ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو ​
    ۔

    [​IMG]
    ۔ٻار جيڪي محبت ۽ پيار جي علامت هوندا آهن، جن جون مرڪون ڪنهن حسين نديءَ جي اُجري پاڻيءَ کان وڌيڪ وڻندڙ ٿين ٿيون، جن جون ٻاتيون ٻوليون ڪائنات جي سمورن رنگن کان وڌيڪ سڪون پهچائيندڙ هونديون آهن، جن کي ڏسندي سموري زندگيءَ جا ٿَڪَ لهي وڃن ٿا، انهن ٻارڙن جي ذهني تربيت لاءِ دنيا جي سمورن زبانن جي حوالي سان تمام گهڻي کوٽ موجود آهي. جڏهن ته سموري دنيا جون سڌريل قومون هميشه ان ڳالهه جو تعين ڪنديون آهن ته سماج جي بنيادي ايڪي ”ٻار“ جي تعليمي، ادبي، ثقافتي ۽ شعوري آبياريءَ لاءِ اهڙا ڪهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جو سڀاڻي اُهو ٻار، پنهنجي ملڪ، قوم، سماج، ڪلچر، تاريخ ۽ ڌرتيءَ لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري سگھي. مگر اهيا اسان جي بدقسمتي آهي جو اسان پنهنجي ٻارن کي معياري ادب پڙهڻ لاءِ نه ڏئي سگهيا آهيون. سچ ته ٻاراڻو ادب هر ٻوليءَ جي ادب ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو، اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪجهه اهڙا ليکڪ موجود آهن جن سچائيءَ سان سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ پئي ڪوششون ورتيون آهن، انهن ٿورن ليکڪن ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب جون ڪوششون قابل تعريف آهن، علم ۽ ادب سان محبت رکندڙ قومون ئي معاشري ۾ ترقي ڪنديون آهن. ٻارن ۾ علم، ادب جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ننڍپڻ کان ئي منجهن ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي ٻاراڻي ادب جون ڪهاڻيون وٺي ڏجن جن کي اهي گهر ۾ پڙهندا رهن يا وري مارڪيٽ مان انهن لاء ٻاراڻي ادب جا رسالا پڻ وٺي انهن کي ڏجن جن کي هو نندپڻ کان ئي پڙهندا رهن ۔۔۔۔۔۔۔ مون کي اڄ به ياد آهي ته اسان جڏهن دادو جي شهر ۾ اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ته اتي اسان جو سبجيڪٽ ٽيچر سائين علي گوهر سومرو صاحب اسان لاء گل ڦل رسالو کڻي ايندو هو هو جيڪو اسان ان وقت ۾ چار رپين ۾ وٺندا هئاسين ۽ تمام وڏي شوق مان پڙهندا هئاسين ۽ انهن رسالن ۾ خط لکي ڪري ان ۾ قلمي دوستي، واري سيڪشن ۾ يا پوء لطيفه موڪلي ڪري پنهنجو نالو به شايع ڪرائيندا هئاسين، ان کان علاوه هڪ اسپيشل سنڌي ادب جو جاکوڙي خدمتگار پروانو ڀٽي صاحب به اسان جي اسڪول ۾ ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽ رسالا کڻي ايندو هو۔ جڏهن ته اهو ويچارو هلڻ ۾ به تڪليف برداشت ڪندو هو مگر جس هجي اهڙي جاکوڙي کي جيڪو سنڌ جي تمام اسڪولن ۾ اهي ٻاراڻي ادب جا ڪتاب ۽ رسالا پهچائيندو هو۔ ۽ پنهنجي روزي سان گڏ ٻاراڻي سنڌي ادب جي خدمت ڪندو هو۔
    ماهرن جو چوڻ آهي ته پيءُ کي سندن ٻارن سان ڳالهه ٻولهه دوران نوان لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن جنهن سان ٻار جي صلاحيت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ۽ ٻار پنهنجي ٻولي ۽ ادب مان واقف ٿئي ٿو۔ان کان علاوه والدين کي گهرجي ته اهي پنهنجن ٻارن کي به نصابي سرگرمين کان علاوه ٻين ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين مان به واقف ڪندا رهن۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت ٻارن جي ادب بابت ۔۔ ٻارن جي هڪ بهترين ليکڪ ۽ محقق خالد آزاد وگهيو صاحب ( خالد آزاد وگهيو صاحب اصل ڳوٺ ’جلال وگهيو‘ ٽپال گهر مسوڀرڳڙي ضلعو حيدرآباد جو رهائشي آهن، ۽ پاڻ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ائڊمن جي حيثيت سان ملازمت ڪري رهيا آهن ۽ ان سان گڏ ٻارن جي مقبول رسالي ’ادا سائين‘ جو اعزازي ايڊيٽر پڻ آهن، خالد آزاد وگهيو صاحب سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب تي کوڙ سارو ڪم ڪري چڪا آهن ، سندن جا ”6 ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن“ انهن ۾ هڪ ٻاراڻو ناول ”سج اڀرڻ کان پوءِ“ تمام دلچسپ ناول آهي پاڻ سنڌي ادب جي ترقيءَ ۽ جاکوڙ لاءِ هر وقت مصروف رهندا پيا اچن، خاص طور تي ٻاراڻي سنڌي ادب لاءِ هن کوڙ سارا پروگرام ۽ سيمينار پڻ ڪرايا آهن. خالد آزاد وگهيو صاحب نثر کان علاوه پاڻ تمام بهترين شاعري پڻ ڪئي اٿن، سنڌ سلامت جا ساٿيو خالد آزاد وگهيو صاحب سان پنهنجي به سٺي سلام دعا ۽ دوستي آهي، ڪافي سال پهرين مان جڏهن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بڪ اسٽال تان سنڌي ادب جا ڪتاب خريد ڪرڻ لاء ويو هئس ته اتي هن محب ماڻهون سان پهرين ملاقات ٿئي هئي، ۽ پاڻ پهرين ملاقات ۾ ئي مون سان پيار محبت ۽ پاٻوهه سان مليا هئا ۽ گرم گرم چانهن ۽ بسڪيٽ نوش ڪرايا هئائون، ۽ مون کي چيائون ته ممتاز توهان مون کي ڪو نه سڃاڻو مگر مان توهان کي سڃاڻان ۽ توهان جو نالو ٻارن جي رسالي گل ڦل ۾ پڙهندو رهندو آهيان۔۔۔ ۔ پاڻ ادا سائين جي هر پروگرام جي دعوت به موڪليندا رهندا آهن پر هت ڪراچي جي ڪجهه مصروفيت جي ڪري مان انهن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء وڃي ناهيان سگهندو۔ جنهن جو مون کي پڻ افسوس آهي۔۔مگر پاڻ ڪڏهن به مون کي هنن ناهي وساريو ۽ پوء به پيا دعوت موڪليندا آهن ) ، ۽ ڊاڪٽر بختاور ڄام صاحبه ( ڊاڪٽر بختاور ڄام پيشي جي حساب سان ته هڪ ڊاڪٽر آهن، پاڻ ساٿي ٻارا سنگت ۾ سرگرم رڪن آهن ۽ پاڻ هڪ ڪالم نويس آهن بختاور صاحبه جا ڪيترائي ڪالم مختلف اخبارن ۾ شايع ٿئي چڪا آهن۔ پاڻ ٻاراڻي ادب لاء به ڪم ڪري رهيون آهن ) جي هڪ ڪي ٽي اين جي پروگرام اپٽار ۾ گفتگو ٿئي گذري آهي جنهن کي هت سنڌ سلامت جي ساٿين لاء پڻ پيش ڪجي ٿي۔ اميد ته پسند ايندي۔۔
    http://www.youtube.com/watch?v=qPARIlLKIgw
    http://www.youtube.com/watch?v=0NviKZTOOSo

    نوٽ۔۔۔ ٻاراڻو سنڌي ادب پڙهڻ لاء توهان سنڌي ادبي بڪ بورڊ جي سائيڊ تان هت هن لنڪ ( سنڌي ٻاراڻو ادب ) ڪلڪ ڪري ٻاراڻي سنڌي ادب کي پڙهي سگهو ٿا۔ ۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو

    سنڌ چلڊرين فيسٽيول ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآَباد سنڌه​


    تحرير: ظفر علي منگي
    نٽ کٽ گروپ آف پبليڪيشن حيدرآباد ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان ڪجهه ڏينهن پهرين ممتاز مرزا آڊيٽوريم حيدرآَباد ۾ ٻارن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان سنڌ چلڊرين فيسٽيول منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي لڳ ڀڳ 2000 شاگردن ۽ ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ سئو ٻارڙن خصوصي طور تي شرڪت ڪئي _ فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي دلچسپي کي نظر ۾ رکندي منفرد مقابلن ۽ ڪرتب جو اهتمام ڪيو ويو _ اسان جي معاشري ۾ جتي ٻارڙن جي وندر ۽ تفريع لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه آهن اتي ڪنهن تنظيم يا اداري طرفان اهڙي ريت جا پروگرام ڪرائڻ سچ ته نئي نسل کي مثبت ۽ سٺي سوچ ڏانهن راغب ڪرڻ آهي _فيسٽيول ۾ اسڪولي توڙِي ٻوڏ متاثر ٻارڙن جي دلچسپي ۽ شموليت کي ڏسي ، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته سندس من کلي پيو هجي _ ڪو سندن اندر جي ڳالهه ڪري رهيو هجي _ سچ ته نٽ کٽ گورپ آف پبليڪشن جيڪو گذريل 20 سالن کان ٻاراڻي ادب تي ڪم ڪري رهيو آهي _ان جي انتظاميه کي جس هجي جنهن اهڙو ته منفرد پروگرام رٿيو جو ٻاڙن جي ذهنن تي نه وسرندڙ اثر ڇڏيا ۽ انهن کي تفريع جو موقعو فراهم ڪيو _ فيسيٽيول جو آغاز اسڪولي ٻارڙن طرفان ٺاهيل تصويري نمائش سان ٿيو _ هن نمائش ۾ حيدرآباد ، ٽنڊو الهيار چامشورو۽ ٻين ضلعن جي اٽڪل 16 کان وڌيڪ اسڪولن جي شاگردن جون تصويرون رکيون ويون _ جن ذريعي معاشري ۾ اهو پيغام پهچايو ويو ته ماحول کي آلوده ٿيڻ کان بچاءُ ، صحت جون خيال رکڻ ۽ صفائي سٿرائي رکڻ انسان جي لاءِ لازمي آهي جنهن کانسواءِ صحتمند معاشري جو قيام ناممڪن آهي _ تصويرن ۾ پڻ ٻارڙن جي ذهانت ڏسڻ وٽان هئي _ ڪٿي ننڍڙا، ڪچڙا ذهن…………؟ ڪٿي سندن طرفان ڏنل پيغام …………………..؟ بعد ۾ اسڪولن جي ٻارڙن طرفان تيار ڪيل سائنسي اوزارن جي نمائش به هئي جنهن ۾ شاگردن جي تخليقي صلاحيت کي ڏسڻ جو شاندار موقعو مليو _ استادن جي بهتر رهنمائي ۽ ٻارڙن جي صلاحيتن سان تيارڪيل اهي سائنسي اوزار ڪنهن وڏي ۽ عالمي سطح جي ايجاد کان گهٽ حيثيت رکندڙ نه هئا ………………فيسٽيول ۾ 6 اسڪولن جي ٻارڙن مختلف گانن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا _ هر هڪ ٽيبلو ۽ ان ۾ شاگردن جي پرفارمنس ڏسي يقين نه پيو اچي ته ٻارڙا به اهڙي پرفارمنس ڏئي سگهن ٿا _ حقيقت ۾ اهي ٽيبلوز ڪنهن پيشور اداڪاري کان گهٽ نه هئا _ هن فيسٽيول جي خاص ڳالهه اها هئي ته هن ۾ نه صرف تفريح هئي پر تدريسي ۽ نصابي سرگرميون پڻ هيون جنهن سان فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندڙن کي بلڪل حيرت ٿئي هوندي _ ننڍڙي عمر جا ٻارڙا جڏهن تقريري مقابلي لاءِ اسٽيج تي پهتا ته سندن اعتماد ، اشارن جو استعمال ، تاثرات ۽ خاص طور تي روانگي سان انگريزي استعمال ڪرڻ ويٺل مهمانن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو _ سڀ کان وڏي ڳالهه ته انهن ٻارڙن جي تقريرن ۾ جيڪي پيغام هئا اهي به معاشري ۾ ٻارن جي اهميت، ٻارن جي نشو نما ، وڏڙن ، استادن جو ادب ۽ براين کان پري رهي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ۽ محنت ڪرڻ جا هئا _ ماحول وڌيڪ پر لطف ان وقت ٿيو جڏهن سنڌ جو مشهور مزاحيه فنڪارقادر بخش مٺو اسٽِج تي پهتو سندس پهچڻ شرط ئي معصوم ٻارڙن جون خوشين واريون رڙيون ڪيهڪون ، کل ۽ مسڪراهٽ من کي موهي ڇڏيو ۽ اهو احساس جيءَ کي سرهو ڪري ويو ته شل هن ڌرتي جي ٻارڙن کي سدائين ائين کلندو، مسڪرائيندو ۽ ٽڙندو ڏسان…………..! قادر بخش مٺو جي ٽهڪڙن تي ٻارڙا پنهنجين ڪرسين تان اٿي، سڄي دنيا کان بي خبر، اڻ واقف کل ۾ ايترو ته مَهو ٿي ويا جو کين اها به ڀيت نه هئي ته ڀر ۾ ڪير آهي ……………………………… فيسٽيول ۾ شامل مهمانن ۽ اسڪولي ٻارڙن جي منهن تي همدردي واري احساس جو پاڇو ان وقت لڙيو جڏهن ٻوڏ سٽيل ٻارڙن کي اسٽيج تي گهرايو ويو جيڪي پنهنجي خوشي وچان گيت ٻڌائڻ لاءِ تيار ٿيا هئا _ سندن اٻوجهه ۽ معصوميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پوري فيسٽيول ۾ شامل مهمان ۽ اسڪولي ٻارڙا پنهنجي شاندار ۽ مهانگي لباس توڙِي جوتن سان بنا ڪنهن حجاب ۽ خوف کان اچي رهيا هئا_اتي ٻوڏ سٽيل، محرومين جا ماريل ۽ پنهنجي مستقبل کان وانجهيل ٻار پيرن ۾ سادي چپل پائي اسٽيج کان هيٺ ٿوري دير لاءِ بيهي رهيا __ اسٽيج تي موجود ڪمپيئر کين سڏيو ته انهن ٻارڙن پنهنجا چپل لاهڻ شروع ڪيا ۽ پيري اگهاڙي اسٽيج جي وچ واري حصي کان چڙهي آيا جڏهن ته اسٽيج تي هڪ پاسي کان ڏاڪڻ نما جاءِ پڻ ٺهيل هئي جيڪا انهن معصوم ٻارڙن کي خبر ئي نه هئي ته اسٽيج تي چڙهڻ لاءِ ڪهڙو رستو اختيار ڪجي _ ان باوجود ته اهي پوري پروگرام ۾ هر شخص کي ان ڏاڪڻ نما جاءِ تان لهندي چڙهندي ڏسي رهيا هئا پوري ماحول ۾ ماٺار، چپ ۽ اکين ۾ آلاڻ ته ان وقت ٿي وئي جڏهن انهن ٻارڙن مان هڪ ٻار گيت ٻڌايو…
    ”هن عيد تي جوڙا، او نوان جوڙا
    سي ڪيءَ پائيندا……………..؟
    ٻوڏن جا ماريل، سنڌي ستايل ماڻهو…“​
    سچ ته ان نينگر جي لباس ۽ چهري جي محرومين ۾ اهو واضع هو ته سندن غير يقيني واري زندگي ۽ حالتون ، مٿان وري عيد جو موقعو ……..؟ انهن جي لاءِ ته شايد عيد تي سٺو پچائي کائڻ لاءِ به ڪجهه نه هوندو ته وري نوان ڪپڙا سبرائي ڪٿان پائيندا….؟ فيسٽِول ۾ محفل موسيقي جو پڻ انتظام ڪيو ويو هوجنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو _ ان دوران پڻ ٻارڙن جي شموليت ڏسڻ وٽان هئي_ مطلب ته پوري فيسٽيول ۾ ٻارڙن جي وندر لاءِ جيڪو بندوبست ڪيو ويو ان تي جس هجي نٽ کٽ گروپ کي جنهن گهڻي وقت کانپوءِ اهڙو منفرد ۽ شاندار پروگرام ترتيب ڏنو _ فيسٽيول دوران ڪٽ پتلي شو به پيش ڪيو ويو جنهن دوران ٻارڙن کي صفائي سٿرائي جا پيغام اهڙي ته بهتر انداز سان ڏناويا ته جيئن کين تفريح سان گڏوگڏ بهتر تربيت به مهيا ٿئي_
    فيسٽيول جي صدارت سنڌي لينگويج اٿارٽي حِيدرآباد جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي ۽ يونيسيف سنڌ جي چيف ڊاڪٽر اينڊريو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي _ فيسٽيول کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته معاشري ۾ تبديلي ۽ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ جي لاءِ ٻارڙن جي بهتر پرورش، تعليم ۽ تربيت انتهائي لازمي آهي _ هن چيو ته ان سان نه فقط نئي نسل ۾ اخلاقي ۽ جسماني صلاحيتون وڌنديون پر معاشري مان براين جو پڻ خاتمو آڻي سگهجي ٿو _هن چيو ته چلڊرين فيسٽيول ۽ تقريري مقابلا ڪرڻ سان ٻارن جي همٿ افزائي ٿيندي ۽ اهي جديد دور جي چيلنجن کي آساني سان منهن ڏئي ترقي جون راهون عبور ڪري سگهندا _ان موقعي تي خاص مهما طور خطاب ڪندي ڊاڪٽر اينڊريو چيو ته پاڪستان جي ٻارڙن جون صلاحيتون ۽ اعتماد ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي _ هن چيو ته ٻارڙن جي معياري انگريزي زبان روانگي سان ڳالهائڻ ۽ همٿ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جو مستقبل روشن ۽ خوشحال هوندو_هن وڌيڪ چيو ته اسان معصوم ٻارڙن جي بهتر تعليم ۽ تربيت سان دنيا کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اميد آهي ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين _ هن نٽ کٽ گروپ آف پبليڪشن طرفان سنڌ چلڊرين فيسٽيول منعقد ڪرڻ جي واکاڻ ڪندي ان کي نئي نسل جي روشن مستقبل جي ضمانت قرار ڏنو_ فيسٽيول کي آجياڻي وارو خطاب ڪندي ناليواري اديب نواز علي ڀٽو چيو ته سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي ڪم نه ٿي رهيو آهي ۽ اهڙِن حالتن ۾ نٽ کٽ جي ڪوشش تعريف لائق آهي _ هن وڌيڪ چيو ته ان فيسٽيول ۾ اسڪولي ٻارڙن سان گڏ ٻوڏسٽيل ٻارڙن کي شامل ڪرڻ سان انهن ٻارن جي احساس ڪمتري ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي _ ان موقعي تي نٽ کٽ گروپ آف پبليڪشن حيدرآباد جي چيف ايڊيٽر محمد وسيم خان، يونيسيف جي نمائندن زهره نثار، مسٽر گرڊ، مرزا سليم بيگ، تاج جويو ، اياز عالم ابڙو ، ڊاڪٽر ثروت، خالد آزاد وگهيو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا _ بعد ۾ فيسٽيول ۾ تقريري مقابلن ۾ پهرين پوزيشن تي اصفاشاهه، ٻئي تي عروج ۽ ٽئي پوزيشن تي ڀاونا ڪمل جڏهن ته ٽيبلوزجي مقابلن ۾ پهرين نمبر تي سنڌ گرامر هاءِ اسڪول قاسم آباد ، ٻئي نمبر تي عقيل برائيٽ اڪيڊمي قاسم آباد ۽ ٽئي نمبر تي قائمخاني ميميوريل هاءِ اسڪول ٽنڊو الهيار اهڙي ريت بهتر سائنسي اوزارن جي نمائش تي پهرين پوزيشن تي سنڌ گرامر هاءِ اسڪول قاسم آباد، ٻئي نمبر تي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۽ ٽئي نمبر تي ايواز اڪيڊمي حاصل ڪئي جڏهن ته بهترين تصوير ٺاهڻ تي عضير عيسيٰ، اقراءَ غني، محمد ماز ابڙو ۽ مونا گوپانگ کي شيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو

    واه سائين ممتاز، معلوماتي ليک ونڊ ڪيو اٿوَ، هاڻ زمانو ڪجهه ترقي ڪري ويو آهي، آهستي، آهستي ٽي وي، ڊش ۽ هاڻ ڪمپيوٽر ڪم آسان ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔ اسان ته گل ڦل پڙهي خوش ٿيندا هئاسون پر اسانجا ٻار هاڻ ڪتاب گهٽ، باقي ٽي وي تي ڪارٽون ۽ نيٽ تي پڻ ٻاراڻيون ڳالهيون ڳولهي ٿا لهن ۔۔۔ ڪمپيوٽر جي ذريعي اسڪيچ ٺاهڻ ۽ تصويرون ٺاهڻ وغيره ۔۔۔ اسانجو زمانو اسانجو هيو ۽ هاڻي جون ڳالهيون وري هاڻي جي ضرورت آهن ۔۔۔

    رنگ آهن جي هلن پيا ۔۔۔

    لک ٿورا ۔۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ٻاراڻو ادب۔۔۔ ۽ ان تي ٿيل ڪم جو جائزو

    ادا ابڙا صاحب توهان صحيح پيا چئو، ته اڄوڪي ٻارن لاء ڪمپيوٽر آساني ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻار ڪتابن کان وڌيڪ ڪمپيوٽر ۾ دلچسپي رکن ٿا، ​
     
    اياز علي لغاري هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو