جواب: وڇوڙو۔۔! ادا آرزو بهترين ڊزائن آهي يقينن اُهي پراڻيون يادو ، اهي ڏينهن ، اهي دوست ۽ اهي گهڙيون وسارڻ ڪي سوليون ڪونه هونديون آهن۔ توڙي جو زندگيء جي ڪجه لمحن ۾ انسان اهي سڀ ڳالهيون وساري به ڇڏيندو آهي پر وري ڪنهن موڙ تي اهي يادون روئاري وجهنديون آهن ۽ وري وري پيون ذهن ۽ خيالن تي سوار ٿينديون آهن۔ وڇوڙي جا لمحا ۽ وڇوڙي جا گهاء زندگيء ڀر ڪونه وسرندا آهن
جواب: وڇوڙو۔۔! بس ادا سليمان وڇوڙن جا ڪهڙا ٿا قصا ڇيڙيو ..... ابا جهونيون دليون به جهوني جا قصا ياد ڪري جوان ٿيو پون ۽ حسرتن جا اولامبا پيون اڇلين. پر يار جي نصيب ۾ ملڻ هوندو آهي ته زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي انسان ملي پوندو آهي ۔ جي سڪ ۾ سچائي آهي ته پوء ميلاپ ضرور ٿيندو آهي
جواب: وڇوڙو۔۔! بس يار علي علي فقير به ڪُٺا پيا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ فقير لڳي ٿو انهن وڇوڙن ئي بڻايو آهي اوهان کي۔۔۔۔۔۔ دعا آهي ته پنهنجن پيارن سان خوش هجو۔
جواب: وڇوڙو۔۔! بس سائين لطيف سرڪار جي ڳاله واگر ته وري ورندو واءُ وري وسندا مينهن وڇوڙي جا ڏينهن رهي رهندا ڪيترا