هن جي مرضي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هن جي مرضي آهي ​


    لازم ناهي ڪو پيار بدلي پيار ڪري
    ياد ڪري پوءِ ڀل نفرت جو اظهار ڪري

    آهي آس هڪ ڀيرو هو سامهون اچي
    سامهون اچي ڀل مون تي وار ڪري

    مان ڇو چوان ته هو بي وفا آهي
    جي نه چاهي ته نه ا عتبار ڪري

    ان جو حق ته دوري اختيار ڪري
    چاهي به نٿو خيال کان ڌار ڪري

    جڳ سارو دعو يدار هن جي پيار جو
    جنهن کي چاهي پنهجو دلدار ڪري

    ”ڏاڏل هي سڄو ڏوھ تنهنجو آهي
    پيار ڪري چاهين نه ڪو خوار ڪري​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو