مون ائين سمجهيو

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    رشتن جي اهميت​




    اها هڪ عالمگير حقيقت آهي ته جنهن ٻولي ۾ انسان ماء جي لوليءَ مان ڳالهائڻ سکيو هجي جڏهن امڙ هٿن ۾ کڻي پيار سان منهن ۽ چپ چمي سيکاريو ته چؤ منهنجا لعل، بابا بابا امان امان نانا ماما چاچا ڀاؤ ۽ جڏهن هو ٿاٻڙجي ڪري پوندو هو ته ماء چوندي هئي، هئي منهنجا جاني، ما صدقي ۽ سيني سان لڳائي چوندي هئي الي منهنجي بابي کي ڪٿي ڌڪ لڳو آهي بيھ ته مان ماريان ٿي ٿي ان کي جنهن نه منهنجي بابي کي ڌڪ ڏنو آهي اها ٻولي انسان کان ڪڏهن ڪانه وسرندي جيڪي دوست ٻاهرين ملڪن ۾رهندا آهن ته انهن جو چوڻ آهي اسان کي پرائي ديس ۾ جي ڪو پاڙيسري ملڪ يا اسان جي ٻولي ڳالهائيندڙ ملندو آهي ته اکين مان نير وهي ايندا آهن ۔
    جيئن ته فطرتي لحاظ کان انسان، اهو ڪهڙي به ٻولي يا نسل سان تعلق رکندو هجي عربي هجي يا عجمي ڀورو هجي يا ڪارو پر جي اهو چاهي به ته جذبهءِ حب الوطني کان پاڻ کي ڌار نٿو ڪري سگهي ۔ ٿيندوائين آهي جو اڪثر و بيشتر لذتِ خواهش ، انساني فطرت تي ڌاڙو هڻي ويندي آهي ۽ انسان لذت جي نشي ۾ پنهنجو پاڻ کان پري نڪري ويندو آهي۔ پر ياد رهي ته فطرت اهو اصول يا قائدو آهي جيڪو انسان جي حفاظت جو محافظ رهيوآهي ۽ هميشه رهندو۔ ان لاء ‌پروردگار قرآن ۾ انسان جي خلقت جي لاء فرمايو آهي ته بيشڪ الله انسان کي پنهنجي فطرت تي خلق ڪيوآهي ۽ ان جي فطرت ڪڏهن تبديل ناهي ٿيندي ۔ سالڪن جو چوڻ آهي ته فطرت جي حڪم جي انحرافي ئي ڪافري آهي۔ ڪافري نالو آهي پاڻ کي نقصان ڏيڻ جو ، انسان جي پاڻ کي فائدو پنهنچائي ته پرودگار ان کي پنهنجي بندگي چيو آهي ۽ جي پنهنجو نقصان ڪري ته ان کي گناھ چيو آهي، ڪاش جي اسان کي دين جي معرفت ٿئي ها ، اسان ته مؤروثي مسلمان آهيون بحرال هي هن وقت منهنجو موضوعِ سخن ناهي ڪنهن ٻئي وقت جي الله گهريو ۽ همت ڏ_ني ته سالڪن جو احوال معرفتِ دين جي حوالي سان سلبو۔ ته مون لکيو پئئ، فطرت کان جي انسان گهري به ته ڌار نٿو ٿي سگهي ڇو جو جذبهءِ حب الوطني انسان جي فطرت يا جي ان کي آسان ڪجي ته اهو جذبو انسان جي رت توڙي گوشت ۾ رچيل ۽ بسيل آهي ان کان پري رهڻ پاڻ کان پري رهڻ آهي ۽ جڏهن هن کي پنهنجي ضرورت پوندي آهي ته هو پاڻ کان ايترو ته پري هوندو آهي جو هو چاهي به ته پاڻ کي ڳولي ناهي سگهندو ۔ مونکي چڱي طرح سان ياد آهي ته اسان جي علائقي جو هڪ امير جنهن کي اسان ته ڇا پر سندس ويجهڙن عزيزن جا جيڪي اسانجي عمر جا ٻار ها اهي به نه سڃاڻندا ها ۔ جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته اسان جي ڳوٺ اطلاع آيو ته فلاڻو شخص انتقال ڪري ويو آهي ۽ سندس جنازو اڄ منجهند جو ڳوٺ پهچي رهيو آهي، اسان جڏهن پنهنجي والدين کان پچيو ته اهو ماڻهو ڪير هو ته خبر پئي اڄ کان ٽيھ سال پهريان هوڳوٺ چڏي ويو هو ، سندس والد گذاري ويو ، ڀا گذاري ويو، امڙ جو انتقال ٿيو ۽ ٻيا به ڪيترائي رشتا ڀڄندا ۽ ڀرندا رهيا پر هي نه ڪنهن جي خوشي ۽ نه غمي ۾شريڪ ٿيو جي ڪو ڳوٺاڻو ملڻ به ويو ته در تان ڳالھ پڇي واپس ڪري ڇڏيندو هو۔ بعد ۾ خبر پئي ته هن شادي ڌارين مان ڪئي پوءِ ان پوئتي مڙي ڪري نه ڏٺو ته ڪو راڄ ڀاڳ به آهي ، مونکي چڱي طرح ياد آهي ته ان جي جنازي ۾ سندس ڀائٽيا وغيره به ڪونه آيا ، ڪجھ ڳوٺ وارن ان کي دفنايو، نه تڏو ڪيو ويو نه ني افسوس ٿيو ۔ آ هي ڪو ناول ناهيان لکي رهيو پر اکين ڏٺي حقيقت آهي ۔مون عرض ڪيو ته جڏهن لذتِ خواهشن جي ميدان ۾ انسان ٽپو ڏيندو آهي تڏهن ان وقت ته ان جي لذت جو نشو انجي ضرورت هوندي آهي پر هڪ وقت اهو به ايندو آهي جڏهن انسان ان لذتن جي نشي کان اڪتائجي ويندو آهي پر انهن کي ڇڏي ناهي سگهندو اهي لذتون اڄ هن جون مجبوريون بڻجي هن جي پيرن جون زنجيرون بڻجي ويندون آهن پر هو ايترو ته پري هليو ويندو آهي جو ان جي واپسي ناممڪن هوندي آهي ۔ ان لاءِ حضرت علي عه جوفرمان آهي ته حق (فطرت ،فظرت حق آهي تي ڪڏهن تفصيلي گفتگو لکڻ جي ڪوشش ڪندس انشاء الله)کان ايترو پري نه نڪري وڃو جو واپسي ناممڪن ٿي وڃي )۔ بعد ۾خبر پئي ته ان همراھ جي زندگيءَ جا آخري ايام ڏاڍا ڪسمپرسيءَ ۾ گزريا۔
    در حقيقت هو هڪڙي استاد جو پٽ هو ، جڏهن انکي نوڪري ملي ته ان ڪراچيءَ ۾ شادي ڪئي ۽ بس ڪراچيء کي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجهي پوئتي جو سڀ يادون وساري ويهي رهيو، پوءِ هي پڙهندو به رهيو ۽ نوڪريون بدلائيندو رهيو۔ هن جا ڏينهن ڦريا ته هن پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو ۽ خوب ترقي ڪئي هي پنهنجي ان ڪاروبار ۾ مگن رهيو ۔
    انسان جيڪو سمجهندو آهي ته جيڪا لذت ڀري شي ان وٽ ناهي هوندي ۽ ماڻهن وٽ ڏسندو آهي تڏهن ان جي شديد خواهش ڪندو آهي ۔ پر جڏهن انکي پائيندو آهي ته اهو زهر ئي هوندو آهي ياد رهي هر اها شي جنهن جو حصول نفساني خواهش جي پيشِ نظر هجي ان خوهش جو نتيجو، يعني ان خواهش جي قيامت پشيماني ، بيچيني ۽ اضطراب کانسواءِ ٻيو ڪجه به ناهي ۔ (حصو پهريون)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مون ائين سمجهيو

    [justify]
    اوهانجي ڳالهه سان 100 فيصد متفق ٿيندي چئبو ته بيشڪ مادري ٻولي انسان جي رڳ رڳ ۾ سمايل هوندي آهي انکي ڪڍڻ جسم مان خون ڪڍڻ جي برابر آهن ۔۔۔ سو ناممڪن آهي ۔۔۔ لک ٿورا سٺي ڳالهه لکي اٿو ۔۔۔۔

    جي سائين وطن سان پيار لاءِ لطيف سڳوري فرمايو آهي ته؛
    سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو۔

    اها به حقيقت آهي ته وطن سان پيار فطري آهي ۔۔۔

    ان لاءِ ئي ته اسلام کي دين فطرت چيو ويو آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جنهن جاءِ تي انسان جون نفساني خواهشون فطري آهن ۽ انهن جو پورائو ڪرڻ گهرجي ۔۔۔ پر حدود الله کي نظر ۾ رکندي ۔۔۔ بک انسان جي فطرت ۾ آهي پر ان بک جو پورائو حدود الله سان ڪيو ويندو ته حلال ۽ جيڪڏهن ان کان ٻاهر نڪري ويندو ته حرام آهي، ناجائز آهي ۔۔۔ اهڙي نموني سان انسان جي فطرت ۾ جيڪي به شيون آهن انهن جو پورائو ڪرڻ ڪا خرابي ناهي بلڪه انهن کي پوري ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي پر حدود الله جي اندر ۔۔۔

    هن ڳالهه تي اڃان بحث ٿئي ۽ ڳالهه کي سالڪن جي حوالي سان کولجي ته ممڪن اڃان وڌيڪ فيض حاصل ٿئي ۔۔۔ ڳالهه آهي ڳوڙهي ۽ سمجهه جي انڪري ان مٿي ڪيل ڳالهه تي ته ڪتاب لکي سگهجن ته پر جيڪڏهن سمجهه ۾ اچي وڃي ته انهن لفظن مان به اچي سگهي ٿو ۔۔۔ صرف فڪر جي ڦرهي ساڻ هجي ۔۔۔

    انتظار رهندو ۔۔۔۔

    بيشڪ اوهان سچ چيو ۽ سالڪن جي به اها ئي تعليم آهي ۔۔۔۔

    هن همراهه جي حقيقي قصي مان هڪ ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته همراهه ڪم سانگي يا پڙهائيءَ سانگي ٻاهر هليو ويو ۽ اتان جو ئي ٿي ويو ۽ بعد ۾ سندس مڙهه موٽائي ڳوٺ ۾ ئي دفن ڪيو ويو ۔۔۔ جنهن ڳوٺ جي مٽي هئي ان ڳوٺ ۾ ئي اچي دفن ٿي ۔۔۔ اوهان ٿورڙو سمجائيندا ته ان ۾ خرابي ڪهڙي آهي ٿي ؛ ڇا کيس ڪراچيءَ ۾ وڃي پڙهڻ نه گهربو يا وري کيس شادي ڪرڻ نه گهربي هئي يا وري مرڻ کانپوءِ کيس ڳوٺ ۾ دفن ٿيڻ نه گهرجي ها يا وري ان سڄي مصروفيات ۾ کيس ڳوٺ سان ناتو نه ٽوڙڻ گهرجي ها ۔۔۔ ٿورڙو سمجهائيندا ته ممڪن سمجهه ۾ اچي ۔۔۔

    دنيا جو ڪجهه لذتون انساني ضرورتون ٿي وينديون آهن، ۽ دنياوي ضرورتون حاصل ڪرڻ نفساني خواهش هوندي آهي ۔۔۔ سوال ته ڇا هر نفساني خواهش پوري ڪرڻ زهر آهي؟ يا وري هر نفساني خواهش جو پورائو بيشڪ جائز طريقي سان ڪيو وڃي اهو بيچيني، پشيماني يا اّضطراب ڏي ٿو؟

    ٻي حصي جو انتظار رهندو ۔۔۔
    [/justify]
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مون ائين سمجهيو

    سائين معضرت سان جواب ڏيڻ ۾ ٿوري دير ٿي آهي ان جي وجھ سائنسي مشين جي خرابي هئي اڄ ڪمپيوٽر واپس آيوآهي، هاڻي وري بجلي جي وڃڻ جو ٽائيم پڻ ٿي ويو آهي ان لاء اڄ جواب ڏيڻ جي معضرت انشاء الله سڀاڻي ان جو جواب به ڏينداس ۽ ٻيو حصو به لکڻ شروع ڪندس جي زندگيءَ جو ساٿ رهيو ته

    وسلام
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: مون ائين سمجهيو

    سائين نثار جا احسان ۽ ان جا جواب
    سائين مون عرض ڪيو هو ته آ پاڻ اصلاح جي مرحلي مان گذري رهيو آهان ۔
    سائين اوهان جو سوال هو ته ڇا هر خواهشِ نفساني جو پورو ڪرڻ زهر آهي ته سائين سالڪن جو چوڻ آهي ته نفس جي طرفان اڀرندڙ هر خواهش زهر ئي آهي ، قرآن جي تيرهين سپاري جي شروعات ۾ اوهان ڏسندؤ ته اقرارِ زُليخان ( آ پناھ ٿي گهران نفسِ عماره کان جيڪو هر وقت انسان کي بُرائي جو حڪم ڏئي ٿو ) حديثِ قُدسي آهي ( هڪ خواهش آهي تنهنجي هڪ خّواهش آهي منهنجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔)
    انسان پنهنجي خواهش خدا جي خواهش جي مطابق گذارڻ کي عبادت ڇئبو آهي ۽ فطرت آهي ئي اهو علم جيڪو انسان کي الله جي قريب ڪندو آهي هر اها خواهش جيڪا حُڪمِ خدا جي خلاف هجي سا نفسِ لوامه جي طرفان ناهي هوندي بلڪه اها خواهش نفسِ عماره جي طرفان هوندي آهي ۔
    اسان وٽ اڪثر عادت ۽ عبادت ۾ غور ڪري ڏسو انشاءِ الله فڪري نور عيان ٿي پوندي
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو