سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ جو پارٽ نمبر 6 ، 7، ۽‌ پارٽ نمبر 8

    پيارا دوستو ۽ سنڌ سلامت جا ساٿيو، جيئن ته سنڌي فلم چيڪ پوسٽ جا پارٽ نمبر ا ، 2، 3، 4، 5، توهان سان هيٺ ڏنل لنڪ تي اڳ ۾ ئي ونڊ ڪري چُڪو آهيان۔
    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9379

    http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=9427
    اڄ توهان سان هن فلم جا مزيد پارٽ نمبر 6، پارٽ نمبر 7 ۽ پارٽ نمبر 8 شيئر پيو ڪريان۔ هنن حصن ۾ ٻين ساٿي فنڪارن سان گڏ وري به ڪنهن هڪ اڌ سين ۾ توهان جو جهونو نثارناز ۽ سنڌ سلامت جو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون عرف شينهن سمون ضرور نظر ايندا، نون دوستن کي عرض آهي ته هو مٿي ڏنل لنڪ تان هي فلم مُنڍ کان ڏسن جيئن هن فلم جو تسلسل برقرار رهي سگهي، توهان جي تبصري، ڪامينٽس ۽ اصلاحي تنقيد جو شدت سان منتظر رهندس۔
    پيش آهي محترم عبدالمجيد سولنگي ٽالپر ڪالوني ٽنڊو محمد خان جي ٿورن سان فلم چيڪ پوسٽ جو پارٽ نمبر 6 پارٽ نمبر 7 ۽ پارٽ نمبر 8۔​


    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ نمبر 6​



    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ نمبر 7​



    سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ نمبر 8​


     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

    سائين هاڻي ئي ٿا ڏسو جهوني صويبدار جا ايڪش =D>:xپوء ٿا ڪيون ٻيون ڳالهيون
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

    [justify]پو علي علي ڪر خبر ڪيئن لڳا جهوني جا ايڪشن۔ تنهنجي هن ٽنهي حصن تي توهان جي ڪامينٽس جا شدت سان انتظار پيا ڪريون سموري يونٽ وارا۔ پليز ٿورو جلدي۔ فلم جو پروڊيوسر عبدالمجيد سولنگي توهان جا سمورا ڪامينٽس هتان ڪاپي ڪريو هن فلم جي باري ۾ پنهنجو مڪمل رڪارڊ بنائي رهيو آهي۔ ڪو دوست ذاتي طور تي محترم عبدالمجيد سولنگي سان رابطو ڪرڻ چاهي ته سندس هن [/justify]
    موبائل نمبر 03332808653​

    تي هن فلم جي باري ۾ پنهنجا اصلاحي ڪامينٽس نوٽ ڪرائي سگهي ٿو۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8


    سائين ادڪاري ۾ محنت سڀني پنهنجي جا تي تمام سٺي ڪئي آهي پر سائين اسان جي ذهن ۾ خاڪو خطرناڪ اصل گهر ڪري ويو آهي سائين اسان جي پاران خاڪو کي اهو پيغام ڏجو ته سهڻا هوٽل بند ڪري اميتاب بچن وانگر ميڊيا جو رخ ڪر بس پوء الله کٽائيندئي ۔ ۔ ۔ ۔
    سائين اوهان جا جوهر ۽ آرڊر ته بس اصل صفا آفيسرن وارا آهين اوهان وردي ۾ تمام گهڻا ٺهو پيا اسان کي ته اهو به احساس نه هيو ته هي ڪو جهونو شينهن آهي =))=)) سائين اسان وارو يار ٻڪري واري جي اداڪاري به تمام سٺي آهي پر کدڙي جو ڪردار نڀائيندڙ جي هليي ۽ ڊريس تي توجه ڏيڻ جي ضرورت هئي ۽ خاص ڪري ان جو هلڻ ۽ تاڙي وڄائڻ لازمي هوندو آهي ۽ هلڻ به چيلهه کي لوڏي ڪري هلڻ هوندو آهي ان کي ان طرف توجه ڏيڻ گهرجي ها ۔۔۔
    سائين چوڪي تي ريڪارڊنگ دوران خاص ڪري جنهن مهل خاڪو خطرناڪ ايندو آهي هواتيز هئي جيڪا ريڪارڊنگ ۾ به آئي آهي ان ڪري کليل جڳهه تي ريڪارڊنگ ۾ اهو خيال ضرور رکيو ويندو آهي ته هوا بلڪل نه هجي شايد اها محدود وسائل جي ڪري ڪمي رهجي وئي ۔ کدڙي جي چوڪي وٽ ڊانس مهل سنڌي فلم ۾ پنجابي گانو ٿورو عجيب لڳو پر جي هي ڪلام هجي ها ته اڃا سٺو لڳي ها
    مون کي تنهنجي پيار مست ڪيو آ شمن ميرالي ۔۔۔۔

    وڌيڪ پاڻ واري ملوڪ سپاهي تي موالي جو ڪردار به تمام سوٽ ڪندو ڇو ته هلندو آهي ته به مون وانگر ڪٻو ( چيله ننوائي ) ٿي هنلدو آهي ائين لڳندو آهي سڀئي عضوا اکڙيل اٿس مطلب ته انجڻ جا نٽ ڍلا اٿس

    باقي سائين جنهن مهل ملوڪ سپاهي ٻڪري واري کي ٻڪري ڏيڻ آيو ته ڀت تي پٺيان بيٺل ڪيمرا مين يا ٻي ڪنهن جو پاڇو نظر اچي رهيو هو ۔ ۽ ملوڪ چئي رهيو هوس ته ڪنهن کي خبر نه پوي ۔ ۔ ۔۔ ۔ ۔
    بحر حال تمام بهترين ۽ اسان پاران سڄي سٿ کي تمام گهڻيون مبارڪون قبول هجن

     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

    سائين نثار ناز جي تصوير ڏسي ۔۔۔ ڀاڱو ستون( 7) ۾ هڪ گانو ڏٺوسين، منظر نگاري ته سٺي آهي ۔۔۔ گيت به ڀلو آهي ۔۔۔ لوڪل فلم جي لحاظ سان اداڪار به هڻ کڻ لڳا پيا آهن ۔۔۔ گاني ڏسڻ کانپوءِ جيئن ئي سائين نثار ناز آيو ته اصل ڄڻ گاني وارا ٿڪ ئي لهي پيا ۔۔۔

    لڳو ته ڪنهن ٿاڻي ۾ هڪ روبدار پوليس آفيسر ويٺو هجي، آفيس ۽ ورديون اصل لڳن پيون ۽ سٺي منظر نگاريءَ سان گڏ سائين نثار ناز جي اداڪاري پڻ وڻندڙ آهي ۔۔۔

    ڇا ڪجي جنهن قوم وٽ ادارا تباهه ۽ برباد هجن ات اسانجا اهي لوڪل اداڪار ۽ سنڌي ڏاها پنهنجي فن کي جيئري رکڻ لاءِ پيا پاڻ پتوڙن ۔۔۔ شابس هجي دوستن کي ۔۔۔

    لک ٿورا سائين نثار ناز ۔۔۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

    [-o<
    پيارا علي علي تنهنجا اصلاحي ڪامينٽس نوٽ ڪيا ويا آهن، انهن اصلاحي ڪامينٽس ۽ توهان جي مفيد مشورن کي سامهون رکي ايندڙ ٽيلي فلم کي پنهنجي منطقي انجام تائين ضرور پهچائينداسين۔ توهان جي مشورن تي يونٽ جي هدايتڪارن ، پروڊيوسر، اداڪارن سڀني عمل ڪرڻ جو باقائده وچن ڪيو آهي۔ کدڙي جي ڪردار کي بقول توهان جي اڃا به گهڻو سُڌاري سگهجي پيو مزي جهڙي ڳالهه ته پوري شهر ۾ جنهن اداڪار کي اسان انهي ڪردار نگاري ڪرڻ لا سليڪٽ ڪيو هو اهو انهي ڪردار لا پنهنجي رنگ روپ ، چال ڊال وڏي ڳالهه ته اداڪاري ڪرڻ لا هڪ دم فٽ هيو پر عين ٽائيم تي اُن فنڪار چيو ته کدڙي جو ڪردار هُو ڪونه ڪندو، اِي اين جِي (ڪيئميرا) ۽ سمورو يونٽ پهچي چُڪو هو، اهڙي قسم جي ڪردار ادا ڪرڻ لا هرڪو لنوائيندو آهي ڇو جو پاڙي پتي، محلي شهر ۾ اهڙي قسم جي ڪردار جي ڇاپ تقريبن ان فنڪار تي لڳي ويندي آهي ، جيئن مون توهان کي خاڪو خطرناڪ جو مثال ڏنو ته چيڪ پوسٽ جي رليز ٿيڻ کان پهرين ساري شهر ۾ ان فنڪار کي اوچتو جلال ڪري سڏيو ويندو هو، فلم جي ريليز ٿيڻ کان پو گهٽي گهٽي ۾ ان جو نالو اوچتو جلال لهي ويو ۽ هرڪو ان کي خاڪو خطرناڪ پيو سڏي بلڪل اهڙي طرح کدڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ ڪنهن به فنڪار لا تمام مشڪل هوندو آهي سو عين ٽائم تي شابس هُجي ان فنڪار کي جنهن اهو ڪردار ادا ڪرڻ جي حامي ڀري، پر ان وري به چيو ته هو پنهنجون مُڇون ڪونه ڪُوڙائيندو، ان اداڪار کي شابس هُجي جو پهريون دفعو ڪئميرا جي سامهون آيو پو به جهڙو تهڙو اهو تمام ڏکيو ڪردار ادا ڪري ويو۔باقي رهي ڳالهه پنجابي گاني واري دوست هونئن ته دنيا ۾ هر شي هلي ويندي آهي پر ڪنهن فلم ۾ ڪنهنجو گانو بغير پرميشن جي هلايو وڃي ته ايترو ته طوفان کڙو ٿيو وڃي ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت ان گاني جو شاعر، ان گاني جو فنڪار، ان گاني کي جتان ريليز ڪرايو ويو آهي اها ڪمپني اصل هٿ ڌوئي پويان پئجي ويندي آهي. هن فلم ۾ جيڪي ٻه سنڌي گانا پڪچرائيز ڪيا آهن انهن گانن جي باقائده ماڃر رڪارڊنگ ڪمپني کان پرميشن ورتي آهي تڏهن اهي گانا هن فلم ۾ ان ٿيا آهن. جيئن ته هن فلم ۾ لڳايل پنجابي گانو آهي ته وري به ڪنهن فنڪاره جو منهنجي خيال ۾ مرحومه ملڪه ترنم نورجهان جو سا حال حياتي ڪانهي ان ڪري دل نه چاهيندي به ان گاني کي لڳايوسين. منهنجي خيال ۾ منهنجي ڳالهه تون سمجهي ويو هوندين۔ باقي کدڙو ويچاروخاڪو خطرناڪ جي ور چڙهيو آهي ان جو ڪهڙو حشر ٿو ٿئي مان ايڊوانس ۾ ڪونه ٻُڌائيندس ايندڙ قسطن جو مزو گهٽجي ويندو۔توهان کي سڀني اداڪارن جي اداڪاري ۽ مون جهوني جي اداڪاري وڻي ان لا فلم چيڪ پوسٽ جا سمورا فنڪار انتهائي نازان آهن ۽ توهان جا ٿورا ادا ڪن پيا۔ انشاالله ايندڙ فلم ۾ توهان جي نشاندهي ڪيل ننڍين وڏين ٽيڪنيڪلي غلطين تي قابو پائي وٺنداسين۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٽيلي فلم چيڪ پوسٽ پارٽ 6، 7، 8

    محترم سائين نثارابڙا صاحب توهان جي مهرباني جو توهان ٻين ڀاڳن جي نسبت ڀاڳو نمبر ست مشاهدي هيٺ آندو توهان کي گيت وڻيو، مون جهوني جي اداڪاريءَ توهان جا ٿڪ لاهي ڇڏيا، دوست اهو انهي ڪري جو توهان جا پريم مون جهوني لاءِ ڪنهن کان ڳُجها ڪونه آهن ، توهان سڀني اداڪارن لاءِ پڻ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي۔ دوست مونکي اميد آهي ته توهان هن فلم جا سمورا ڀاڱا ڏسندا ۽ ايندڙ قسطون به ضرور ڏسندا ۽ پنهنجو مڪمل اصلاحي تبصرو اسان سان ضرور ونڊ ڪندا۔ فلم چيڪ پوسٽ جو سمورو يونٽ توهان جو انتهائي ٿورائتو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو