• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هن جي مرضي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هن جي مرضي آهي​

لازم ناهي ڪو پيار بدلي پيار ڪري
ياد ڪري پوءِ ڀل نفرت جو اظهار ڪري

آهي آس هڪ ڀيرو هو سامهون اچي
سامهون اچي ڀل مون تي وار ڪري

مان ڇو چوان ته هو بي وفا آهي
جي نه چاهي ته نه ا عتبار ڪري

ان جو حق ته دوري اختيار ڪري
چاهي به نٿو خيال کان ڌار ڪري

جڳ سارو دعو يدار هن جي پيار جو
جنهن کي چاهي پنهجو دلدار ڪري

”ڏاڏل هي سڄو ڏوھ تنهنجو آهي
پيار ڪري چاهين نه ڪو خوار ڪري​
 
Back
Top