ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
موت جوذائقو ماکيءَ کان به مٺوآهي پر ڪڏهن ؟
هي مشهور فرمان ته موت ماکيءَ کان به مٺو آهي حضرت قاسم عه ۽ حضرت علي اڪبر عه ڪربلا جي ٻنهي شهيدن سان منصوب آهي ۽ هي ٻئي هستيون ڪربلا جون ڪڙيل جوانيون آهن ۽ سندن رهندي دنيا ۾ اهو حق پرستيءَ جو فلسفو قائم رهندو۔
سوال هي آهي ته موت تي سڄي دنيا متفق آهي، اهي به موت کي مڃن ٿا جن جو خيال آهي ته دنيا حاثاتي طور تي وجود ۾آئي پر موت جي حقانيت تي سڀ متفق آهن هي دنيافاني آهي پر دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿاهڪڙا اهي جيڪي مرڻ نٿا چاهين ۽ هڪڙا اهي جيڪي موت کي زندگيء جوهڪڙو ٻيو باب ٿا سمجهن چو؟
سائنس اڄ اسان جاڪيترائي مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ٻار جي پيدائش ٿيندي آهي پو اهو ٻار ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ گهراڻي ۾ پيدا ٿئي، جي روئي ته هن جي ذهني سلامتي جي نشاني هوندي آهي ۽ جي نه روئي ته ذهني معذوري جي علامت آهي۔ اوهان اڪثر ڏٺوهوندو ته جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ۽ جڏهن هوروئندو آهي ته سڀ گهر ڀاتي، دائي هجي يا ڊاڪٽر سميت سڀ کلندا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن پر جي نه روئي ته سڀ جا سڀ رشان ٿي ويندا آهن ۔انجو سبب اآهي ؟
سائنس جو چوڻ آهي ته جڏهن ٻار ما جي رحم ۾ هوندو آهي تڏهن ٻار جي غذا اهاما جي ماهواري هوندي آهي جيڪاهر مهيني عورت کي ايندي آهي ۔ هاڻي هتي سالڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن هي ٻار رحمِ مادر ۾ هو تڏهن هن سڀ ڪجھ ان قائنات کي ٿي سمجهيو ۽ جڏهن ان جو اتان انتقال ٿيو ۽ هن دنيا ۾آيو ته هي ماحول هن لاِءِ پرايو ۽ اڻڄاڻ هو۔ ان لاء گهڻا دوست چوندا ته هي فلسفوآهي هي فلسفو نه پر غور ڪرڻ جو مقام آهي، هي ٻار لا شعور ناهي اسلام جو ڪو به حڪم لاشعور لاءِ ناهي جي هي پئدا ٿيندڙ ٻار لاشعور هجي ها ته اسلام هن جي ڪن ۾ آذآن ڏيڻ جو حڪم ۽ نه ئي وري مرندڙ جي ڪن ۾ تلقين يا ڪلمي پڙهڻ جو حڪم ڏئي ها ۔ قرآن ۾پڻ هن جي علم جو ذڪر موجود آهي سوره الرحمان ۾ آهي ته ترجمو( الرحمان قرآن جو علم ڏنو انسان کي خلق ڪيو۔ الله ائين ناهي فرمايوته انسان کي خلق ڪيو ۽ قرآن جو علم ڏنو آ پهريان به اهو هن فرم تي موجود آهن ڪري چڪو آهيان ته هي قرآن انسان جو ڊاڪٽ يا لاگ بڪ آهي جنهن ۾ انسان جي ٺهڻ توڙي استعمال جا سڀ طريقا موجود آهن نه فقط موجود آهن۔http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9377 ۽ ان تي عمل ڪيئن ڪرڻو آهي پنهنجي حبيب صلعم جي زريعي پڻ سمجايو ۔ قرآن جو هر حڪم ترتيب وار آهي انسان جي ٺهڻ توڙي ڊهڻ جو پورونظام ترتيب وار آهي ۔ قرآن ۾ آهي ته اسان واعدوڪري آيا آهيون الست بربڪم ترجمو ڇا مان توان جو رب ناهيان يا قرآن ۾ٻئي هنڌ آيو آهي سوره ياسين ترجمو ( اي اولادِ آدم ڇا توهان اهو عهد ناهي ورتو ته شيطان جي بندگي نه ڪجو) هاڻي جي قرآن ۾ اهو ذڪر نه هجي ته اسان کي ته ياد ئي ڪونهي ۔
هاڻي جڏهن ٻار پيدا ٿيو ته ان جي روئڻ جو سبب جيڪوسالڪن سمجهايو سوبه سمجھ ۾ اچي ٿو۔ هي ٻار جڏهن هتي آيو ته روئيندو آيو هيڏووڏو ٿي ويو ۽ وري جڏهن هن جو هتان ڪنهن ٻئي مقام ڏانهن انتقال ٿيڻ لڳو آهي ته هي وري روئي ٿو ۔ جيئن هن رحمِ مادر مان انتقال عدمِ شعور تي شور مچايو هو تيئن ئي هنجي اڳئين پروموشن جنهن جو هن کي شعور ناهي هن وري شور مچايوآهي علامه اقبال ان جو بحر طور تي ذڪر ڪيو آهي
ڪون ڪهتا هي ڪه موت سي مين مجاؤن گا
مين تو قطره هون سمندر مين اتر جاؤن گا
يا
ڪون ڪهتا هي موت ڪو اختتامِ زندگي
يه هي صبحِ زندگي وه هي دواِم زندگي
هاڻي جڏهن انسان هن جهان ۾ پنهنجي پوئين (ماءَ جو پيٽ ) جهان جي خوراڪ تي غور ڪندو آهي ته ڪيڏي نه ڪرڀ بري ڪيفيت ٿيندي آهي پوءِ جن اڳين جهان کي سمجهيو (شعور) ۽ ان جي تياري ڪئي ۽ اتان جو ادراڪ حاصل ڪيو پوءِ تن هي هوا به ڏنا ۽ زمانو انهن جي صداقت جو گواه رهيو، آهي ۽ رهندو ،
موت ته واقعي ماکيءَ کان به مٺو آهي انهن جي لاء جن ان جو مشاهدوڪيو يا جن کي هنن جٍي مشاهدي جو يقين آهي ته هي سچا آهن پوءِ تڏهن ته قرآن به سوره جمه ۾ چيو آهي اوهان جي صداقت جومعيارهي آهي( ترجمو؛ هنن کي چؤ ته موت کي طلب ڪن جي هي پنهنجي دعوىِ ايمان ۾ سچا آهن ۔معضر سان قآن ۾ سچائي جو معيار فرقه بندي ناهي اهر قرآن ڪو معيار ڏنو آهي ته اهو موت جي طلب يعني موت جي تياري آهي [COLOR="Red[COLOR="Red"]
"]( ڏاڏل کي ڏاهن ائين ڏنو آهي ڏسُ۔)[/COLOR]
وسلام
وسلام