ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم اسيمبلي جي فلور تي ڪو بيان ڏئي ته ان کي وزن ڏيڻو پوندو آهي، نيب ترميمي آرڊيننس جاري ٿيڻ جي تاريخ ۾ لڳي ٿو ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي، ڪالهه چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ جسٽس غلام رباني ۽ جسٽس خليل الرحمان رمدي تي ٻڌل ٽه رڪني بينچ نيب ترميمي آرڊيننس خلاف نواز ليگ سينيٽر ظفر علي شاهه جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواستگذار ظفر علي شاهه عدالت آڏو پيش ٿيندي چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر وزيراعظم جي تقرير جو رڪارڊ فراهم نه ڪري رهي آهي، جنهن ۾ هن بيان ڏنو هو ته نيب ترميمي آرڊيننس جاري ڪرڻ وقت کانئس ايڊوائيس نه ورتي هئي، اٽارني جنرل چيو ته قومي اسيمبلي کان وزيراعظم جي اها تقرير حاصل ڪئي ويندي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري رمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم پاران موڪليل ايڊوائيس بابت پيش ڪيل دستاويز ۾ لڳي ٿو تاريخ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن وزيراعظم قومي اسيمبلي جي فلور تي بيان ڏئي ٿو ته ان بيان کي وزن ڏيڻ گهرجي، ظفر علي شاهه چيو ته اٽارني جنرل مولوي انوار الحق پاران پيش ڪيل رڪارڊ ۾ به معلومات موجود آهي، چيف جسٽس اٽارني جنرل کي چيو ته اوهان عدالت ۾ پيش ڪيل رڪارڊ ۾ وزارتي سطح جي اندروني لکپڙهه کي شامل ڪيو آهي پر وزيراعظم جي بيان جو بيان پيش نه ڪيو آهي، عدالت اسيمبلي فلور تي وزيراعظم جو بيان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان