سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ، 3 پارٽ، 4 ۽ پارٽ 5​


    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3​



    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ4 ​
    4

    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 5​

    توهان دوستن جي راين جو شدت سان منتظر رهندس
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    سائين ملوڪ کان وٺي جمادار تائين ۽ جمادار کان وٺي پٺاڻ تائين پر سائين پٺاڻ ويچاري سان ڏاڍي ڪئي پوليس وارن ڀلا جيڪو ڪهاڙي سان ڪپڙا ڪٽيندو ته موچڙا ته کائيندو ۔۔ ادا پٺاڻ ويچارو ويل ۾ اچي ويو اڳيان ڌاڙيل ته پٺيان پوليس ۔۔
    باقي جما دار واري ڳاله ته قانون ڪٿي به هجي قانون هوندو آهي مون کي اهو ڊائلاگ ٻُڌي ڪري شهنشاه فلم جو ڊائلاگ ياد اچي ويو ته ۔ جهان شهنشاه کڙي هوتي هين وهان دربار لگ جاتا هي ۔۔۔۔۔۔
    سائين اصل ڪردار جيڪو تمام ڀلو ۽ اوريجنل ٿي لڳو سو گڏه واري خاڪو خطرناڪ اصل صفا خطرناڪ آهي ۽ ان جو آواز ته اصل صفا جلال چانڊو جهڙو آهي وڃ ڀڻا اصل صفا جلال چانڊيو سائين ۔۔
    سائين اوهان جي ايندڙ قسطن جو انتظار رهندو
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    [justify]ادا علي علي تنهنجي مهرباني جو هن فلم جو تو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو، توکي خبر آهي ته هن فلم ۾ جنهن پٺاڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي انهي هن فلم ۾ ”جن جو ڪردار“ ادا ڪيو آهي، ادا محدود وسيلي ۽ گهٽ بجٽ جي باوجود هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه مختلف آهي، ڪوشش ڪئي اٿئون ته هي فلم ڪنهن جو چرٻو نه هُجي، فلم جي سموري يونٽ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، خاڪو خطرناڪ جو ڪردار ادا ڪندڙ جو نالو رمضان جماري آهي، ٽنڊو محمد خان شهر جي مشهور چوڪ تين بتي چار راسته تي هڪڙي ننڍڙي هوٽل آهي ان جو باروالو آهي، خاڪو خطرناڪ واري ڪردار تي اسان جي يونٽ جي دوستن جا ڪافي رايا هُئا، سڀني چيو ته انهي ڪردار لا ڪو پروفيشنل اداڪار هن فلم ۾ ان ڪيو وڃي پر منهنجي پسند خاڪو خطرناڪ واري ڪردار واري رمضان جماري هو، توهان واهه جو سُڃاتو ته هن جو آواز مرحوم جلال چانڊيو سان ملي ٿو، مزي جهڙي ڳالهه اها آهي پوري ٽنڊو محمد خان ۾ هن با صلاحيت فنڪار کي ”اوچتو جلال“ ڪري ڪوٺيندا هُئا پر جڏهن کان فلم چيڪ پوسٽ ريليز ٿِي آهي تڏهن کان سندس نالو اوچتو جلال مان هٽي ”خاڪو خطرناڪ“ ٿي پيو آهي هر ڪو ننڍو وڏو کيس خاڪو خطرناڪ جي نالي سان سڏي پيو۔ مهرباني مٺا اڄ هن فلم جا مزيد ٽي حصا ايڊٽ ڪيا آهن يوٽيوب تي اپ لوڊ ٿين پيا جيئن ئي اپ لوڊ ڪمپليٽ ٿيندي توهان سان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي اهي حصا ونڊ ڪري ڇڏيندس۔[/justify]
     
  4. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪـــــــــــاته
    سائين صوبـــــيـــدار نثار احمد نـــــــــــــــــــــــــــاز صاحب جڙيا هجو شـــــــال
    سائين صوبيدار ان ٻڪــري جي مالڪــ جي پارت اٿو۔ سائين تمام سٺا ۽ تمام سهڻا ڪــردارن سان نڀايو اٿو ۽ سڀني دوستن جو زبردست يــــــاد گـار آهي ۔ سنڌ سلامت تي ۔
    زبـــــــــــــــــــــــــــر د ســــــــــــــــــــــــت
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    [justify]پيارا سائين علي مُنير پاٽائي مڪي پاڪ وارا، وعليڪم السلام، توهان جهوني نثاراحمد ناز کي صوبيدار جي لقب سان ياد ڪري دُعائن سان نوازيو، پيارا محبتي سائين توهان جيڪي بي لوث اسان کي دعائون ڏنيون تنهن لا ته توهان جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان، رب سائين ڪندو توهان به پنهنجي سڀني پيارن سميت آباد هوندا، سدائين خوشين جا جهول ڀريندا رهندا، آمين۔ باقي سائين منهنجو ته هن فلم ۾ ڊي پي او جو ڪردار آهي توهان صفا گهٽائي ماڳهون ئي صوبيدار ڪري ڇڏيو چلو خير آهي۔[/justify]
    [justify]پريان سندي پار جي مڙوئي مٺائي
    ڪانهي ڪڙائي چکين جي چيت ڪري (شاهه سائين)[/justify]

    [justify]ايندڙ ڪنهن فلم ۾ ڪوشش ڪبي ته ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر واري ڪردار مان رورٽ ٿِي صوبيدار ٿي ويندس، توهان جي به ته دل رکڻي آهي نه سائين۔ توهان سڀني دوست فنڪارن جي ڪردارن کي پسند ڪيو ايتري قدر جو کين يادگار قرار ڏنو اسين سڀ دوست سمورو فلم چيڪ پوسٽ جو يونٽ توهان جو انتهائي ٿورائتو آهي، ٻڪري واري کي اسان جي پوليس خرچي پاڻي وٺي سندس ٻڪري ورائي ٿِي ڏي پر اڳيان واري قسطن ۾ ٻڪري واري سان خاڪو خطرناڪ ڪهڙي ويڌن ٿو ڪري اهو هن فلم جي ايندڙ پارٽن 6، 7 ۽ 8 ۾ ضرور ڏسندا۔ توهان جا لک لائق سائين۔[/justify]
     
  6. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    السلام عليڪــــــم ورحمة الله وبرڪـــاته
    سائين نثار ناز صاحب جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن پرين سان .
    سائين پاڻ آهيون ٻهراڙي جا ماڻهون ۽ اسڪــول جي ٻاهران پڙهيل سو اسان سليٽي رنگ جي قميص يعني (شرٽ) ۽ خاڪي رنگ جي سوٽ يعني( پينٽ) کي ڏسي پوليس وارو چوندا آهيون پوءِ کڻي هو ( آءِ جي سنڌ) هجي اسان جي لاءِ اهو به ديش جو وفادارسپاهي پوليس وارو آهي . سائين پاڻ کي ڪهڙي خبرڪـلهين تي بٽڻن لڳل جي بس سائين پوليس وارا چوندا آهن وڏو صاحب سو سائين مون به توهانکي وڏو صاحب لکيو آهي ۽ سائين خبر ته نه آهي ڊي پي او ڇاکي چئبو آهي ۽ ايس ايڇ او ڇاکي چئبو آهي ..... بس سائين اسان جي لاءِ وڏا صاحب آهيو.

    سائين مان پنهنجي غلطيءَ جي معافي گهران ٿو مونکي ننڍڙو ڀاءُ سمجهي . معافي ڪندا دلبر سائين اسان جي عيبن تي رحم ڪندا
    رب العامين توهان ۽ توهان جي ٻچڙن کي سلامت رکي آمين
     
  7. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    سائين اسان پاران سڄي سنگت کي سلام يا علي مدد پهچائجو ۽ خاڪو خطرناڪ خطرناڪ کي اهو به چئجو ته ٽنڊي محمد خان اچڻ ٿيو ته تنهنجي هوٽل جي چانهه ضرور پي بي ۽ جلال جو ڪلام به ضرور ٻڌبو ۔۔۔۔۔۔ سائين پاڻ واري سنهڙي سپاهي کان وٺي ملوڪ کي به سلام ضرور چوندا باقي سنهڙي سپاهي کي چوندا ته سلوٽن جا ٽڙڪا نه لاهيندو ڪري صوبيدار ويچارو دل جو ڪمزور آهي ۔ ۔ ۔ها ها ها ۔۔۔۔
     
  8. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    سا۽ واه واه زبردست
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    سائين علي منير پاٽائي السلام عليڪم مٺا ان ۾ معافي جي ڪهڙي ڳالهه هُئي قسم سان توهان ته صفا محبتي ماڻهو آهيو، اسان جي سنڌ سلامت جي بنياد وجهندڙن منجهان آهيون، توهان جا قرب ته وسارڻ جهڙا ئي ڪونهي۔ معافي واري ڳالهه ڪري توهان مونکي صفا شرمندو ڪري ڇڏيو۔ الله سائين توهان جي آل اولاد جو خير ڪري۔ آمين۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 3 ، 4 ۽ پارٽ 5

    مهرباني ادا محمد رمضان منڌرا بدين سنڌ وارا جو توهان کي هي فلم وڻي ۽ توهان ان کي زبردست چيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو