• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بادشاهي مسجد، داتا درٻار ۽ گورنر هائوس جي پيش امامن جنازي نماز نه پڙهائي

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
لاهور جي ڪمشنر خسرو پرويز جي واضح اعلان باوجود بادشاهي مسجد جي خطيب مولانا خبير آزاد گورنر سلمان تاثير جي جنازي نماز ادا نه ڪرائي، ڪمشنر خسرو پرويز جنازي نماز کان ڪجهه گهڙيون اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته جنازي نماز بادشاهي مسجد جو خطيب مولانا خبير آزاد ادا ڪرائيندو پر جڏهن ميڊيا خبير آزاد سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته هو جنازي نماز پڙهائڻ نه پيو اچي ، ڇاڪاڻ ته هو لاهور ۾ ئي ناهي، جڏهن ته ذريعن موجب مولانا خبير آزاد لاهور ۾ ئي هو، ٻئي پاسي ذريعن اهو به ٻڌايو ته سلمان تاثير جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ داتا درٻار جي مسجد جي پيش امام کي چيو ويو ته ان به انڪار ڪري ڇڏيو، ان بعد گورنر هائوس جي مسجد جي پيش امام کي چيو ويو ته هن پڻ انڪار ڪيو، جنهن بعد پيپلزپارٽي علماءَ ونگ جي جنرل سيڪريٽري علامه افضل چشتي گورنر سلمان تاثير جي جنازي نماز پڙهائي.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: بادشاهي مسجد، داتا درٻار ۽ گورنر هائوس جي پيش امامن جنازي نماز نه پڙهائي

وتاي فقير جي ڳاله وانگر جن پڙهائي اهي به پڇتائيندا جن نه پڙهائي اهي به پڇتائيندا ها ها ها
 
جواب: بادشاهي مسجد، داتا درٻار ۽ گورنر هائوس جي پيش امامن جنازي نماز نه پڙهائي

وتاي فقير جي ڳاله وانگر جن پڙهائي اهي به پڇتائيندا جن نه پڙهائي اهي به پڇتائيندا ها ها ها

هل چري ۔۔۔!!!
کولي سمجهايو ۔۔۔وتائي وارو قصو ؟
 
جواب: بادشاهي مسجد، داتا درٻار ۽ گورنر هائوس جي پيش امامن جنازي نماز نه پڙهائي

وتاي فقير جي ڳاله وانگر جن پڙهائي اهي به پڇتائيندا جن نه پڙهائي اهي به پڇتائيندا ها ها ها

=))=))۔۔۔۔۔۔۔هيڏهان باھ هيڏهان پاڻي۔۔۔فقير وڃي ته وڃي ڪاڏي۔۔۔؟
 
جواب: بادشاهي مسجد، داتا درٻار ۽ گورنر هائوس جي پيش امامن جنازي نماز نه پڙهائي

هل چري ۔۔۔!!!
کولي سمجهايو ۔۔۔وتائي وارو قصو ؟

سائين جن نماز نه پڙهائي انهن کي حڪومت ڪونه ڇڏيندي ۽ جن پڙهائي ان کي طالبان ۽ ملان ڪونه ڇڏيندا سو عاشق جي ڳاله وانگر ملو وڃي ته ڪاڏي وڃي =))=))=))
 
Back
Top