• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بندڱي جو باب

جواب: بندڱي جو باب

ادا امين سمان توهان جا ڪهڙا ٿورا مڃان جو منهنجي هن ڌرتي جي شاعري کي وڊيو جو شڪل ڏنو قسم سان مان ان لائق بلڪل ڪونه آهيان بس هن ڌرتي جو هڪڙو خبر ناهي ٽي يا چوٿين درجي جو ننڍڙو پتڪڙو ڪوي توهان دوستن جون مهربانيون آهن جو مونکي الائي ڇا مان ڇا بنائي ڇڏيو اٿو۔ مان توهان جو ٿورائتو آهيان توهان جا اهي ٿورا وسارڻ جهڙا ئي ڪونه آهن ۔ مان ته قسم سان توهان جو قرضي ٿي پيس الائي ڪيئن توهان جي ٿورن جو اهو قرض لاهي سگهندس۔ بس يار دعائون ڏئي ٿو ڇڏيان ته شل جڙيو هُجين۔
 
جواب: بندڱي جو باب

سنڌ جي حب جو معراج جو شاعر ”ناز“ ان کي دين ۽ ڌرم مڃي ويٺو آهي، ڇو نه جڏهن ڌرتي ماءُ ڌارين جي اک ۾ هجي ۽ قوم غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هجي ته پوءِ قوم جي آزادي ئي ڌرم ٿيو پوي ۔۔۔

سهڻو بلاولي آواز، مٿان وري امين سمي صاحب جي منظر نگاري ۔۔۔ واه واه اصل قرب ٿي ويا ۔۔۔ سرمد سنڌيءِ سان گذريل اهي شامون ياد اچي ويون جڏهن ڪينيا هاسٽل جي ڇت تي رات جو تارن هيٺان ويهي سنڌ جي سڳنڌ ۾ سنڌ جا آزار ڳائي ويهي وچن ڪندا هئاسون ۔۔۔

نيٺ ته ڊهندي ڪيسين رهندي ۔۔۔۔ انشاء الله
 
Back
Top