جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

'مختلف موضوع' فورم ۾ بشيراحمد طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    وسيلي جي موضوع تي هڪ بهترين ڪتاب آهي جنهن ۾ وسيلي بابت مڪمل تفصيل بيان ڪئي وئي آهي
    وسيلي بابت فورم ٿيندڙ بحث ۽ مختلف مضمون جن ۾ وسيلي جي ناجائز قسم کي جائز ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي انهي جي علمي حيثيت بابت هي ڪتاب ڪافي مفيد آهي .

    ڊائون لوڊ

    جيڪڏهن ڊائون لوڊ لنڪ ڪم نه ڪري ته هن پيج تان ڊائون ڪندا
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

    ادا بشير سائين اوهان جي لنڪ ڪم ڪانه پئي ڪري ادا اوهان لنڪ ٺيڪ ڪري وري ٻيهر لنڪ ڏيندا ادا اوهان جي تمام گهڻي مهرباني شيئرنگ جي
     
  3. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

    ادا هن پيج تان ڊائون ڪريو ۔
     
  4. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

    توسل جي حقيقت
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته توحيد، اسلامي عقيدن جي جڙ ۽ بنياد آهي. ۽ جيڪو به عقيدو توحيد جي خلاف هجي اهو باطل آهي. پر ڇا توسل، توحيد جي خلاف آهي؟ ان ڳاله کي قرآني آيتن جي روشني ۾ بيان ڪيون ٿا:
    جڏهن اسان هن ڪائنات تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي نظر ايندو ته هي ڪائنات، اسباب جي چر پر تي ٻڌل آهي، يعني هڪ ٻئي جي وسيلي ۽ توسل سان آهي. مثال طور مينهن، جهڙ ۽ ڪڪر جي وسيلي وسي ٿو. ڪڪر وري سج جي سمنڊ مٿان چمڪڻ ۽ گرمائش ڪري ثين ٿا.
    هتي ڪو به اشڪال نه ڪندو جيڪڏهن مان ائين چوان ته فلاڻي کي باه ساڙي ڇڏيو. چو جو باه ۾ ساڙڻ جي خاصيت به الله سائين رکي آهي.
    الله سائين پاڻ مختلف شين لاءِ وسيلا ٺاهيا آهن
    هون ته هن پوري ڪائنات ۾ ڪو به موثر (اثر ۽ تصرف ڪرڻ وارو) نه آهي سواءِ الله جل جلاله جي، پر ان پنهنجي حڪمت تحت هر شي لاءِ سبب قرار ڏنو آهي. ڪجهه قرآني آيتن تي نظر وجهون ٿا:
    1_حقيقت ۾ شفا ڏيڻ وارو الله سائين آهي، «و اذا مرضت فهو يشفين»(سورت شعراء، آيت 80)۽ جڏهن مان مريض ٿيان ٿو اهو ئي شفا ڏيڻ وارو آهي.
    پر انهي سهڻي مالڪ ماکي ۾ شفا رکي آهي،«فيه شفاء للنّاس»( سورت نحل، آيت69) ماکي ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي.
    2_ هن ڪائنات جي تدبير ۽ سربراهي ڪرڻ وارو ٻجهارو ڌڻي پاڻ آهي،«يُدبّر الامر»( سورت يونس، آيت3) هو ڪائنات کي هلائي رهيو آهي.
    پر ملائڪ سندس سربراهي جا وسيلا آهن، «فالمدبّرات امراً»( سورت نازعات، آيت 5)تنهنڪري مختلف آيتن ۾ ملائڪن جا مختلف ڪم بيان ڪيا ويا آهن، پر ڇو جو الله سائين پنهنجي حڪمت ڪري انهن کي سبب بڻايو آهي تنهنڪري ان ۾ ڪو شرڪ نه آهي جو اسان چئون ته مثلا ميڪائيل مينهن وسائي ٿو.
    وسيلي جو حڪم
    الله سائين پاڻ وسيلي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،«و ابتغوا اليه الوسيلة»( سورت مائده، آيت 35) آيت مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪو به وسيلو اسان کي الله جي ويجهو ڪري. هاڻ اهو وسيلو ڪهڙو آهي، آيت ان بابت ڪجهه به بيان نٿي ڪري بلڪه آيت ان لحاظ کان مطلق آهي، بس هر اها شي جيڪا اسان کي الله جي ويجهو ڪري ان جي وسيلي بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن جا مختلف مصداق آهن، مثلا نيڪي جو ڪم، نيڪ ماڻهن جي دعا وغيره.
    حضرت آدم جو توسل
    حضرت آدم على نبينا و آله و عليه السلام کي جڏهن جنت مان ڪڍيو ويو ته پاڻ ڪيترائي سال روئيندا رهيا. پوءِ کيس الله سائين طرفان ڪجهه ”ڪلمات“ جي تعليم عطا ٿيس ۽ انهن ”ڪلمات“ ذريعي توسل ڪيائين. قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته،«فتلقّى آدم من ربّه كلمات فتاب عليه»( سورت بقره، آيت37) آدم کي رب طرفان ڪجهه ڪلمات مليا جنهن ڪري الله کيس توبه قبول ڪئي.
    فخر رازي ۽ ٻين سني ۽ شيعه مفسرين لکيو آهي ته اهي ”ڪلمات“ رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم ۽ سندس اهلبيت جا مبارڪ نالا هئا؛«الهى يا حميد بحقّ محمّد، يا عالى بحقّ علىّ، يا فاطر بحقّ فاطمة، يا محسن بحقّ الحسن، يا قديم الاحسان بحقّ الحسين و منك الاحسان»
    هڪ سوال جو جواب
    رسول اڪرم جي زندگي ۾ حضرت سان توسل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته (نعوذبالله) هن دنيا کان برقو مثائڻ کان پوءِ خاڪ ۽ مٽي بڻجي چڪا آهن هاڻ ڪئين انهن سان توسل ڪري سگهجي ٿو؟
    جواب: پهرين ڳالهه هي ته پيغمبر اڪرم مري ويا هجن! اهو اسان کي قبول نه آهي ڇو جو قرآن جي نص مطابق شهيد زنده آهن۽ انهن کي رزق به ملي ٿو جنهن ڪري هو خوش به ٿين ٿا«و لا تحسبن الذين قتلوا فى سبيل الله امواتاً بل احياء عند ربهم يرزقون»( سورت آلعمران، آيت169) ته پوءِ جنهن نبي تي ڪلمو پڙهي ڪري اهي مسلمان ٿيا هئا اهو ڪيئن مري سگهي ٿو!!!.
    ٻيو هي ته اسان ”مقام نبوت و رسالت“ ذريعي توسل ڪريون ٿا، نبي پاڪ صلى الله عليه و آله وسلم جو مقام هئينر به باقي آهي. تنهنڪري اسان ڪلمو به اهو ئي پڙهون ٿا ته” لا اله الا الله محمد رسول الله“ ڪو معبود نه آهي سواءِ الله جي محمد الله جو رسول آهي. سڀ مسلمان پاڻ ڪريم جي رسالت جي باقي هجڻ کي مڃين ٿا نه ته اسلام ڇا جو!!!
    بس اسان توسل نبي ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جي مقام نبوت ۽ رسالت سان ڪريون ٿا، ان لاءِ نبي پاڪ جو هن دنيا ۾ هجڻ يا نه هجڻ جو ڪو فرق نٿو پوي.
    @};-@};-
     
  5. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

    جزاڪ الله خيرا۔ بهترين ڪتاب آهي۔ ڪوشش ڪندس ته هي ڪتاب سنڌي ۾ ترجمو ڪري، آهستي آهستي شيئر ڪندو رهان۔
     
  6. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو

    ڪتاب پڙهڻ کان اڳ ڪمينٽس ڏيڻ تمام عجيب لڳي ٿو۔ ٻيو ته هي سٽون اڳ ۾ ئي حديث سيڪشن ۾ لکي چڪا آهيو۔ بار بار ساڳيون سٽون لکڻ جو مقصد به سمجهه ۾ نه آيو۔
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جائز وسيلو ۽ ناجائز وسيلو


    سائين الله ته ساه جي رڳن کان به ويجهو آهي توهان اهيو الفاظ توسل استعمال ڪري ڪا ڳالهه قرآن مان ته ثابت ناهي ڪئي ته وسيلو جائز آهي، اوهان ته صرف دنياوي اسباب ٻڌايا آهن، ته مينهن ڪيئن وسندو آهي يا فلاڻو ڪم ڪيئن ٿيندو آهي، وغيره وغيره، جڏهن ته بندي ۽ انسان جي ته ڪا دوري ئي ڪانهي۔ ۽ منهنجو رب ته ساهه جي رڳن کان به ويجهو آهي، ۽ الله کي سڏڻ ۾ ڪنهن وسيلي ۽ ذريعي جي ته ڪا به ضرورت نه آهي، الله ته قرآن ۾ ڪاٿي به اهيو ناهي چيو ته مون کي ڪنهن جي وسيلي سان سڏيو، ۽ الله ته ٻئي کي سڏڻ واري کي به روڪيو آهي، ۽ الله کانسواء ٻئي کي پڪارڻ شرڪ ۽ گناه آهي ۽ انهن جي هٿ وس ڪجهه به نه آهي، جنهن کي اسان توسل سمجهي يا ڪجهه ٻيو سمجهي سڏيون ٿا، رهي ڳالهه شهيد زندهه آهن جي ته ان لاء عرض ته اها زندگي هڪ الڳ زندگي آهي، جنهن جو توهان ۽ اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون، ۽ اهي بلاشڪ رزق به کائن ٿا مگر هي دنيا وارو رزق نه پر اهو هڪ الڳ رزق آهي ۽ اها هڪ الڳ دنيا آهي جنهن جي پوري ڄاڻ صرف انهيء رب کي آهي جنهن هن پوري دنيا کي تخليق ڪيو آهي باقي ۔ ۔۔۔ الله نه ڪري اگرڪو انسان هن دنيا واري ڪو زندگي قبر ۾ گذاري ته اهو ته عذاب ٿئي پوندو ۽ اها زندگي گذارڻ مشڪل بلڪه ناممڪن ٿئي پوندي۔ ان ڪري الله کانسواء ٻئي کي سڏڻ پڪارڻ شرڪ ۽ گناهه آهي۔ ۔ ۔۔۔ جنهن کي توهان قرآن جي هن آيت جي روشني ۾ پرکي سگهو ٿا۔ ۔۔۔۔ ( ۽ جن کي الله کانسواء سڏيندا آهيو سي کارڪ جي ککڙيء جي ڇُل ( جيتري ذري ) جا (به ) مالڪ نه آهن۔۔۔ سورت فاطر۔۔ آيت 13۔ ) ادا الله جا جيڪي به پيارا ٻانها ٿئي گذريا آهن انهن به صرف الله کي سڏڻ لاء ئي پيغام ڏنو آهي، سنڌ جي هڪ بزرگ ، شاعر ۽ مفڪر حضرت سيد شاه عبدالطيف ڀٽائي رح جا الفاظ به هت پيش ڪجن ٿا جن هميشه توحيد جي دعوت ڏني آهي ۽ شرڪ ۽ ٻين کي پوڄڻ کان منع ڪيو آهي ۔۔۔۔ ( پوڄا ڪارڻ پاڻ کي شرڪ شيطاني شر،، پوڄا جهڙو پاڻ ڌڻي، ٻيو پير نه پيغمبر،،،هڪڙا پوڄاري پيرن جا، ٻيا بتن جا بدتر،، ٻنهيء واٽون ورسجي ناحق وڌو پاڻ کي ) ان باري ۾ مان ڪجهه ڳالهيون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري چڪو آهيان جنهن کي توهان ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو