• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
wtjgo8.jpg


وزير اعظم يوسف رضا گيلاني اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي تيل جي قيمتن ۾ ڪيل هاڻوڪي واڌري کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي۔​
 
جواب: وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

پر ڇا واپارين جيڪي قيمتون ضروريات زندگيءَ تي اعلان شرط ئي وڌايون آهن، اهي به ساڳيءَ طرح قيمتون گهٽ ڪندا ۔۔۔۔؟

هي حڪومتي عمل اهڙو آهي ۔۔۔ جو قوم جي منهن تي ٺڪاءُ ٿڦ هڻي ڪڍي ۽ پوءِ چوي ”معاف ڪجو“ وري به شابس اٿن ڀلا نه به گهٽائن ته ڀلا اسان ڪهڙا وڻ ڪيرائي وجهنداسون ۔۔۔؟؟؟

واڳ ڌڻيءَ جي وس آهي ۔۔۔ باقي الله الله خئير سله ۔۔۔
 
جواب: وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

تمام سٺي خبر آهي

هاڻي جيڪڏهن ائين چئجي وڙهيا چور ڀلو ٿيو ڀاڳين جو

وقتائيتي خبر ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني سائين

سدائين گڏ
 
جواب: وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

ادا پيٽرول پمپ وارن پمپ بند ڪري ڇڏيا آهن

اهي ته ان ڳالهه لي مڃن ئي ڪون ٿا
 
جواب: وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

ادا پيٽرول پمپ وارن پمپ بند ڪري ڇڏيا آهن

اهي ته ان ڳالهه لي مڃن ئي ڪون ٿا

ها ادا ڇو نه بند ڪندا جي 5 روپيه وڌائڻ واري ڳالهه هجي ها ڪڏهڪو ان تي عمل ڪري ڇڏين ها

۽ وري عوام کي اهڙا ته دليل ڏين ها جو وڃي ٿيا خيئر:)):)):)):))

سدائين گڏ
 
جواب: وزير اعظم پاران تيل جي قيمتن ۾ ڪيل واڌارو واپس وٺڻ جو اعلان

دوستو هن اعلان تي عمل رات جو ٻارهين کان شروع ٿي ويندو۔

ٻي ڳاله ته ٽرانسپورٽرن به اعلان ڪيو آهي جيڪو واڌارو ڪراين ۾ ڪيو ويو هو سو واپس۔

باقي رهي ڳاله ته جيئن به ٿيو پر غريب عوام جو ڪجه ته فائدو ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top