجي.
    اکين ۾ لڙڪ تڏهن ڀي ٿا مرڪ ساڻ مِلئون،
    ستم ظريف اڳيان ڪا ته ساحري گهرجي.
    گلاب تنهنجي جواني، عناب تنهنجا چپ!
    ڀرئي وکر مان اسان کي به ڪا ذري گهرجي.

    نياز وارو انداز اسان وٽ اڄ جي غزل ۾ ناياب آهي؛ نياز کي سمجهڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان مطالعو ڪرڻو پوندو. جديد غزل ۾ ڳوڙهي خيال جي کوٽ آهي؛خارجي علامتن جي خبط ۾ گهرائي کي نظر انداز ڪري رهيا آهيون. اسان وٽ لفاظي ۽ علامت نگاري اضافي اچي وئي آهي. نياز وٽ لفاظي ناهي، سندس ابهام به حقيقي آهي. هن وٽ شدت، جنون ۽ وجدان ضرور آهي مگر هي غزل با مقصد ۽ با عمل آهي. جيئن سندس هي غزل جا شعر ته:

    اسان جو عشق، جي سوريءَ سان سازگار ٿئي،
    مجال ناهي جو ڪٿ حسن داغدار ٿئي.
    اوهان جو زخم ڏنو سو ڇُٽي نه شال ڪڏهن،
    اوهان جي لطف مان ڪا شيءِ ته يادگار ٿئي.
    ڀلي ته درد ڌِڪي اُڇلي موت جي منهن ۾،
    ڀلي ته عشق جو انجام شاندار ٿئي.

    نياز وٽ محبت جا معيار ئي الڳ آهن، هو ميلاپ جو قائل نه آهي؛ هو امر ٿيڻ جي تمنا رکي ٿو. هو قربانيءَ کي محبت جو دائمي درجو ڏئي ٿو. هو محبت کي امر سمجهي ٿو ۽ وجود مان نڪري نروار ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. نياز جو غزل پڙهي آئون ذاتي طر ح سنڌي غزل جي مستقبل مان مطمئن آهيان. جيڪڏهن اسان جي ادب جا ارتقائي مرحلا ايترو اعليٰ معيار رکن ٿا ته اسان جو مستقبل ۾ ويساهه وڌيڪ پختو ٿئي ٿو.
    هاڻي نياز جي نظم تي اچون ٿا ؛ نياز همايوني جديد سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جو باڪمال شاعر آهي. هن هڪ نظم جو مڪمل ڪتاب لکي ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ نظم لکيو وڃي ٿو. نظم جيئن ته موضوعاتي صنف آهي؛ ۽ آئون شروع ۾ چئي آيو آهيان ته سنڌ ۾ ويهين صدي نظرياتي ادب جي حوالي سان اهم آهي. مختلف نظرين انساني سماج جي جيڪا صورت طئه ڪئي آهي، ان جي تبليغ ۾ ادب جي حوالي سان شاعريءَ ۾ نظمن وسيلي نظرين جي تمام گهڻي پرچار ٿي آهي.جنهن جو سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ وڏو پس منظر آهي. حيدر بخش جتوئيءَ کان محمد خان مجيديءَ تائين اتر ، لاڙ ۽ ڪاڇي مان تمام خوبصورت شاعر ٿي اڀريا، انهن ۾ نياز همايونيءَ کي ڪڏهن به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.
    نياز منظوم داستانن کان علاوه مختصر يا ننڍن نظمن ۾ خوبصورت تجربا ڪيا آهن. نياز جو Vision چٽو آهي. هن وٽ جذبو موجود آهي، هن جي رواني موجدار سنڌوءَ جي ڌارا جهڙي آهي،سندس نظم جا هي شعر ڏسون:
    اچو ته بي قرار ٿيون:

    جو درد مند دل جي واسطي قرار ٿو کپي،
    خزان نصيب زندگيءَ لئه بهار ٿو کپي.
    اچو ته بي قرار ٿيون!
    هي بي اصول، بي وقار، بندگيءَ جي زندگي،
    هي تشنا روح، خستا جسم، زندگيءَ جي زندگي،
    نه ٿي کپي نه ٿي کپي،هيءَگندگيءَ جي زندگي،
    اٿو ته موت سان لڙي، حيات جو وقار ٿيئون،
    اچو ته بي قرار ٿيئون.

