سائين ملوڪ کان وٺي جمادار تائين ۽ جمادار کان وٺي پٺاڻ تائين پر سائين پٺاڻ ويچاري سان ڏاڍي ڪئي پوليس وارن ڀلا جيڪو ڪهاڙي سان ڪپڙا ڪٽيندو ته موچڙا ته کائيندو ۔۔ ادا پٺاڻ ويچارو ويل ۾ اچي ويو اڳيان ڌاڙيل ته پٺيان پوليس ۔۔
باقي جما دار واري ڳاله ته قانون ڪٿي به هجي قانون هوندو آهي مون کي اهو ڊائلاگ ٻُڌي ڪري شهنشاه فلم جو ڊائلاگ ياد اچي ويو ته ۔ جهان شهنشاه کڙي هوتي هين وهان دربار لگ جاتا هي ۔۔۔۔۔۔
سائين اصل ڪردار جيڪو تمام ڀلو ۽ اوريجنل ٿي لڳو سو گڏه واري خاڪو خطرناڪ اصل صفا خطرناڪ آهي ۽ ان جو آواز ته اصل صفا جلال چانڊو جهڙو آهي وڃ ڀڻا اصل صفا جلال چانڊيو سائين ۔۔
سائين اوهان جي ايندڙ قسطن جو انتظار رهندو
السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪـــــــــــاته
سائين صوبـــــيـــدار نثار احمد نـــــــــــــــــــــــــــاز صاحب جڙيا هجو شـــــــال
سائين صوبيدار ان ٻڪــري جي مالڪــ جي پارت اٿو۔ سائين تمام سٺا ۽ تمام سهڻا ڪــردارن سان نڀايو اٿو ۽ سڀني دوستن جو زبردست يــــــاد گـار آهي ۔ سنڌ سلامت تي ۔
زبـــــــــــــــــــــــــــر د ســــــــــــــــــــــــت
ادا علي علي تنهنجي مهرباني جو هن فلم جو تو باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو، توکي خبر آهي ته هن فلم ۾ جنهن پٺاڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي انهي هن فلم ۾ ”جن جو ڪردار“ ادا ڪيو آهي، ادا محدود وسيلي ۽ گهٽ بجٽ جي باوجود هن فلم جي ڪهاڻي ڪجهه مختلف آهي، ڪوشش ڪئي اٿئون ته هي فلم ڪنهن جو چرٻو نه هُجي، فلم جي سموري يونٽ تمام گهڻي محنت ڪئي آهي، خاڪو خطرناڪ جو ڪردار ادا ڪندڙ جو نالو رمضان جماري آهي، ٽنڊو محمد خان شهر جي مشهور چوڪ تين بتي چار راسته تي هڪڙي ننڍڙي هوٽل آهي ان جو باروالو آهي، خاڪو خطرناڪ واري ڪردار تي اسان جي يونٽ جي دوستن جا ڪافي رايا هُئا، سڀني چيو ته انهي ڪردار لا ڪو پروفيشنل اداڪار هن فلم ۾ ان ڪيو وڃي پر منهنجي پسند خاڪو خطرناڪ واري ڪردار واري رمضان جماري هو، توهان واهه جو سُڃاتو ته هن جو آواز مرحوم جلال چانڊيو سان ملي ٿو، مزي جهڙي ڳالهه اها آهي پوري ٽنڊو محمد خان ۾ هن با صلاحيت فنڪار کي ”اوچتو جلال“ ڪري ڪوٺيندا هُئا پر جڏهن کان فلم چيڪ پوسٽ ريليز ٿِي آهي تڏهن کان سندس نالو اوچتو جلال مان هٽي ”خاڪو خطرناڪ“ ٿي پيو آهي هر ڪو ننڍو وڏو کيس خاڪو خطرناڪ جي نالي سان سڏي پيو۔ مهرباني مٺا اڄ هن فلم جا مزيد ٽي حصا ايڊٽ ڪيا آهن يوٽيوب تي اپ لوڊ ٿين پيا جيئن ئي اپ لوڊ ڪمپليٽ ٿيندي توهان سان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي اهي حصا ونڊ ڪري ڇڏيندس۔
سائين علي منير پاٽائي السلام عليڪم مٺا ان ۾ معافي جي ڪهڙي ڳالهه هُئي قسم سان توهان ته صفا محبتي ماڻهو آهيو، اسان جي سنڌ سلامت جي بنياد وجهندڙن منجهان آهيون، توهان جا قرب ته وسارڻ جهڙا ئي ڪونهي۔ معافي واري ڳالهه ڪري توهان مونکي صفا شرمندو ڪري ڇڏيو۔ الله سائين توهان جي آل اولاد جو خير ڪري۔ آمين۔السلام عليڪــــــم ورحمة الله وبرڪـــاته
سائين نثار ناز صاحب جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن پرين سان .
سائين پاڻ آهيون ٻهراڙي جا ماڻهون ۽ اسڪــول جي ٻاهران پڙهيل سو اسان سليٽي رنگ جي قميص يعني (شرٽ) ۽ خاڪي رنگ جي سوٽ يعني( پينٽ) کي ڏسي پوليس وارو چوندا آهيون پوءِ کڻي هو ( آءِ جي سنڌ) هجي اسان جي لاءِ اهو به ديش جو وفادارسپاهي پوليس وارو آهي . سائين پاڻ کي ڪهڙي خبرڪـلين تي بٽڻن لڳل جي بس سائين پوليس وارا چوندا آهن وڏو صاحب سو سائين مون به توهانکي وڏو صاحب لکيو آهي ۽ سائين خبر ته نه آهي ڊي پي او ڇاکي چئبو آهي ۽ ايس ايڇ او ڇاکي چئبو آهي ..... بس سائين اسان جي لاءِ وڏا صاحب آهيو.
سائين مان پنهنجي غلطيءَ جي معافي گهران ٿو مونکي ننڍڙو ڀاءُ سمجهي . معافي ڪندا دلبر سائين اسان جي عيبن تي رحم ڪندا
رب العامين توهان ۽ توهان جي ٻچڙن کي سلامت رکي آمين
سا۽ واه واه زبردست