ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
لاهور جي ڪمشنر خسرو پرويز جي واضح اعلان باوجود بادشاهي مسجد جي خطيب مولانا خبير آزاد گورنر سلمان تاثير جي جنازي نماز ادا نه ڪرائي، ڪمشنر خسرو پرويز جنازي نماز کان ڪجهه گهڙيون اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو هو ته جنازي نماز بادشاهي مسجد جو خطيب مولانا خبير آزاد ادا ڪرائيندو پر جڏهن ميڊيا خبير آزاد سان رابطو ڪيو ته هن ٻڌايو ته هو جنازي نماز پڙهائڻ نه پيو اچي ، ڇاڪاڻ ته هو لاهور ۾ ئي ناهي، جڏهن ته ذريعن موجب مولانا خبير آزاد لاهور ۾ ئي هو، ٻئي پاسي ذريعن اهو به ٻڌايو ته سلمان تاثير جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ داتا درٻار جي مسجد جي پيش امام کي چيو ويو ته ان به انڪار ڪري ڇڏيو، ان بعد گورنر هائوس جي مسجد جي پيش امام کي چيو ويو ته هن پڻ انڪار ڪيو، جنهن بعد پيپلزپارٽي علماءَ ونگ جي جنرل سيڪريٽري علامه افضل چشتي گورنر سلمان تاثير جي جنازي نماز پڙهائي.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان