ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو
ماهرن جو چوڻ آهي ته پيءُ کي سندن ٻارن سان ڳالهه ٻولهه دوران نوان لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن جنهن سان ٻار جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ۽ ٻار پنهنجي ٻولي ۽ ادب مان واقف ٿئي ٿو۔ان کان علاوه والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن کي به نصابي سرگرمين کان علاوه ٻين ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين مان به واقف ڪندا رهن۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت ٻارن جي ادب بابت ۔۔ ٻارن جي هڪ بهترين ليکڪ ۽ محقق خالد آزاد وگهيو صاحب ( خالد آزاد وگهيو صاحب اصل ڳوٺ ’جلال وگهيو‘ ٽپال گهر مسوڀرڳڙي ضلعو حيدرآباد جو رهائشي آهن، ۽ پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ائڊمن جي حيثيت سان ملازمت ڪري رهيا آهن ۽ ان سان گڏ ٻارن جي مقبول رسالي ’ادا سائين‘ جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهن، خالد آزاد وگهيو صاحب سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي کوڙ سارو ڪم ڪري چڪا آهن ، سندن جا ”6 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن“ انهن ۾ هڪ ٻاراڻو ناول ”سج اڀرڻ کان پوءِ“ تمام دلچسپ ناول آهي پاڻ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ جاکوڙ لاءِ هر وقت مصروف رهندا پيا اچن، خاص طور تي ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ هن کوڙ سارا پروگرام ۽ سيمينار پڻ ڪرايا آهن. خالد آزاد وگهيو صاحب نثر کان علاوه پاڻ تمام بهترين شاعري پڻ ڪئي اٿن، سنڌ سلامت جا ساٿيو خالد آزاد وگهيو صاحب سان پنهنجي به سٺي سلام دعا ۽ دوستي آهي، ڪافي سال پهرين مان جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بڪ اسٽال تان سنڌي ادب جا ڪتاب خريد ڪرڻ لاء ويو هئس ته اتي هن محب ماڻهون سان پهرين ملاقات ٿئي هئي، ۽ پاڻ پهرين ملاقات ۾ ئي مون سان پيار محبت ۽ پاٻوهه سان مليا هئا ۽ گرم گرم چانهن ۽ بسڪيٽ نوش ڪرايا هئائون، ۽ مون کي چيائون ته ممتاز توهان مون کي ڪو نه سڃاڻو مگر مان توهان کي سڃاڻان ۽ توهان جو نالو ٻارن جي رسالي گل ڦل ۾ پڙهندو رهندو آهيان۔۔۔ ۔ پاڻ ادا سائين جي هر پروگرام جي دعوت به موڪليندا رهندا آهن پر هت ڪراچي جي ڪجهه مصروفيت جي ڪري مان انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء وڃي ناهيان سگهندو۔ جنهن جو مون کي پڻ افسوس آهي۔۔مگر پاڻ ڪڏهن به مون کي هنن ناهي وساريو ۽ پوء به پيا دعوت موڪليندا آهن ) ، ۽ ڊاڪٽر بختاور ڄام صاحبه ( ڊاڪٽر بختاور ڄام پيشي جي حساب سان ته هڪ ڊاڪٽر آهن، پاڻ ساٿي ٻارا سنگت ۾ سرگرم رڪن آهن ۽ پاڻ هڪ ڪالم نويس آهن بختاور صاحبه جا ڪيترائي ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿئي چڪا آهن۔ پاڻ ٻاراڻي ادب لاء به ڪم ڪري رهيون آهن ) جي هڪ ڪي ٽي اين جي پروگرام اپٽار ۾ گفتگو ٿئي گذري آهي جنهن کي هت سنڌ سلامت جي ساٿين لاء پڻ پيش ڪجي ٿي۔ اميد ته پسند ايندي۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=qPARIlLKIgw
http://www.youtube.com/watch?v=0NviKZTOOSo
نوٽ۔۔۔ ٻاراڻو سنڌي ادب پڙهڻ لاء توهان سنڌي ادبي بڪ بورڊ جي سائيڊ تان هت هن لنڪ ( سنڌي ٻاراڻو ادب ) ڪلڪ ڪري ٻاراڻي سنڌي ادب کي پڙهي سگهو ٿا۔ ۔