    جنهن دور ۾ شيخ اياز ”هرڻ هٺيلا“ جهڙا فلاسافي بيسڊ نظم پئي لکيا جن ۾ ڪتين ۽ ستارن کي لتاڙڻ جون ابهامي علامتون هيون ۽ شمشير ”ڪاڪ محل“ جهڙا جادوئي ۽ طلسماتي تصور جوڙي ۽ مقصد کي علامتي انداز ۾ ۽ مبهم ڪري ڇڏيو. ان وقت به نياز هيو، جنهن زميني حقيقتن جا نظم لکيا؛ جن ۾ ماڻهو هيا، انهن جا مسئلا هيا زندگي هئي:

    سنڌ جي مڪلي ۽ ساموئيءَ جو قسم،
    شاهه جي سهڻي ۽ مارئيءَ جو قسم،
    پنهنجي جهانگين کي جهوليءَ ۾ لولي ڏئي،
    پنهنجي لوليءَ کي ٻاگهيءَ جي ٻولي ڏئي،
    سنڌ جاڳي پئي، سنڌ جاڳي پئي!

    نياز همايونيءَ جو نظم حب الوطني ۽ انسان دوستيءَ جو عاليشان مثال آهي. نياز همايونيءَ جهڙا شاعر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. نياز ته 2 جنوري 2003ع تي اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ ۽ سنڌي اديب نياز همايونيءَ سان ڪيترو ٿا انصاف ڪن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چنڊ کي مون سان پريت ٿي ويئي! (نياز همايونيءَ جي ياد ۾)

    پروفيسر نذير احمد سومرو

    پل پهر ته ڇا؟ ڏينهن ۽ هفتا، مهينا ۽ سال به ڄڻ ليئا ۽ جهاتيون پايو هليا ويا. وڏو عرصو گذري چڪو آهي. 1975ع جي مهڙ جي ڳالهه آهي. سنڌ جي نامور شاعر، نقاد ۽ اديب ذوالفقار راشديءَ سان ڪچهري ڪري، سندس بنگلي تان موٽي گهر پهتس ئي مس ته سندس سبيءَ جي خاص مُريد، خجڪ اچي در کڙڪايو.
    ”خير ته آهي؟“ اوچتو اچڻ جو سبب پڇيومانس.
    ”مون کي ڪهڙي خبر. سائين (ذوالفقار راشدي) تو کي سڏڻو آ. تو کي ڄُلڻو آ. سو تون مون سان ڄُل.“ هن پنهنجي مخصوص لهجي ۾ چيو. ”مون کي ڪهڙو خبر ته ڇو؟ توکي سائين سڏي ٿو پيو ۽ مون سان گڏجي هل.“
    زور ان وقت گڏجي هلڻ تي هو.
    ذوالفقار راشديءَ جا ضلعي سِبي بلوچستان سان تعلق رکندڙ مُريد خجڪ ۽ سيلاچي ماڻهو، چيل ڪم جي پورائي ڪرڻ کانسواءِ، نه موٽندا آھن ۽ نه ئي مُڙندا آهن. اڄ تائين سندن مزاج اُهڙي جو اهڙو آهي.
    جيئن بنگلي جي وڏي ۽ ويڪري اڱڻ ۾ پير رکيم، ڏٺم ته ساڻس هڪ اُوپرو ماڻهو، اُس جي تڙڪي ۾ ويٺو آهي. ويجهو ٿيس ته ذوالفقار راشديءَ چيو؛
    ”اچ اچ! اڄ مان توکي اهڙي ماڻهوءَ سان ملايان. جيڪو سنڌ جو وڏو مانائتو ماڻهو، وڏو شاعر پر شاعر کان وڌيڪ وڏو انسان ۽ انسان کان وڌيڪ وڏو شاعر آهي.“
    مهمان سان وڏي ادب ۽ احترام سان مليس. هُن به عمر جي وڏي تفاوت هوندي، ملڻ ۾ ساڳي گرمجوشي ۽ انڪساري، نياز ۽ نوڙت ڏيکاري. کيس کيڪارڻ کانپوءِ، ڀرسان پيل خالي ڪرسيءَ تي ويٺم ته ذوالفقار راشديءَ چيو؛ ”تو همايون وارو بزرگ ته ٻڌو هوندو. هي همايون جو جديد بزرگ ته نه پر حڪيم ۽ جديد شاعر نياز همايوني آهي. جنهن کي سنڌي شاعريءَ مان ڪاٽو ڪبو ته وڏو خال ۽ کوٽ محسوس ٿيندي.“
    راشديءَ جي ان جملي تي، نياز همايونيءَ مون ڏانهن ڏسندي ٺهه پهه وراڻيو؛ ”نه ادا، متان راشدي صاحب جي ڳالهين ۾ آيو آهين. مان ڪجهه به ناهيان. راشدي صاحب ته بادشاهه ماڻهو آهي. مڙئي اسان پارن کي پڇ ٻڌي مهري بڻايو ڇڏي.“
    جواب ۾ راشدي صاحب چيو؛ ”چئبو ته اُٿي وڃان نه؟“
    ايتري ۾ ذوالفقار راشديءَ جي حويليءَ تان مٺائي ۽ چانهه آئي. چانهه جي چسڪين ۾ ماهوار سوجهرو (سال 1974ع) ۾ هلندڙ نئين بحث جو ذڪر نڪتو. جنهن جو خاص نڪتو هيو؛ ”اديب کي سياسي طور جانبدار هجڻ گهرجي يا نه؟“
    انهيءَ بحث ۾ خواجه سليم، تنوير عباسي، سليم سولنگي ۽ ٻين ڪيترن حصو ورتو. ان موقعي تي راشديءَ پنهنجي خاص چرچائي نوع ۾ چيو؛ ”اها، ديپڪ اُترادي ڪاٿئون جي بلا آهي؟ ويچارو ڏاڍو رحم جوڳو ٿو لڳي. ايترو بزدل آهي جو پنهنجو اصلي نالو لکڻ کان به ڪيٻائي ٿو. خدا جو شان آهي جو ڪمزور دلين وارا به علم، ادب ۽ تنقيد جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهي آيا آهن. کين خبر ناهي ته سندن سندرا ڪچا آهن. سندن چيلهين تي بيهن ئي نه ٿا. احساس ڪمتريءَ جي مريضن لاءِ کوڙ ٻيا ميدان پيا آهن. زندگيءَ وانگر ادب به صحتمند روايتن/ڳالهين کان سواءِ زندهه رهي نه ٿو سگهي. هي روايتون صدين جي خونِ جگر سان پالنا ۽ پرورش جون تقاضائون ڪن ٿيون.“
    بحث ۾ ڦري گهري ڳالهه اچي، سنڌي شاعريءَ تي بيٺي. نياز همايونيءَ چيو؛ ”نياپو (شاعري) ته سٺو پر نياپي کي نياپو آڻيندڙ نه کاري. شاعريءَ سان ٻي زال وانگر ڏاڍو احتياط سان هلڻو پوي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ ۾ قدم قدم، پلصراط تي هلڻ برابر آهي. شعر کي پُراثر بنائڻ لاءِ، احساس جي شدت، فڪر جي گهرائي، شعور جي بلنديءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيڪا هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.“
    مون نياز همايونيءَ کي چيو؛ ”توهان هند ۽ سنڌ جي معياري شاعرن مان ڪنهن کي وڌيڪ پسند ڪيو ٿا؟“
    کلي چيائين؛ ”ڇو ڀلا جهڳڙو ڪرائڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟ سنڌ مان جيڪڏهن بيوس، گدائي، شيخ اياز، استاد بخاري، تنوير عباسيءَ کان وٺي تاج بلوچ ۽ ٻين جا نالا ڳڻايان. جيڪڏھن اتفاق سان ڪنهن سٺي شاعر ۽ پرين پياري دوست جو نالو فوري طور ذهن تي نه اچڻ ڪري رهجي وڃي ته پوءِ جهڳڙو نه ٿيندو؟ مٿين نالن کان سواءِ، ٻين اديبن ۽ شاعرن به سنڌ جي خدمت ڪئي آهي. مثال طور محمد ابراهيم جويو، پير حسام الدين راشدي، اياز قادري، طالب المولى، حميد سنڌي، قمر شهباز، آغا سليم، سراج ميمڻ ۽ ٻين ڪيترن جا نالا آهن، جيڪي هن وقت ذهن ۾ نه ٿا اچن.“
    هند جي سنڌي اديبن جو ذڪر نڪتو ته ذوالفقار راشدي ٿوري دير لاءِ اجازت وٺي حويليءَ ويو ۽ پاڻ سان هند جي اديبن طرفان آيل ڪجهه خط ۽ ڪتاب کڻي آيو. جن ۾ ايم ڪمل ڀارتي جي شاعريءَ جو نئون مجموعو جهريل جيءُ به شامل هو. بعد ۾ اهو شعري مجموعو، ممبئي يونيورسٽيءَ جي بي اي سنڌي لازمي/اختياري جي نصاب ۾ شامل ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1978ع ۾ نند ڪمار بندراڻيءَ، الهاس ننگر مان ڇپائي پڌرو ڪيو.
    ڪتاب جهريل جيءُ جي لاءِ ٻه اکر، ذوالفقار راشديءَ جا لکيل هيا. ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي، نياز همايوني بي اختيار ٿي، راشدي صاحب کي داد ڏنو. پوءِ پئي ايم ڪمل جا ڪجهه شعر جهونگاريائين. نيٺ ذوالفقار راشديءَ چيس؛ ”ٻڌائڻو اٿئي ته وڏي آواز ۾ ٻڌاءِ!!“
    نياز همايونيءَ چيو؛ ”هي شعر ڏاڍو وڻن ٿا:
    ڇُلي جتي ڪٿي، اي چشـــم تــــــر چـــــڱو نه ڪيئه،
    کــــلائــــي پــــاڻ تـــي پــنـــهنــجا ۽ پر چڱو نه ڪيئه،
    اکين کان ننڊ ڦري، منهنجي دل کان چين کسي،
    حـــيـات وهـــه ڪـري، درد جــگـــر چــــڱو نه ڪـــيئه،
    ڀـــريـــا جــي وقت جي مرهم ها ڦٽ، سي اُکلي پيا،
    وري مــلائي نــظــــر ســـان نــظــــر، چـــڱو نه ڪــيئه.“
    ان وقت ايم ڪمل جي شاعري نياز همايونيءَ جي جهونگار ۾ متحرڪ شين وانگر نظر آئي.
    ويرم رکي ذوالفقار راشدي چيس؛ ”نذير کي پنهنجي پسند جو ڪو شعر ٻڌاءِ!“
    ان موقعي تي نياز صاحب، شمشير، تنوير، تاج بلوچ ۽ ٻين دوستن جا شعر سر سان ٻڌايا. ڇا ته سندس ترنم هو. ڄڻ سنڌو پئي اٿليو.
    پوءِ شاعريءَ جو اهو سلسلو ڳپل رات تائين جاري رهيو ۽ ماحول مشڪبوءِ مشڪبوءِ محسوس ٿيو.
    نياز همايوني، شاعريءَ جي شروعات ڪڏهن ڪئي، سا مون کي خبر ناهي. پر نياز همايونيءَ جي شاعري ٻڌي، مون محسوس ڪيو ته فڪر سان ڪمٽمينٽ، اندروني ڀڃ ڊاهه، دل کي لوڏيندڙ ۽ ڌوڏيندڙ زلزلن ۽ ٻاهرئين ماحول ۾ جنم وٺندڙ، اڻ وڻندڙ، انسانيت کان ڪريل واقعن ۽ ڳالهين جي ٽڪراءَ جو ٻيو نالو نياز همايوني جي شاعري آهي. ضروري ناهي ته نالي ۾ وڏو/مشهور شاعر ماڻهن جي پسند به هجي. ائين ته سنڌ ۾ کوڙ ساترا جعلي شاعر پيدا ٿي پيا آهن، جن جي شعري مجموعن جا، بوڪ اسٽالن تي رکئي رکئي، اس جي تيک ۽ مکين جي جهينگار سبب، ٽائيٽلن جا رنگ ئي اڏري ويا آهن.
    ون يونٽ ٺهڻ سان، سنڌ کي اڻ ڳڻيا ۽ ايترا ته نقصان رسيا، جو انهن جو ڪاٿو ئي نه ٿو ڪري سگهجي. ان نقصان جو ازالو، سنڌ کي ايندڙ صدين ۾ ملندڙ فائدا (اگر مليا ته) به ڪونه ڪري سگهندا ۽ اهي نقصان، نقصان ئي رهندا. ون-يونٽ ٺهڻ سان سنڌ کي ايترو فائدو ضرور پيو جو سنڌي شاعري چوپيل، چوسيل ۽ چٻاڙيل موضوعن ۽ لفظن کان آجي پاجي ٿي، سنڌي ويس وڳا پائي، نج پج سنڌياڻي ٿي وئي. منجھس نئون لهجو، نئين سوچ ۽ جديد طرز آئي.
    جن شاعرن نون لاڙن هيٺ، منفرد لهجي ۾ شاعري ڪئي، تن ۾ نياز همايونيءَ جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي سياسي مسئلن کي ذاتي درد سمجهي، سورن جو اظهار ڪيو ۽ وڏو ادبي ۽ سياسي ڪارج پورو ڪيو. ذوالفقار راشدي پنهنجي تنقيدي ڪتاب ڪسوٽي ۾ نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي تڪ تور ڪندي صفحي 59 تي لکيو آهي:
    ”اهڙيون پياريون سٽون ۽ لفظ، محاورا ۽ ترڪيبون، رڳو نياز همايونيءَ جهڙن گڻوان ۽ سچن ڪلاڪارن جي زرخيز قلم مان ئي ڦٽي سگهن ٿيون. نياز ٻهراڙيءَ جي ڪن هالو چالو نستن ۽ بي ساهن لفظن ۾ هيڪاندو ساهه ۽ سواد ڀري ڇڏيو آهي. پاروٿن خيالن ۽ الوڻن جذبن کي، تازگي ۽ چهراڻ ڏني آهي. شاعر، ٻولين جا بڻائيندڙ ۽ نگهبان ٿيندا آهن. انهيءَ نقطي نظر کان، نياز جو پورهيو ۽ فن کيرون لهڻي.“
    نياز همايوني، اسان جي دور جو اهڙو شاعر آهي، جنهن جي شاعريءَ جي صلاحيتن ۽ ادبي خدمتن ۽ فن بابت ڪا سير حاصل ۽ جامع لکڻي اڃا تائين نظر نه آئي آهي. سواءِ ماضيءَ ۾ تاج بلوچ جي سوجهرو لاءِ ورتل انٽرويوءَ جي، جيڪو مهتاب (چنه) راشديءَ جي نالي ۾ شايع ٿيو يا ذوالفقار راشديءَ جي لکڻيءَ يا مهراڻ جي شاعر نمبر ۾ گرامي صاحب جي مختصر راءِ جي. ان جو سبب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته نياز جي شاعري ۽ فن تي لکڻ ڪو آسان ڪم ناهي. يا ڪنهن ٻئي شاعر کي مٿي آڻڻ لا، نياز کي لنوايو ويو!
    نياز همايونيءَ جي شاعري نئين ۽ سجاڳ دور جي شاعري آهي.
    سندس ڊڪشن ۽ اسلوب، ايڏو ته دائمي ۽ دلپذير آهي، جو وقت جي واري ۽ لڙ، ان کي ڪڏهن به ڌنڌلو ۽ ميرو نه ڪري سگهندا. سندس شاعري، رڳو شاعري ناهي. مظلوم سنڌين جي سچي ۽ پرخلوص پڪار آهي. نئين ٽهيءَ کي نياز جو فن ۽ فڪر، پنهنجي مطالعي جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
    سنڌي ادب جي جديد ۽ روشن خيال عالم ۽ نقاد، مولانا غلام محمد گراميءَ، نياز همايونيءَ جي فن تي راءِ ڏيندي چيو هو؛ ”نياز همايوني، غزل جو بادشاهه شاعر آهي. هن پنهنجي فن ۽ هيئت ۾ انيڪ تجربا ڪيا آهن. ان ڪري هو پنهنجي همعصر شاعرن کان گوءِ کڻي ويو آهي. سندس ڪلام، ذوقِ جماليات جي لطيف ۽ نازڪ، مسرت انگيز ۽ سڪون بخش پهلوءَ تي مشتمل آهي. هو لفظن ۽ ترڪيبن کي اهڙي ته حسين ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪري ٿو، ڄڻ موتين جا هار پوئي ٿو.... سندس فن، سوز ۽گداز، رقت ۽ محبت جي نازڪ ترين مسئلن ۽ زندگيءَ جي اهم ۽ دقت پسند معاملن کي رمز ۽ ڪنائي سان بيان ڪرڻ ۾ تجربا ڪري چڪو آهي.... سندس ڪلام سريلو ۽ مترنم آهي.“
    شاعريءَ بابت وڏن وڏن نقادن جا وڏا وڏا رايا موجود آهن. پر اسان جي شاعر ۽ نقاد، تاج بلوچ، جاذب قريشيءَ جي اردو شاعريءَ بابت اردوءَ ۾ لکيو هو:
    ”سٺي شاعري، نئين ڄاول ٻار جي اوچتي چيٽ جيان هوندي آهي. جيڪا خاموشين ۾ لهر پيدا ڪندي آهي. اها لهر هڪ نئين موسيقيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ پوءِ اهڙي موسيقيءَ مان هڪ نئين ۽ اڻ ٻڌل ڪنواري لئه ڦٽي، گريز پا لمحن کي سيراب ڪري ڇڏيندي آهي. زندگيءَ جي اهڙن گريز پا لمحن کي پڪڙ ۾ آڻڻ واري کي ئي شاعر چيو ويندو آهي.“
    آءٌ تاج بلوچ صاحب جي انهيءَ تنقيدي راءِ کي، نياز همايونيءَ جي فن ۽ فڪر تي ٺهڪائيندي، چوان ٿو؛ ”سچ پچ، نياز پنهنجي عهد جو اهڙو ئي شاعر هو، جنهن پنهنجي شاعريءَ ذريعي، هٿن مان ترڪي ويندڙ وقت جي لمحن کي پڪڙي ورتو.“

    آءُ سـمنڊ جــــي ســـينـي مــان ٿــي نـڪتـس، ائـــيـــن نــــروار الا
    ڪنــواري ڇــوريءَ جــي ڇـاتيءَ مان، جيئن جوڀن جو اظهار الا
    چنڊ کي مون سان پريت ٿي وئي، سج ڪيو مون سان پيار الا

    -نياز همايوني
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,830
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ‘‘نياز همايوني جي ورسي مناسبت سان’’

    نياز همايوني سنڌ جو وڏو شاعر هو، بقول شيخ اياز جي تـ هو عوامي شاعر هو کيس کي انگريزي اچي ها تـ فلسفي کان مون وانگر واقف هجي ها ۽ مونکان وڏو شاعر هجي ها۔
    نياز همايوني سنڌي ٻولي جو بادشاھ شاعر هو، ڇو تـ سندس شاعري ۾ چُڪ نـ هوندي هئي جڏهن تـ وڏن وڏن شاعرن جي شاعري ۾ چُڪون هونديون آهن. ويندي شيخ اياز جي شاعري مان بـ چُڪون ڪڍي سگهجن ٿيون. پر نياز همايوني جي شاعري ۾ چُڪ جي گنجائش نـ هوندي آهي. هو سنڌي ٻولي جو وڏو شاعر هو ڪميٽيڊ نظرياتي شاعر هو. زندگي ۾ هڪ دفعي هن مونسان انڪشاف ڪيو شاعري بابت تـ جڏهن پٺاڻن ڪشمير تي حملو ڪيو هو تـ مون انهن تي هڪ شعر لکيو هو، هي منهنجي زندگي جي وڏي غلطي آهي. آئون ان شاعري تي پشيمان بـ آهيان. اُهو شعر ڪڏهن بـ آئون پنهنجي شاعري جي ڪتاب ۾ نـ ڇپائيندس.
    نياز همايوني سائين جي ايم سيد جو وڏو عاشق هو سائين جي چاليهي تي کيس شاعري پڙهڻ لاءِ اسٽيج تي گهرايو ويو تـ شاعري نـ پڙهي سگهيو ۽ روئي پيو. نياز شهيد الله بخش سومري جو پڻ وڏو مداح هو.

    عبدالواحد آريسر.
    03-01-2011

    نياز همايوني جي ورسي مناسبت سان سنڌ جي مهاناز دانشور، اديب ۽ نياز همايوني جي ويجهي ساٿي عبدالواحد آريسر سان ٿيل ڳالھ ٻول.
    (منصور مزاري)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو