ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه؛
ڳالهه ڪرڻ وقت، اجائي، اينگهه ڪرڻ، بيجا ڳالهائڻ، اجائي بَڪَ ڪرڻ.
ڇَتو، رامڻ ڪوريءَ جو شاگرد هو. چون ٿا ته ساهتي پرڳڻي جو ويٺل هو. جڏهن پنهنجي استاد رامڻ ڪوريءَ وٽ اڻاوت جو ڪم سکندو هو، تڏهن به ڳالهائڻ وقت، اجائي ڊيگهه ڪندو هو. هڪ دفعي رامڻ پَٽڪو لاهي، پاسي ۾ رکي لڳو اُڻڻ. سندس ڇِڪَڻ وارو حُقو پڻ، پَٽڪي ڀرسان رکيو هو. اتفاقاَ َ هڪڙي چِڻنگ وڃي، پَٽڪي تي پيئي. ڇَتو، اهو حال ڏسي، وسائڻ جي بجاءِ، رامڻ جو ڌيان، اينگهه ڪري، هن طرح ڇِڪائڻ لڳو.
جَناب حضرت، استادَ رامَڻَ جي،
حُقي مان، هڪڙي چڻنگ اڏامي،
وڃي دستار مبارڪ تي پيئي آهي!
جيسين ڇَتي، اهي لفظ چئي پورا ڪيا، تيسين رامڻ جي پَٽڪي جو ڳپل حصو سڙي ويو.
تڏنهن کان اها مشهور ٿيو ته ۔۔۔ ڇڏهاڻي ڇَتي ڪوريءَ وارِي ڊيگهه۔۔۔ جلدي ڳاله ڪر