مون کان سنڌ نه وسري! ( شيخ اياز کي ڀيٽا )

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مون کان سنڌ نه وسري! ( شيخ اياز کي ڀيٽا )​


    محمد ابراهيم جويو
    شيخ اياز-سنڌ جو آواز“ اهو خطاب ۽ اعزاز سنڌي قوم پنهنجي بي مثال قومي شاعر کي وڏي پيار ۽ پنهنجائپ منجهان ارپيو. شيخ اياز هڪ باڪمال ڏات ڌڻي، هڪ محب وطن ۽ سنڌ دوست شاعر طور، پنهنجي ڪل ڄمار قومي سجاڳي ۽ بيداريءَ واريءَ ڪيفيت ۾ گذاري. سندس ”للاٽ جي لاٽ“ ڪڏهن نه اجهاڻي. سندس من ۾ ديس جي محبت جو ڏيئو ڪڏهن به نه دونهاٽيو. سندس ”تارونءَ تَتَ“ جو تاءُ ڪڏهن به نه گهٽيو. سندس ”جذبي جو جوهر“ ڪڏهن به جهڪو نه ٿيو. سندس سياسي وابستگيءَ (Commitment) جو مرڪز ۽ محور سنڌ ئي هئي ۽ سنڌي ماڻهو ئي هئا. انهيءَ وابستگيءَ ۽ پيوستگيءَ جي ڪيفيت ۾ ڪل ڄمار رهيو:
    ”توکي ڪهڙي ڪَلَ،
    جيءَ اچي نه جهلَ
    مون کان سنڌ نه وسري.
    اڏرن ٿا جنهن جُوءِ تي،
    پاريهر جان پَل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    ڪونجون ڪڻڪن روهه تي،
    تارن هيٺان تل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    باکون ساکُون سونهن جون،
    راتيون رُوپَ رتل،
    مون کان سنڌ نه وسري.
    تون ڇا ڄاڻي اوپرا،
    توکي ڪهڙي ڪَل،
    مون کان سنڌ نه وسري.“
    ههڙي شعر کان پوءِ اياز جي سنڌ سان سچي سٻنڌ ۽ سنڌ سان سندس سياسي وابستگيءَ تي ڪي به ٻه رايا نٿا رکي سگهجن ۽ هئڻ به نه گهرجن. اياز پنهنجي ڄمار جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ به ڏات جا ڀلارا بادل برسايا، سندس شعر ۾ وڄ وراڪا ساڳيا رهيا، سندس فن جا روپ سروپ تڏهن به ملوڪ ۽ من موهيندڙ رهيا، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ ڀلارن بادلن جهڙي ڏات، وڄ وراڪن جهڙي شعر ۽ سدا ملوڪ فن وسيلي ئي هو پاڻ سڃاڻڻ جي ڪوشش ۾ هو: ”پائي ڳل ڳراٽڙيون، پاڻَ سڃاڻو پاڻُ“ اياز لاءِ، خاص طرح سندس پڇاڙڪن ڏينهن بابت گهڻو ڪجهه چيو ويو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته سندس ڏات ”جهيڻن اڱارن“ وانگي نه ٿي هئي. ان جي ڄَرُ ۽ ڄڀيءَ ۾ ڪابه گهٽتائي نه آئي هئي. انهيءَ ڏس ۾ ثابتي طور سندس ڪتاب ”ڇوليون ٻوليون سمنڊ جون“ خاص ڌيان لهڻي. اهو ڪتاب سندس نظمن جو مجموعو آهي. ان ۾ سندس شاعراڻي مشق ڪمال اوج تي پهتل آهي. ان مجموعي ۾ سندس شعر بسنت رت جي باک وانگي، اڇو اجرو، من موهيندڙ ۽ فرحت بخش آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ جنهن تڙپ ۽ بيتابيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اها ائين آهي، جيئن ماڪ جي ڪرشمي تي مکڙي ٽڙي، فضائن کي مهڪائي ڇڏيندي آهي. انهيءَ ڪتاب جي پهرئين نظم ۾ اياز پنهنجي پاڻ کي هڪ گهوڙي سوار سان ڀيٽيو آهي، جيڪو وڃي ٿو منزلن اڳيان منزلون لتاڙيندو، پر ڪٿي به ساهي نٿو کڻي، ڪٿي به ٿڪجي نٿو بيهي. ائين واقعي به آهي ته اياز جي سڄي ڄمار ائين ئي سرگرمي ۽ سرگردانيءَ ۾ گذري، جيئن هُن انهيءَ نظم ۾ چٽي آهي:
    اوءِ گهوڙي سوارَ!
    تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا؟
    واڳَ روڪِي نه تو، ڪنهن گهڙيءَ گهاٽ تي،
    لاٽ تي لاٽ ٻرندِي ڏٺئِه واٽ تي،
    ڪا ڪتين جي قطار،
    تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا
    پير ڌرتيءَ لٿو، ناهِه تنهنجو اڃا،
    هنج ڪنهن جي مٿو، ناهِه تنهنجو اڃا
    روڪ هاڻي اڏارَ!
    اوءِ گهوڙي سوار!
    تنهنجي منزل ڪٿي آ اڃا؟
    مٿئين شعر ۾ اياز پنهنجي اندر جي بيچينيءَ جو ۽ پڻ پنهنجي لڳاتار شاعراڻي سفر ۽ جُهد جو بيحد اثرائتي تخليقي انداز ۾ ڪيو آهي. اهڙي بيچيني هر ڪنهن سچي ۽ وڏي شاعر ۾ ڏٺي ويئي آهي-اڃا به لطيف فنن سان لاڳاپيل هر وڏي تخليقڪار ۾، عام طرح ڏٺي ويئي آهي. خاص طرح اهي ديس، سماج ۽ قومون جيڪي غلام هونديون آهن، جيڪي پَرَوَس هونديون آهن، اُتان جي تخليقڪارن ۾ اهڙي بيچينيءَ جو هئڻ هڪ لازمي عمل هوندو آهي. اياز هڪ غلام ديس جو شاعر هو ۽ کيس پنهنجي غلام هئڻ جو شديد احساس به هو، جنهن جو اظهار هن پنهنجي شعر ۾ هنڌين ماڳين ڪيو آهي. سندس شاعريءَ جو وڏي ۾ وڏو ”نصب العين“ به آزادي هئي. آزادي ئي سندس ”منزلِ مقصود هئي، جنهن کي پائڻ لاءِ هن پنهنجي شاعراڻي پورهيي وسيلي ڊگهو ۽ گهڻن مرحلن تي تلخ سفر به ڪيو ۽ ان ڪري ئي هُو پاڻ کي اهڙي گهوڙي سوار سان ڀيٽندو پئي آيو، جيڪو ڪنهن جاءِ به نٿو رڪجي ۽ وڃي ٿو ڪاهيندو اڳتي ۽ انهيءَ کان به اڃا اڳتي. هڪ ٻئي شعر ۾ پاڻ چيو اٿائين:
    شاعري جي روح گرمائي نٿي،
    منزل مقصد کي پائي نٿي.
    مٿئين شعر ۾ ”روح گرمائڻ“ وارو اصطلاح ڌيان لهڻي، ان روح گرمائڻ کي عام معنيٰ ۾ به وٺي ٿو سگهجي. يعني شعر اهو، جنهن کي پڙهي يا ٻڌي هرڪو پيو وهوا ڪري ۽ مزو وٺي، پر آئون ڀانيان ته اها شاعريءَ جي عام ۽ بنهه سادي تشريح وڃي بيهندي. جيڪڏهن اسين ”روح گرمائڻ“ واري اصطلاح کي وسيع ۽ اجتماعي معنيٰ جي لڙهيءَ ۾ پويون ته ڪنهن چڱي ۽ قبول پوندڙ تشريح تائين رسي سگهنداسين. روح رڳو ڪنهن فرد جو نه ٿيندو آهي، روح ته قوم جو به ٿيندو آهي، جيڪو پنهنجيءَ گرميءَ ۽ سگهه سان ڪنهن قوم کي جياريندو رهندو آهي ۽ ان کي سدائين متحرڪ ۽ باعمل رکندو آهي. ائين به ٿيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن تاريخي حالتون ڪنهن قوم جي حق ۾ نه هونديون آهن ته اها برفجڻ ۽ جمودجڻ لڳندي آهي. انهيءَ انتهائي نازڪ ۽ اهم موڙ تي شاعر پنهنجيءَ قوم جي روح کي برفجڻ کان بچائڻ لاءِ ۽ ان جي اڳوڻي حرارت جي بحاليءَ لاءِ شاعريءَ جو سج اڀاريندا آهن ۽ پنهنجيءَ قوم ۾ ساڳي گرمي واپس آڻڻ لاءِ هر ممڪن وس هلائيندا آهن. ايئن جڏهن ڪو شاعر ”روح گرمائڻ“ جو اصطلاح استعمال ڪري ته ان جو مطلب قوم جيارڻ هوندو آهي. ياد رهي ته جيستائين ڪنهن به شاعر جو شعر، منزل مقصود کي جيارڻ ۽ جاڳائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا نٿو ڪري، تيستائين سندس شعر، منزل مقصود (اهو ماڳ جنهن تائين اجتماعي طرح هر حال ۾ پهچڻو آهي) کي نٿو رسي. اسين اهو به ڏسي چڪا آهيون ته شيخ اياز پنهنجي شعر کي پنهنجيءَ قوم جي روح گرمائڻ لاءِ ئي ڪتب آندو.
    ان حساب سان، ڪنهن شاعر جي مهڙين ۽ ترجيحي ذميواري به اها آهي ته هو وطن ۽ قوم لاءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ کي وڏيءَ حد تائين وقف ڪري. ان کان سواءِ هڪ ٻي وڏي ذميواري به شاعر جي حصي ۽ ذمي ۾ اچي ٿي ته هو پنهنجي شعر وسيلي پنهنجي ٻوليءَ جي خدمت ڪري، ان جي بچاءَ ۽ اوسر ۾ پنهنجو تخليقي ڪردار ادا ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪنهن قوم جي بنيادي سڃاڻپ ٻولي ئي آهي. ٻوليءَ کان سواءِ ڪنهن فردن جي گروهه کي قوم قرار نٿو ڏيئي سگهجي. ٻولي قومن جي انفراديت کي اجاگر ڪري ٿي. اڄ به دنيا ۾ گهڻي ڀاڱي قومون پنهنجيءَ ٻوليءَ جي بنياد تي ئي سڃاپجن ٿيون. وطن دوستيءَ يا حب الوطنيءَ جون ٻيون به ڪي ڪسوٽيون آهن، پر انهن مان اهم ۽ بنيادي ڪسوٽي هيءَ آهي ته ڪير ڪيتريءَ حد تائين پنهنجيءَ ٻوليءَ سان سچو ۽ وفادار آهي. ڪنهن شاعر جو مجموعي طرح چڱو يا لڱو هئڻ الڳ شيءِ آهي، پر جڏهن اسين ڪنهن شاعر کي ”محب وطن“ يا ”وطن دوست“ قرار ڏيون ٿا ته انهيءَ پرک لاءِ مٿيان ٻه پهلو ضرور نظر ۾ رکڻ گهرجن.
    انساني سماج ۾ آزاديءَ سان محبت واقعي به وڏو آدرش آهي، پر غلاميءَ کان نفرت اڃا به وڏو آدرش آهي. جيستائين غلاميءَ کان نفرت شديد نفرت نه ڪبي، تيستائين حاصل ۽ موجود آزاديءَ کي برقرار ۽ بدستور رکي نه سگهبو-پر جيڪڏهن آزادي ڪنهن سچ نه، پر ڪنهن خواب يا تصور جي روپ ۾ آهي ته ان جو حقيقي طرح ماڻڻ به غلاميءَ سان نفرت سان مشروط آهي. محبت وانگي نفرت پڻ سگهارو ۽ فيصلائتو جذبو آهي. اسان کي به گهرجي ته آزادي ۽ ان جي احساس سان محبت ته رکون، پر ان سان گڏ غلاميءَ ۽ ان جي احساس کي شدتن سان محسوس ڪريون ۽ ان کان هر وقت بيزاريءَ جو اظهار ڪريون. ياد رکڻ گهرجي ته اسان ويجهي تاريخ جو وڏو زمانو غلاميءَ ۾ گذاريو آهي ۽ نه وسارڻ گهرجي هيءَ ڳالهه ته غلاميءَ جهڙي ٻي ڪا به بدعت يا برائي نه ٿيندي آهي ۽ جڏهن اها بدعت لڳاتار صدين تائين هلندي ته ٻين به ڪيترين ئي بدعتن، اڍنگاين، عيبن ۽ غلاظتن کي جنم ڏيندي آهي. غلامي پنهنجي ڊگهي مدي ۾، هڪ قوم کان ان جي حوصلي جي سگهه، ارادي جي پختگي، تبديليءَ جي خواهش، عمل جي افاديت ۽ سوچن ۽ تصورن جي بلندي کسي وٺندي آهي. اسين گهڻا گهڻا ڀاڳوند آهيون، جو اسان جي ادب ۽ ٻئي تخليقي پورهيي آزاديءَ جي پرهه جهڙي احساس کي ترجيحاتي بنيادن تي پئي جاءِ ڏني آهي، ۽ غلاميءَ جهڙي ڊگهي، گُهگهه انڌيري ۽ سرد رات جي کُٽڻ جا نياپا پئي ڏنا آهن. اسان جي تخليقي ادب، آزاديءَ جي استقبال ۽ غلاميءَ کان بيزاريءَ جو اظهار پئي ڪيو آهي. ان مٿان ڦٽڪار پئي وسندي رهي آهي، خاص طرح اسان جي شاعرن پنهنجي ديس جي آجپي جي سلسلي ۾ گهڻو کُليو ۽ چٽو اظهار پئي ڪيو آهي. اسان جي عظيم شاعر شيخ اياز چيو:
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو،
    سهندو ڪير ميار!
    نيٺ ته ڊهندي، ڪيسين رهندي،
    دوکي جي ديوار،
    جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي،
    ڪرندا ڪنڌ هزار،
    سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!؟
    هن پنهنجي منظوم ڊرامي ”دودي سومري جو موت“ ۾ هڪ هنڌ هيئن به لکيو آهي:
    جي تون وڙهندو ماريو ويندين،
    هن وسنديءَ تان واريو ويندين،
    دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،
    ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو!
    جڏهن اسين حب الوطنيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن هڪ اهڙي وسيع ۽ ڪشادي احساس کي اظهاريون ٿا، جنهن جا لکها لک اهڃاڻ ۽ آثار آهن. وطن سان محبت جي معنيٰ ان جي هر شيءِ سان پيار: پيرن هيٺ ڌرتيءَ کان وٺي سر مٿان آڪاس تائين ۽ چوڏسائن ۾ پکڙيل هر شيءِ ۽ هر لقاءُ ان دائري ۾ اچي ٿو. انڪري جڏهن اسين وطن دوستيءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته اها رڳو هڪ رخ ۾ نه هئڻ گهرجي، پر ان تصور کي وسعتون ارپجن، وطن جي فطري نظارن، ان جي گلن، پکين، موسمن، اتهاسڪ واقعن ۽ سورمن، ان جي ماضيءَ جي قصن ڪهاڻين ۽ تاريخي اهڃاڻن جا گڻ ڳائجن ۽ ان سان گڏ نئين ۽ بهتر سماج جي تخليق جو پرچار ڪرڻ گهرجي. آئيندي جو اونو رکندي، پنهنجن ماڻهن جي تربيت لاءِ جديد اوچن انساني قدرن جي تبليغ ڪجي، پراڻن ۽ پنهنجو وقت چوڙي ويل خيالن، تصورن، عقيدن ۽ سرشتن جي خلاف ٿي بيهجي ۽ سماج دشمن ۽ انسان دشمن طبقن خلاف نفرت جو اظهار ڪجي. اهي مڙئي شيون به وطن دوستيءَ ۽ قوم دوستي جي دائري ۾ اچن ٿيون. مٿي ڏنل مثال وطن جي حُب جي وسيع ڀاڪر ۾ ڀرجي اچن ٿا، پر جيڪڏهن اڃا به پڙهندڙن جي اڃ نه اجهي هجي ته انهن لاءِ وطن جي تصور ۽ ان جي وسعت جي سلسلي ۾ شيخ اياز جو هيءُ لازوال مسلسل غزل پيش ڪجي ٿو:
    ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن،
    ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو واس ون!
    مِياڻي به مهڪي مڇيءَ ڇٽ ۾،
    مسافر اهو آهه منهنجو وطن.
    نه ”خسرو“ ڏٺو هو. نه غالب ڏٺو،
    غزل در غزل آهه منهنجو چمن!
    اها سنڌ ڪعبو به ڪاشي به آ،
    چوي ڇا به ڪو شيخ يا برهمن.
    انهيءَ تي اسان جي خدائي کُٽي،
    نه فردوس بهتر نه باغ ِعدن.
    جڏهن ”ڪُن“ چيائون اسان کي ملي،
    اها ئي ته ڌرتي، اهوئي ته ڌن!
    گوالي نه گوپي ڏٺي هيئن ڪا،
    ڏسي جي ته ساري نه بنسي نه بن!
    انهيءَ لاءِ بنواس ڀوڳيون پيا،
    انهيءَ سان اسان جو انوکو وچن.
    جڏهن سنڌ تي سرمئي راتڙيون،
    کسي ننڊ نيڻان اسان جي گگن.
    ڏسي چيٽ جو چنڊ آڪاس ۾،
    اسان کي اچي ياد پنهنجو سجن.
    هتي گيت جيتي ويو موت کي،
    تنبورو هيو يا ڀٽائيءَ جو تن!
    اٺي جي هوا آ، ٿڌا ساهه آ،
    الاجُهڙ ٿيو مارئي ءَ جو ڪفن،
    چنيسر به دودو به منهنجو ميان!
    چوان آنءُ ڪيسين انهن جو چلن.
    هيءُ آهي اسان جو عظيم شاعر شيخ اياز ۽ هيءُ آهي وطن جو تصور ۽ اها حُسن جي وسعت. ههڙو شعر، ان وقت تخليق ٿيندو آهي جڏهن وطن کي پاڻ ۾ اهڙي طرح جذب ڪري ڇڏجي يا پاڻ ان ۾ ڪلي طرح جذب ٿي وڃجي. ڪنهن ڏات ڌڻيءَ جي ڏات ۾ اهڙو رنگ اهڙو رچاءُ زباني ڪلامي وطن سان سڪ ۽ سنيهه جي اظهار سان نه ايندو آهي. جڏهن وطن کي من اندر پوريءَ طرح لاهبو آهي ته اهو عجب رنگ پسائيندو آهي ۽ انيڪ روپ ۽ ڀانت ڀانت درشن ڪرائيندو آهي. وطن جو موهه جڏهن اندر ۾ وار ڪندو آهي ته ٻيون مڙيئي وايون وسري وينديون آهن ۽ ماڻهو سراپا سڪ بڻجي ويندو آهي:
    ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي.
    ايڪ قصر در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
    جيڪي اڇاتري ۽ مٿاڇري نموني، يعني زباني ڪلامي ساڻيهه جي سڪ جو ورد پيا ڪندا آهن، اهي ڪڏهن به ان جا حقيقي جلوا ۽ ان جو نج نبار روپ پسي نه سگهندا آهن ۽ جڏهن ڪنهن امتحان يا آزمائش جي گهڙي ايندي آهي ته اهي ڊڄي، هڄي گهٻرائجي پري هٽي ويندا آهن:
    ڪنڌيءَ اُڀيون ڪيتريون، ”ساهڙ ساهڙ“ ڪن،
    ڪنين سانگو ساهه جو، ڪي ”گهوريس“ ڪيو گهڙن،
    ساهڙ سندو تن، گهاگهائي گهڙن جي!
