ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
رشتن جي اهميت
اها هڪ عالمگير حقيقت آهي ته جنهن ٻولي ۾ انسان ماء جي لوليءَ مان ڳالهائڻ سکيو هجي جڏهن امڙ هٿن ۾ کڻي پيار سان منهن ۽ چپ چمي سيکاريو ته چؤ منهنجا لعل، بابا بابا امان امان نانا ماما چاچا ڀاؤ ۽ جڏهن هو ٿاٻڙجي ڪري پوندو هو ته ماء چوندي هئي، هئي منهنجا جاني، ما صدقي ۽ سيني سان لڳائي چوندي هئي الي منهنجي بابي کي ڪٿي ڌڪ لڳو آهي بيھ ته مان ماريان ٿي ٿي ان کي جنهن نه منهنجي بابي کي ڌڪ ڏنو آهي اها ٻولي انسان کان ڪڏهن ڪانه وسرندي جيڪي دوست ٻاهرين ملڪن ۾رهندا آهن ته انهن جو چوڻ آهي اسان کي پرائي ديس ۾ جي ڪو پاڙيسري ملڪ يا اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ ملندو آهي ته اکين مان نير وهي ايندا آهن ۔
جيئن ته فطرتي لحاظ کان انسان، اهو ڪهڙي به ٻولي يا نسل سان تعلق رکندو هجي عربي هجي يا عجمي ڀورو هجي يا ڪارو پر جي اهو چاهي به ته جذبهءِ حب الوطني کان پاڻ کي ڌار نٿو ڪري سگهي ۔ ٿيندوائين آهي جو اڪثر و بيشتر لذتِ خواهش ، انساني فطرت تي ڌاڙو هڻي ويندي آهي ۽ انسان لذت جي نشي ۾ پنهنجو پاڻ کان پري نڪري ويندو آهي۔ پر ياد رهي ته فطرت اهو اصول يا قائدو آهي جيڪو انسان جي حفاظت جو محافظ رهيوآهي ۽ هميشه رهندو۔ ان لاء پروردگار قرآن ۾ انسان جي خلقت جي لاء فرمايو آهي ته بيشڪ الله انسان کي پنهنجي فطرت تي خلق ڪيوآهي ۽ ان جي فطرت ڪڏهن تبديل ناهي ٿيندي ۔ سالڪن جو چوڻ آهي ته فطرت جي حڪم جي انحرافي ئي ڪافري آهي۔ ڪافري نالو آهي پاڻ کي نقصان ڏيڻ جو ، انسان جي پاڻ کي فائدو پنهنچائي ته پرودگار ان کي پنهنجي بندگي چيو آهي ۽ جي پنهنجو نقصان ڪري ته ان کي گناھ چيو آهي، ڪاش جي اسان کي دين جي معرفت ٿئي ها ، اسان ته مؤروثي مسلمان آهيون بحرال هي هن وقت منهنجو موضوعِ سخن ناهي ڪنهن ٻئي وقت جي الله گهريو ۽ همت ڏ_ني ته سالڪن جو احوال معرفتِ دين جي حوالي سان سلبو۔ ته مون لکيو پئئ، فطرت کان جي انسان گهري به ته ڌار نٿو ٿي سگهي ڇو جو جذبهءِ حب الوطني انسان جي فطرت يا جي ان کي آسان ڪجي ته اهو جذبو انسان جي رت توڙي گوشت ۾ رچيل ۽ بسيل آهي ان کان پري رهڻ پاڻ کان پري رهڻ آهي ۽ جڏهن هن کي پنهنجي ضرورت پوندي آهي ته هو پاڻ کان ايترو ته پري هوندو آهي جو هو چاهي به ته پاڻ کي ڳولي ناهي سگهندو ۔ مونکي چڱي طرح سان ياد آهي ته اسان جي علائقي جو هڪ امير جنهن کي اسان ته ڇا پر سندس ويجهڙن عزيزن جا جيڪي اسانجي عمر جا ٻار ها اهي به نه سڃاڻندا ها ۔ جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته اسان جي ڳوٺ اطلاع آيو ته فلاڻو شخص انتقال ڪري ويو آهي ۽ سندس جنازو اڄ منجهند جو ڳوٺ پهچي رهيو آهي، اسان جڏهن پنهنجي والدين کان پچيو ته اهو ماڻهو ڪير هو ته خبر پئي اڄ کان ٽيھ سال پهريان هوڳوٺ چڏي ويو هو ، سندس والد گذاري ويو ، ڀا گذاري ويو، امڙ جو انتقال ٿيو ۽ ٻيا به ڪيترائي رشتا ڀڄندا ۽ ڀرندا رهيا پر هي نه ڪنهن جي خوشي ۽ نه غمي ۾شريڪ ٿيو جي ڪو ڳوٺاڻو ملڻ به ويو ته در تان ڳالھ پڇي واپس ڪري ڇڏيندو هو۔ بعد ۾ خبر پئي ته هن شادي ڌارين مان ڪئي پوءِ ان پوئتي مڙي ڪري نه ڏٺو ته ڪو راڄ ڀاڳ به آهي ، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ان جي جنازي ۾ سندس ڀائٽيا وغيره به ڪونه آيا ، ڪجھ ڳوٺ وارن ان کي دفنايو، نه تڏو ڪيو ويو نه ني افسوس ٿيو ۔ آ هي ڪو ناول ناهيان لکي رهيو پر اکين ڏٺي حقيقت آهي ۔مون عرض ڪيو ته جڏهن لذتِ خواهشن جي ميدان ۾ انسان ٽپو ڏيندو آهي تڏهن ان وقت ته ان جي لذت جو نشو انجي ضرورت هوندي آهي پر هڪ وقت اهو به ايندو آهي جڏهن انسان ان لذتن جي نشي کان اڪتائجي ويندو آهي پر انهن کي ڇڏي ناهي سگهندو اهي لذتون اڄ هن جون مجبوريون بڻجي هن جي پيرن جون زنجيرون بڻجي ويندون آهن پر هو ايترو ته پري هليو ويندو آهي جو ان جي واپسي ناممڪن هوندي آهي ۔ ان لاءِ حضرت علي عه جوفرمان آهي ته حق (فطرت ،فظرت حق آهي تي ڪڏهن تفصيلي گفتگو لکڻ جي ڪوشش ڪندس انشاء الله)کان ايترو پري نه نڪري وڃو جو واپسي ناممڪن ٿي وڃي )۔ بعد ۾خبر پئي ته ان همراھ جي زندگيءَ جا آخري ايام ڏاڍا ڪسمپرسيءَ ۾ گزريا۔
در حقيقت هو هڪڙي استاد جو پٽ هو ، جڏهن انکي نوڪري ملي ته ان ڪراچيءَ ۾ شادي ڪئي ۽ بس ڪراچيء کي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجهي پوئتي جو سڀ يادون وساري ويهي رهيو، پوءِ هي پڙهندو به رهيو ۽ نوڪريون بدلائيندو رهيو۔ هن جا ڏينهن ڦريا ته هن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ خوب ترقي ڪئي هي پنهنجي ان ڪاروبار ۾ مگن رهيو ۔
انسان جيڪو سمجهندو آهي ته جيڪا لذت ڀري شي ان وٽ ناهي هوندي ۽ ماڻهن وٽ ڏسندو آهي تڏهن ان جي شديد خواهش ڪندو آهي ۔ پر جڏهن انکي پائيندو آهي ته اهو زهر ئي هوندو آهي ياد رهي هر اها شي جنهن جو حصول نفساني خواهش جي پيشِ نظر هجي ان خوهش جو نتيجو، يعني ان خواهش جي قيامت پشيماني ، بيچيني ۽ اضطراب کانسواءِ ٻيو ڪجه به ناهي ۔ (حصو پهريون)