توسل جي حقيقت
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته توحيد، اسلامي عقيدن جي جڙ ۽ بنياد آهي. ۽ جيڪو به عقيدو توحيد جي خلاف هجي اهو باطل آهي. پر ڇا توسل، توحيد جي خلاف آهي؟ ان ڳاله کي قرآني آيتن جي روشني ۾ بيان ڪيون ٿا:
جڏهن اسان هن ڪائنات تي نظر وجهون ٿا ته اسان کي نظر ايندو ته هي ڪائنات، اسباب جي چر پر تي ٻڌل آهي، يعني هڪ ٻئي جي وسيلي ۽ توسل سان آهي. مثال طور مينهن، جهڙ ۽ ڪڪر جي وسيلي وسي ٿو. ڪڪر وري سج جي سمنڊ مٿان چمڪڻ ۽ گرمائش ڪري ثين ٿا.
هتي ڪو به اشڪال نه ڪندو جيڪڏهن مان ائين چوان ته فلاڻي کي باه ساڙي ڇڏيو. چو جو باه ۾ ساڙڻ جي خاصيت به الله سائين رکي آهي.
الله سائين پاڻ مختلف شين لاءِ وسيلا ٺاهيا آهن
هون ته هن پوري ڪائنات ۾ ڪو به موثر (اثر ۽ تصرف ڪرڻ وارو) نه آهي سواءِ الله جل جلاله جي، پر ان پنهنجي حڪمت تحت هر شي لاءِ سبب قرار ڏنو آهي. ڪجهه قرآني آيتن تي نظر وجهون ٿا:
1_حقيقت ۾ شفا ڏيڻ وارو الله سائين آهي، «و اذا مرضت فهو يشفين»(سورت شعراء، آيت 80)۽ جڏهن مان مريض ٿيان ٿو اهو ئي شفا ڏيڻ وارو آهي.
پر انهي سهڻي مالڪ ماکي ۾ شفا رکي آهي،«فيه شفاء للنّاس»( سورت نحل، آيت69) ماکي ۾ ماڻهن لاءِ شفا آهي.
2_ هن ڪائنات جي تدبير ۽ سربراهي ڪرڻ وارو ٻجهارو ڌڻي پاڻ آهي،«يُدبّر الامر»( سورت يونس، آيت3) هو ڪائنات کي هلائي رهيو آهي.
پر ملائڪ سندس سربراهي جا وسيلا آهن، «فالمدبّرات امراً»( سورت نازعات، آيت 5)تنهنڪري مختلف آيتن ۾ ملائڪن جا مختلف ڪم بيان ڪيا ويا آهن، پر ڇو جو الله سائين پنهنجي حڪمت ڪري انهن کي سبب بڻايو آهي تنهنڪري ان ۾ ڪو شرڪ نه آهي جو اسان چئون ته مثلا ميڪائيل مينهن وسائي ٿو.
وسيلي جو حڪم
الله سائين پاڻ وسيلي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي،«و ابتغوا اليه الوسيلة»( سورت مائده، آيت 35) آيت مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جيڪو به وسيلو اسان کي الله جي ويجهو ڪري. هاڻ اهو وسيلو ڪهڙو آهي، آيت ان بابت ڪجهه به بيان نٿي ڪري بلڪه آيت ان لحاظ کان مطلق آهي، بس هر اها شي جيڪا اسان کي الله جي ويجهو ڪري ان جي وسيلي بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جنهن جا مختلف مصداق آهن، مثلا نيڪي جو ڪم، نيڪ ماڻهن جي دعا وغيره.
حضرت آدم جو توسل
حضرت آدم على نبينا و آله و عليه السلام کي جڏهن جنت مان ڪڍيو ويو ته پاڻ ڪيترائي سال روئيندا رهيا. پوءِ کيس الله سائين طرفان ڪجهه ”ڪلمات“ جي تعليم عطا ٿيس ۽ انهن ”ڪلمات“ ذريعي توسل ڪيائين. قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي ته،«فتلقّى آدم من ربّه كلمات فتاب عليه»( سورت بقره، آيت37) آدم کي رب طرفان ڪجهه ڪلمات مليا جنهن ڪري الله کيس توبه قبول ڪئي.
فخر رازي ۽ ٻين سني ۽ شيعه مفسرين لکيو آهي ته اهي ”ڪلمات“ رسول اڪرم صلى الله عليه و آله وسلم ۽ سندس اهلبيت جا مبارڪ نالا هئا؛«الهى يا حميد بحقّ محمّد، يا عالى بحقّ علىّ، يا فاطر بحقّ فاطمة، يا محسن بحقّ الحسن، يا قديم الاحسان بحقّ الحسين و منك الاحسان»
هڪ سوال جو جواب
رسول اڪرم جي زندگي ۾ حضرت سان توسل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته (نعوذبالله) هن دنيا کان برقو مثائڻ کان پوءِ خاڪ ۽ مٽي بڻجي چڪا آهن هاڻ ڪئين انهن سان توسل ڪري سگهجي ٿو؟
جواب: پهرين ڳالهه هي ته پيغمبر اڪرم مري ويا هجن! اهو اسان کي قبول نه آهي ڇو جو قرآن جي نص مطابق شهيد زنده آهن۽ انهن کي رزق به ملي ٿو جنهن ڪري هو خوش به ٿين ٿا«و لا تحسبن الذين قتلوا فى سبيل الله امواتاً بل احياء عند ربهم يرزقون»( سورت آلعمران، آيت169) ته پوءِ جنهن نبي تي ڪلمو پڙهي ڪري اهي مسلمان ٿيا هئا اهو ڪيئن مري سگهي ٿو!!!.
ٻيو هي ته اسان ”مقام نبوت و رسالت“ ذريعي توسل ڪريون ٿا، نبي پاڪ صلى الله عليه و آله وسلم جو مقام هئينر به باقي آهي. تنهنڪري اسان ڪلمو به اهو ئي پڙهون ٿا ته” لا اله الا الله محمد رسول الله“ ڪو معبود نه آهي سواءِ الله جي محمد الله جو رسول آهي. سڀ مسلمان پاڻ ڪريم جي رسالت جي باقي هجڻ کي مڃين ٿا نه ته اسلام ڇا جو!!!
بس اسان توسل نبي ڪريم صلى الله عليه و آله وسلم جي مقام نبوت ۽ رسالت سان ڪريون ٿا، ان لاءِ نبي پاڪ جو هن دنيا ۾ هجڻ يا نه هجڻ جو ڪو فرق نٿو پوي.
@};-@};-