    وطن دوستي لڳاتار سرگرم ۽ باعمل رهڻ جو نالو آهي، اڳتي وڌڻ ۽ نون نون طريقن سوچڻ ۽ انهن کي پنهنجائڻ جو نالو آهي ته جيئن وطن کي اهڙو گلزار بڻائي سگهجي، جنهن تي ڪنهن به سرءُ جو پاڇو نه پئجي سگهي. اسان کي به پنهنجي ڪم سان، عمل سان، لکڻ ۽ پڙهڻ سان، محنت ۽ محبت سان، همٿ ۽ جذبي سان پنهنجي وطن کي هڪ محفوظ چمن بڻائڻو آهي. ان ڏي کڄندڙ ميرين نظرن ۽ پليت پيرن کي روڪڻو ۽ انهن کي مهاڏو ڏيڻو آهي. وطن خلاف ٿيندڙ سازشن سان وجود جون سموريون توانايون ميڙي سميٽي مقابلو ڪرڻو آهي. وطن جي تاريخ، ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت جي حفاظت ڪرڻي آهي. ان جي هر ڪنهن شيءِ درياهن، سمنڊن، جبلن، پٽن، کيتن، پکين، مال متاعن ۽ ان جي اسان لاءِ وقف ڪيل جيئڻ جي ٻين وسيلن تي پنهنجيءَ وارثي ۽ مالڪيءَ جو حق قائم رکڻو آهي. ان طريقي سان ئي اسان کي ان کي هڪ ”محفوظ چمن“ بڻائي سگهنداسين ۽ اهو ڪڏهن به نه وسارجي ته وطن دوستي ئي روشنيءَ جو سفر آهي، جيڪو انڌيري ۽ ظلمتن کان پري رکندو.
    آئون پڇاڙي ۾ شيخ اياز جي منظوم ڊرامي ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ مان ڪجهه بند ڏيڻ چاهيان ٿو. هن نظم ۾ هڪ پيغام آهي، جيڪو اسان سڀني کي وهڃائڻ کپي ۽ ان تي ويچارڻ کپي. هن نظم ۾ جيڪو سڏ آهي، انهيءَ کي لبيڪ چوڻ ۾ ئي اسان جي قومي مڪتي ۽ ڇوٽڪارو آهي. هڪ قوم طور اسان مٿان سڀ کان وڏي ذميواري پنهنجي ڀونءِ ۽ ڀونءِ واسي بچائڻ آهي. هيءُ نظم جيڪڏهن ”ڪورس“ جي انداز ۾ ڳايو وڃي، ته وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو:
    اي معصومو! اي مظلومو!، گهنگهور گهٽائون ٿي جهومو!
    هر ڏونگر تي للڪار ڪيو، ۽ اڀري ان تي وار ڪيو!
    انڌير نه ڪوئي رهڻو آ، ۽ پير نه ڪوئي رهڻو آ-
    ڪنهن پاپيءَ جو هن پاڙي ۾، اڌ رات ڪٽيسين ڌاڙي ۾،
    هيءَ باقي رات به ڪٽڻي آ. پر هاڻي بات به ڪٽڻي آ.
    ۽ ويريءَ پويان وڃڻو آ، ۽ تنهن جو ڳاٽو ڀڃڻو آ.
    سو ماڻهو مور نه مرڻو آ، جو ساهه ڏئي ٿو ننگن تي،
    ۽ جهانگين تي ۽ جهنگن تي، ۽ پنهنجيءَ کيتيءَ پوکيءَ تي
    ۽ پنهنجي ريت انوکيءَ تي،
    ڪو سورج ٻاري اينداسين، ۽ ڏينهن اڀاري اينداسين،
    هيءَ جهنڊو ڳاڙهيءَ مستيءَ ۾، ڀل جهولي پنهنجيءَ وستيءَ ۾!
    هو ماري ماري اينداسين، هو ڏونگر ڏاري اينداسين بشڪريه ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو