موت نعمت آهي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    موت جوذائقو ماکيءَ کان به مٺوآهي پر ڪڏهن ؟

    هي مشهور فرمان ته موت ماکيءَ کان به مٺو آهي حضرت قاسم عه ۽ حضرت علي اڪبر عه ڪربلا جي ٻنهي شهيدن سان منصوب آهي ۽ هي ٻئي هستيون ڪربلا جون ڪڙيل جوانيون آهن ۽ سندن رهندي دنيا ۾ اهو حق پرستيءَ جو فلسفو قائم رهندو۔

    سوال هي آهي ته موت تي سڄي دنيا متفق آهي، اهي به موت کي مڃن ٿا جن جو خيال آهي ته دنيا حاثاتي طور تي وجود ۾آئي پر موت جي حقانيت تي سڀ متفق آهن هي دنيافاني آهي پر دنيا ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو رهن ٿاهڪڙا اهي جيڪي مرڻ نٿا چاهين ۽ هڪڙا اهي جيڪي موت کي زندگيء جوهڪڙو ٻيو باب ٿا سمجهن چو؟
    سائنس اڄ اسان جاڪيترائي مسئلا حل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ٻار جي پيدائش ٿيندي آهي پو اهو ٻار ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ گهراڻي ۾ پيدا ٿئي، جي روئي ته هن جي ذهني سلامتي جي نشاني هوندي آهي ۽ جي نه روئي ته ذهني معذوري جي علامت آهي۔ اوهان اڪثر ڏٺوهوندو ته جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ۽ جڏهن هوروئندو آهي ته سڀ گهر ڀاتي، دائي هجي يا ڊاڪٽر سميت سڀ کلندا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن پر جي نه روئي ته سڀ جا سڀ رشان ٿي ويندا آهن ۔انجو سبب اآهي ؟
    سائنس جو چوڻ آهي ته جڏهن ٻار ما جي رحم ۾ هوندو آهي تڏهن ٻار جي غذا اهاما جي ماهواري هوندي آهي جيڪاهر مهيني عورت کي ايندي آهي ۔ هاڻي هتي سالڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن هي ٻار رحمِ مادر ۾ هو تڏهن هن سڀ ڪجھ ان قائنات کي ٿي سمجهيو ۽ جڏهن ان جو اتان انتقال ٿيو ۽ هن دنيا ۾آيو ته هي ماحول هن لاِءِ پرايو ۽ اڻڄاڻ هو۔ ان لاء گهڻا دوست چوندا ته هي فلسفوآهي هي فلسفو نه پر غور ڪرڻ جو مقام آهي، هي ٻار لا شعور ناهي اسلام جو ڪو به حڪم لاشعور لاءِ ناهي جي هي پئدا ٿيندڙ ٻار لاشعور هجي ها ته اسلام هن جي ڪن ۾ آذآن ڏيڻ جو حڪم ۽ نه ئي وري مرندڙ جي ڪن ۾ تلقين يا ڪلمي پڙهڻ جو حڪم ڏئي ها ۔ قرآن ۾پڻ هن جي علم جو ذڪر موجود آهي سوره الرحمان ۾ آهي ته ترجمو( الرحمان قرآن جو علم ڏنو انسان کي خلق ڪيو۔ الله ائين ناهي فرمايوته انسان کي خلق ڪيو ۽ قرآن جو علم ڏنو آ پهريان به اهو هن فرم تي موجود آهن ڪري چڪو آهيان ته هي قرآن انسان جو ڊاڪٽ يا لاگ بڪ آهي جنهن ۾ انسان جي ٺهڻ توڙي استعمال جا سڀ طريقا موجود آهن نه فقط موجود آهن۔http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9377 ۽ ان تي عمل ڪيئن ڪرڻو آهي پنهنجي حبيب صلعم جي زريعي پڻ سمجايو ۔ قرآن جو هر حڪم ترتيب وار آهي انسان جي ٺهڻ توڙي ڊهڻ جو پورونظام ترتيب وار آهي ۔ قرآن ۾ آهي ته اسان واعدوڪري آيا آهيون الست بربڪم ترجمو ڇا مان توان جو رب ناهيان يا قرآن ۾ٻئي هنڌ آيو آهي سوره ياسين ترجمو ( اي اولادِ آدم ڇا توهان اهو عهد ناهي ورتو ته شيطان جي بندگي نه ڪجو) هاڻي جي قرآن ۾ اهو ذڪر نه هجي ته اسان کي ته ياد ئي ڪونهي ۔
    هاڻي جڏهن ٻار پيدا ٿيو ته ان جي روئڻ جو سبب جيڪوسالڪن سمجهايو سوبه سمجھ ۾ اچي ٿو۔ هي ٻار جڏهن هتي آيو ته روئيندو آيو هيڏووڏو ٿي ويو ۽ وري جڏهن هن جو هتان ڪنهن ٻئي مقام ڏانهن انتقال ٿيڻ لڳو آهي ته هي وري روئي ٿو ۔ جيئن هن رحمِ مادر مان انتقال عدمِ شعور تي شور مچايو هو تيئن ئي هنجي اڳئين پروموشن جنهن جو هن کي شعور ناهي هن وري شور مچايوآهي علامه اقبال ان جو بحر طور تي ذڪر ڪيو آهي
    ڪون ڪهتا هي ڪه موت سي مين مجاؤن گا
    مين تو قطره هون سمندر مين اتر جاؤن گا
    يا
    ڪون ڪهتا هي موت ڪو اختتامِ زندگي
    يه هي صبحِ زندگي وه هي دواِم زندگي

    هاڻي جڏهن انسان هن جهان ۾ پنهنجي پوئين (ماءَ جو پيٽ ) جهان جي خوراڪ تي غور ڪندو آهي ته ڪيڏي نه ڪرڀ بري ڪيفيت ٿيندي آهي پوءِ جن اڳين جهان کي سمجهيو (شعور) ۽ ان جي تياري ڪئي ۽ اتان جو ادراڪ حاصل ڪيو پوءِ ‌تن هي هوا به ڏنا ۽ زمانو انهن جي صداقت جو گواه رهيو، آهي ۽ رهندو ،
    موت ته واقعي ماکيءَ کان به مٺو آهي انهن جي لاء جن ان جو مشاهدوڪيو يا جن کي هنن جٍي مشاهدي جو يقين آهي ته هي سچا آهن پوءِ تڏهن ته قرآن به سوره جمه ۾ چيو آهي اوهان جي صداقت جومعيارهي آهي( ترجمو؛ هنن کي چؤ ته موت کي طلب ڪن جي هي پنهنجي دعوىِ ايمان ۾ سچا آهن ۔معضر سان قآن ۾ سچائي جو معيار فرقه بندي ناهي اهر قرآن ڪو معيار ڏنو آهي ته اهو موت جي طلب يعني موت جي تياري آهي [COLOR="Red[COLOR="Red"]
    "]( ڏاڏل کي ڏاهن ائين ڏنو آهي ڏسُ۔)[/COLOR]
    وسلام​
    [/COLOR] (حصو پهريون)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موت نعمت آهي

    مضمون آخر ۾ شايد رهجي ويو آهي ۔۔۔ ۽ ڏاڏل سائين! جيڪڏهن باقي رهيل هجي ته انجو اطلاع ڪري ڇڏڻ گهرجي ته جيئن انتظار ڪيو وڃي ۔۔۔ ۽ توس کي قابوءَ ۾ رکجي ۔۔۔

    مضمون سمجه وارن لاءِ آهي،

    الله ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن۔

    بس اوهانجي ليک ۾ ڪجهه لفاظي غلطيون ٿين ٿيون ۽ اميد ته آهستي آهستي اهي غلطيون درست ٿينديو وينديون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موت نعمت آهي

    ڏاڏل سائين! موت جي حقيقت جو فلسفو، لطيف سرڪار به تمام سهڻي انداز ۾ سمجهايو آهي ۔۔۔ جنهن ۾ محبوب خاطر پتنگ ٿي شمع جي مٿان پاڻ ساڙي موت سان ڀاڪرين پوڻ ۔۔۔ سسئيءَ جو پنهونءَ خاطر ڏک ڏاکڙا لهي موت کي پنهنجو ڪرڻ ۔۔۔ ٻيجل جو سر ڪٽائڻ، ۽ سر ڪيڏاري ۾ شهادت جي حقيقت کي سمجهائڻ ۔۔۔ ۽ هڪ حالت مان پار پوي ٻي حالت ۾ اچڻ جو ذڪر تمام سهڻن لفظن ۾ ڪيل آهي ۔۔۔

    موت ۽ حياتي سڪي جا ٻه رخ آهن ۔۔۔ روحن جي خلقت ۔۔۔ ماءُ جو رحم ۔۔۔ هن ڌرتيءِ جي حياتيءَ ۔۔۔ ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ جسم جو وڃڻ ۽ روحن جو پنهنجي مقام تي وڃي رهڻ ۽ روز حساب کانپوءِ واري زندگي ۔۔۔۔

    اهي سڀ حياتيءَ جا باب آهن، انهن ۾ ڄم ۽ موت صرف هڪ حالت مان ٻي حالت ۾ وڃڻ جو نالو آهي ۔۔۔

    اوهان ان ڳالهه کي سمجهائڻ وارو ڏکيو مضمون اسانکي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔

    جزاڪ الله ۔۔۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: موت نعمت آهي

    جي نثار سائين، بلڪل هر حقيقت پسند پنهنجي انداز ۾ ان جو تذڪرو ڪيو آهي هاڻي اوهان جي

    صحبت ۾ رهي ڪري سرڪار شاه صاحب کي به پڙهندا سين ۔ حضرت علي عه جو قول آهي

    حڪمت مومن جي گمشده ميراث آهي۔

    ٻيو ته بجلي وڃڻ جي خوف کان ته ڪٿي محنت ضايع نه ٿي وڃي اڌورو موضوع محفوظ ٿي

    ڪيم ٻيو طريقو مونکي ايندوڪونهي انلاء ڀاء معضرت

    هاڻي اڻپورو موضوع جيڪو هميشه اڻپورو ئي رهندو اسان جي رهنمائي لاءِ ڏسي سگهو ٿا

    اصل ۾ سنڌ سلامت فورم تي سبح هڪڙِي ساٿي جي ڀاءَ جي انتقال پرُملال تي هي موضوع ذهن

    تي اڀري آيو پوءِ ٽٽل لفظن سان اوهان جي خدمت ۾پيش آهيان هميشه اصلاح جو منتطر ڏاڏل شينو


    وسلام ُ
     
  5. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: موت نعمت آهي

    ادا موت جي تمام بهترين سمجهاڻي آهي۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: موت نعمت آهي

    سائين اوهان جي مهرباني

    اوهان اسان سان بهترين ۽ ڏاهپ وارا ليک ونڊ ڪري رهيا آهيو۔ جيڪڏهن لائيٽ جو مسئلو آهي ۽ اوهان وٽ سنڌي سافٽويئر انسٽال ٿيل آهي ته پهريان ليک ايم ايس ورڊ ۾ محفوظ ڪيو ۽ پوء ڪاپي ڪري سنڌ سلامت تي پيسٽ ڪيو۔

    ٻيو طريقو اهو آهي ته اوهان جيڪو مضمون شيئر ڪيو آهي ان ۾ ترميم ڪيو :


    1 سڀ کان پهريان پنهنجي تحرير يا موضوع تي وڃي ترميم تي ڪلڪ ڪيو

    [​IMG]

    2 تفصيلي جواب ڏيو تي ڪلڪ ڪيو

    [​IMG]

    3 مضمون يا تحرير ۾ تبديلي يا ترميم يا واڌارو ڪرڻ کانپوء محفوظ ڪيو تي ڪلڪ ڪيو

    [​IMG]

    اميد ته اوهان بهتر طريقي سان سمجهي ويا هوندا۔ جيڪڏهن اڃان به ڪو مسئلو اچي ته اوهان پُڇي سگهو ٿا
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: موت نعمت آهي

    سائين مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو